سنڌ جي هارين جو مسيحا، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    سنڌ جي هارين جو مسيحا: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
    فقير محمد سنڌي
    تاريخ جي ڪتابن، مذهبي ڪتابن ۽ فلسفين اهو ئي چيو آهي ته، زندگيءَ تي موت حاوي آهي، ۽ ان کي فنا ٿيڻو آهي، بقا آهي ته خدا جي ذات کي آهي، پر ڌرتي جي گولي تي رهندڙ جيستائين زندگي آهي ته پوءِ عشق جي بقا جو سفر نھايت ئي اوچو مقام رکي ٿو. ٿورا انسان آهن جيڪي هن ڌرتيءَ جي گولي تي زندگيءَ جو سفر سڦلائتو ڪري پنھنجي ڪردار ۽ عشق تي بقا جي زندگي بخشين ٿا. اهڙو ئي هارين جو مسيحا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 7-آڪٽوبر 1901ع ۾ ڳوٺ بکي ديري تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ذهين انسانن جي پرک ٻاروتڻ واري زندگيءَ مان ئي اندازو ٿي ويندو آهي ته هن ۾ خداداد صلاحيتون موجود آهن. اهي ساڳيون خوبيون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۾ نمايان نروار تڏهن ٿيون جڏهن ڪامريڊ سنڌي فائينل جو امتحان ڏئي پھريون نمبر هجڻ جو اعزاز پنھنجي نالي ڪيو. اهڙي ريت حيدر بخش جتوئي سنڌ مدرسه لاڙڪاڻي ۾ ثانوي انگريزي تعليم حاصل ڪئي.
    ڏاهن چيو آهي ته ذهانت به ڪنھن کي نصيب ٿيندي آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مئٽرڪ چند سالن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ڪري ڊي.جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو رخ ڪيائين. 1927ع ۾ بي.اي امتياز سان فارسي ۾ بمبي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. تعليم سان گڏوگڏ 1928ع ۾ سرڪاري نوڪري تي فائز ٿيو. ڪافي شھرن ۾ سرڪاري نوڪريءَ جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. پر جدوجھد ڪرڻ واري انسان کي نوڪري جي پابندي ڪٿي ٿي سڪون بخشي سگهي. نيٺ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽر واري پوسٽ کي 1945ع تي هارين جي حقن لاءِ قربان ڪري سڌو سنئون هاري تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو.
    دنيا ۾ توڙي جو وڏو ۽ اصل مسئلو بک ئي آهي پر جنھن قوم ۾ ليڊرشپ آهي انهن وٽ بک ڪابه اهميت نٿي رکي. اهو ان لاءِ ته ليڊر، رهبر ۽ رهنما پنھنجي قوم کي ڪڏهن به بک مرڻ نه ڏيندا آهن. اهو ايئن ته دڳ لاهيندڙ هر وقت سونهون هوندو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين، آبادگارن جو سونهون ليڊر هو، هاڻي ته ڪامريڊ جھڙا محبِ وطن رهنما هارين کي ورلي به ڪونه ٿا ملن. تنھنڪري ته سنڌ جي زراعت تباهيءَ ڪناري پھتل آهي. هاڻي جا آبادگار نفسياتي طور پريشان حال آهن. هاري ۽ آبادگار جي زندگي مشڪل ترين ٿي گذري. زراعت جي ميدان ۾ طاقتور قوتون حاوي آهن. ان لاءِ ته شاهه لطيف فرمايو: ”ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو.“
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو، هارين جو محبوب اڳواڻ، سنڌ جو خوبصورت شاعر ۽ سياست ۾ ديده دلير انسان هو. دنيا جھان جي سياست کان به خوبي واقف هو. اهڙا خيال سندس شاعريءَ ۾ نمايان ملن ٿا. ائـٽم بم تي لکيل سندن نظم:
    اُٿو جاڳو آدمزاد! ڪريو ائٽم بم برباد،
    انسانيت زنده باد! زنده باد اَمن و سلام!
    هيروشيما ناگا ساڪي!
    يا وري سنڌ پياري! نظم جو ڪجهه حصو پڙهو:
    سلامت سنڌين سان سنڌ پياري!
    سلامت راحتِ جان، سنڌ پياري!
    سدا خوش حال، خندان، سنڌ پياري!
    سدا سر سبز، شادان، سنڌ پياري!
    تون پنھنجي جند ۽ جان، سنڌ پياري!
    ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!
    اهڙي طرح هاري جو زمانو نظم جا شروعاتي بند:
    سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري
    قوم جا هار ۽ سينگار ۽ زيور هاري
    تنھنجي احسان جي هيٺ آهه بشر هر هاري
    ٿيا زمانو ۽ زمين تنھنجا ثناگر هاري.
    قوم ساري ٿي هينئر ڳائي ترانو تنھنجو،
    اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنھنجو.
    گذريل دور کان وٺي اڄ تائين، تتل سج جي هيٺان هاري ۽ مزدور لوڙي ٿو پر مدي خارج سوچ رکندڙ سماج ڏينھون ڏينھن هاريءَ جي زندگي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهي. ان نانگ جھڙي سماج کي اها سڌ ڪونهي ته هاريءَ جو موت سڄي سماج جو موت آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هن ٻوساٽيل سماج ۾ هاريءَ کي ڪٿي به اڪيلو ڪونه ڇڏيو، ايتري تائين جو تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيائين، پر هاريءَ جو ڀاءُ ٿي بيٺو. هر وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو قلم هارين جي ساٿ لاءِ لکندو رهيو. ڪيترائي پمفليٽ، ڪتاب ۽ شاعري وسيلي هارين کي سجاڳ ڪندو رهيو. جنھن ۾ تحفئه سنڌ، آزادي، قوم، هاري انقلاب، زميندار شاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما ناٽڪ لکيو. هاري گيت، هاري ڪھاڻيون، ون يونٽ ۽جمھوريت انگريزي تان ترجما ڪري به هارين کيسجاڳ ڪيو.
    سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز ڄڻ حيدر بخش جتوئي لاءِ هيءُ لکيو ته:
    ڪٿي ته ڀَڃبو ٿَڪُ مسافر، - ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪُ .
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو، ”جسٽس منير جي فيصلي خلاف ڊيموڪريسي ۽ جسٽس آف دي چيف جسٽس لکيو ۽ ”سنڌ جي زمينن جو حقدار ڪير“ ۽ ”سنڌ مٿان ڍلن جو بار“ ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکيا جن ذريعي حڪمرانن جي اوگهڙ ٿيندي رهي ، جنھن ڪري هن تي ملٽري ۽ سول ڪورٽن ۾ بغاوت جا ڪيس هليا ۽ کيس سزائون مليون. جڏهن به حيدر بخش جتوئي ٻاهر رهيو پنھنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ رهيو. نه پاڻ آرام ڪيائين نه حاڪمن کي آرام سان ويهڻ ڏنائين ۽ نه دوستن ۽ ساٿين کي ٿائينڪو ٿي ٿڌو ٿي ويھڻ ڏنائين يا ساهي کڻڻ ڏنائين.“
    چون ٿا، هر حال ۾ وفادار رهڻ شاهه لطيف وٽ عشق جو ستون اصول آهي. ان صول تحت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ پنھنجي زندگي گذاري. نيٺ موت اچڻو هو سو آيو پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي زندگي تي حاوي ٿي ويو پر ڪردار کي جيستائين دنيا قائم آهي حاوي ٿي نه سگهندو. جسماني طور باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي 21- مئي 1970ع تي منجهند جو 3-وڳي آخري ساهه کنيو، کيس غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبره جي ٿلهي تي دفنايو ويو.
    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي آخر ۾ ڀيٽا طور مھاوير جون ڪجهه سِٽون:
    ”جيئن هڪ پن جو وقت گذري ٿو وڃي،
    ۽ اُهو مرجهائي سڪي ٿو وڃي،
    ۽ وڻ مان ڇـڻي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿو،
    ايئن ماڻهوءَ جو جيون آهي،
    گوتم نِتَ چَؤڪس رَهُه !“
    ”جيئن گاهه جي پتيءَ تي ماڪ ڦڙو،
    رڳو هڪ گهڙي رهي ٿو،
    ايئن آهي ماڻهوءَ جو جيوَن،
    گوتم نِتَ چؤڪس رهه!“
    ”ڇو ته آتما پنھنجيءَ ويسرائپ ۽ بيپرواهيءَ
    جي ڪري پيڙا سھي ٿي،
    تِرلوڪ ۾ ڦيريون پائيندي وڃيٿي،
    گوتم، نِتَ چؤڪس رهه!“
    ***
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو