• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عيد اڳينءَ تي آئين نه جاني هيءَ ته عيد ڪرائين ها. شاعر: عبدالستار سيوهاڻي

عيد اڳينءَ تي نه آئين جاني

عـيـد اڳـينءَ تـي نه آئـين جـاني، هِــيءَ تـه عـيـد ڪـرائـيـن ها،
ڏيـنـهـن وڏو آ خـوشيءَ جـو اَڄ، عـيـد جــو ڀــاڪـر پـائـيـن ها.

مجـبـوري ڪهـڙي آهـي تـوکـي، ٻڌاءِ کڻي تون کولي مون کي،
عيد جي ڏينهن اِنڪار ڪري تُون، جِگر نه منهنجو جلائين ها.

ٻـڌاءَ ڪنهن ڪو چـوري ڇڏي يا، لالچ لوڀ جـي ٿِـي پـيـئي ڪا،
اگـر ڪمي ڪا توکي ڏني مــون، کولي تون مون کي ٻڌائين ها.

”عبدالستار“ کـي ايئن نه ڇَڏيـن هـا، وقـت پــراڻـو يـاد ڪـريـن ها،
سيوهاڻي چئي هُونئن ايـندو آهين، عيد نه مون سان ملهائي ڪا.​
 
Back
Top