عيد اڳينءَ تي آئين نه جاني هيءَ ته عيد ڪرائين ها. شاعر: عبدالستار سيوهاڻي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالستار سيوهاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2020۔

  1. عبدالستار سيوهاڻي

    عبدالستار سيوهاڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏1 اپريل 2020
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سعودي عرب ۾ نوڪري
    ماڳ:
    ڳوٺ رسول بخش رودناڻي، تعلقو سيوهڻ، ضلعو ڄامشورو
    عيد اڳينءَ تي نه آئين جاني

    عـيـد اڳـينءَ تـي نه آئـين جـاني، هِــيءَ تـه عـيـد ڪـرائـيـن ها،
    ڏيـنـهـن وڏو آ خـوشيءَ جـو اَڄ، عـيـد جــو ڀــاڪـر پـائـيـن ها.

    مجـبـوري ڪهـڙي آهـي تـوکـي، ٻڌاءِ کڻي تون کولي مون کي،
    عيد جي ڏينهن اِنڪار ڪري تُون، جِگر نه منهنجو جلائين ها.

    ٻـڌاءَ ڪنهن ڪو چـوري ڇڏي يا، لالچ لوڀ جـي ٿِـي پـيـئي ڪا،
    اگـر ڪمي ڪا توکي ڏني مــون، کولي تون مون کي ٻڌائين ها.

    ”عبدالستار“ کـي ايئن نه ڇَڏيـن هـا، وقـت پــراڻـو يـاد ڪـريـن ها،
    سيوهاڻي چئي هُونئن ايـندو آهين، عيد نه مون سان ملهائي ڪا.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو