پاڪستان جي تاريخ جا، وڏا فضائی حادثا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    اڄ جي نور سنڌ اخبار ء حق سچ نيوز اخبار م چپيل منھنجو آرٽيڪل

    24/5/2020

    پاڪستان جي تاريخ جا، وڏا فضائي حادثا

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    اسلامي جھموريہ پاڪستان جي تاريخ م، ماضي کان وٺي اڄ تائين، ڪافي سارا فضائي واقع رونما ٿي چڪا آھن. جنھن نتيجي م ھزارين انسان پنھنجين حياتين تان ھٿ کڻي ويٺا آھن. پر ڪجھ اھڙا بہ پاڪستان جي تاريخ م، فضائي حادثا رونما ٿيا آھن. حالانڪ انھن حادثن کي پڌرو ٿيندي ڪيترا ئي سال گذري چڪا آھن. پر انھن حادثن کي اڄ تائين پاڪستان جي عوام وساري نہ سگھي آھي.
    اسلامي جھموريہ پاڪستان جي عوام لاء 22 مئي وارو ڏينھن، بہ ڪنھن منحوس ڏينھن کان گھٽ نہ آھي.
    ھن تازي رونما ٿيل واقعي. ھڪ دفعہ ٻيھر ماضي جون ڪجھ منحوس يادگيريون ياد ڏياري چڏيون. ماضي جي حادثن م عام انسانن سان گڏ، ڪي اھڙا بہ اسان جو ھيروز انھن حادثن جو شڪار ٿيا آھن. ء انھن ھيروز جي شھادتن اسان جي ھانو کي ڏاري چڏيو. جن کي اڄ تائین اسان وساري نہ سگھيا آھيو.
    پنجاپ صوبي جي گادي واري شھر لاھور کان، سنڌ صوبي جي دل شھر ڪراچي م اچڻ وارو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز، (pia) جو مسافر جھاز ٽيڪنيڪ جي خرابي جي ڪري، تباھ ٿي ويو
    ليڪن انھي حادثي کان پھريان، بہ پاڪستان جي تاريخ م کوڙ سارا فضائي حادثا رونما ٿي چڪا آھن.
    ھاڻ اچو تہ ڪجھ ماضي م رونما ٿيل حادثن جي طرف نظر ڦيرايو.
    اسلامي جھموريہ پاڪستان جي تاريخ جو، پھريون ھوائي حادثو، ٻاھرين ملڪ م 20 مئي 1965 م پيش آيو. ان حادثي جو شڪار ٿيڻ وارو جھاز، PIA جي فلائیٽ نمبر 706 بوئنگ نمبر 720. جيڪو براستہ قاھر لنڊڻ جي افتتحاحي روٽ تي ھو. اھيو جھاز قاھرا ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪرڻ وقت تباھ ٿي ويو، انھن حادثي م 124 ماڻھون پنھنجي حياتين تان ھٿ کڻي ويٺا، جنھن م 22 صحافي پڻ شامل ھئا.
    ٻيو حادثو.
    6 آگسٽ 1970 م پيش آيو. فوڪر طيارو جيڪو اسلام آباد مان بلند ٿيو، ء تيز طوفان جي وڪڙ م اچي ويو، ء راولپنڊي کان ياراھن ڪلو ميٽر پري راوت جي مقام تي ڪري پيو، انھي حادثي م 30 افراد پنھنجيون جانيون ضايع ڪري ويٺا.
    ٽيو حادثو.
    8 ڊسمبر 1972 م پيش آيو. فوڪر طيارو FA27 فلائنٽ نمبر 631. جيڪو اسلام آباد مان اڏرڻ کان بعد م بلڪوٽ جي ويجھو ڪري، تباھ ٿيو، جنھن جي نتيجي م 31 افراد پنھنجين حياتين تان ھٿ کڻي ويٺا.
    ڇوٿون حادثو.
    26 نومبر 1979 م پيش آيو. PIA جو جھاز بوئنگ نمبر 707 فلائنٽ نمبر 740. ھي طيارو جدہ ايئرپورٽ کان حاجين سڳورن کي وطن عزيز پاڪستان واپس کڻي اچي رھيو ھو، تہ طائف جي قريب، جھاز جي ڪيبين کي اوچتو باھي لڳي وئي، ء جھاز سڙھي تباھ ٿي ويو، جنھن جي نتيجي م 12 ورڪن سميت 145 حاجي مسافر، پنھنجين زندگين تان ھٿ کڻي ويٺا، ھي حادثو پاڪستان جي تاريخ م ھڪ وڏو حادثو شمار ٿي ٿو.
    پنجو حادثو.
    23 آڪٽومبر 1986 م پيش آيو. PIA جو فوڪر جھاز FA 27، پيشاور جي قريب ڪري تباھ ٿيو، ھن جھاز م سوار 54 مسافرن مان 13 مسافر پنھنجي زندگي مان ھٿ ڌوئي ويٺا.
    ڇھون حادثو.
    17 آگسٽ 1988 م پيش آيو. آمريڪي ساختہ ھر ڪوليس C-130 فوجي طيارو بھاولپور جي ويجھو ڪر تباھ ٿيو، جنھن جي نتيجي م اسلامي جھموريہ پاڪستان جي صدر جناب محمد ضياء الحق ء ھڪ سفير سميت 30 فوجي جرنل پنھنجين قيمتي زندگين تان ھٿ کڻي ويٺا.
    ستون حادثو.
    25 آگسٽ 1989 م پيش آيو. PIA جو فوڪر طيارو PK .404 جيڪو گلگلت جي قريب برفي پھاڙن م گم ٿي ويو. 21 سال گذرڻ جي باوجود بہ ھن جھاز جو ملبو ء مسافرن جا لاش نہ ملي سگھيا آھن ء طياري جي ڳولا لاء 72 امدادي مشنيون پڻ موڪليون ويون. پر اھي ڳولڻ م بلڪل ناڪام ويون. ء توھان جي اڳيان اھيو بہ واضع ھجڻ گھرجي، تہ طياري جي ايئر ڪرافٽ ريڪارڊ آفيس ء ٻين ادارن مسافرن جون لاشون ء جھاز جو ملبو نہ ملڻ جي ڪري، انھي رونما ٿيل حادثي کي اڄ تائین حادثو تسليم نہ ڪيو آھي.
    اٺون حادثو.
    28 ستمبر 1972 م پيش آيو، PIA جي ايئربس A 300 فلائنٽ نمبر 268، نيپال جي گادي واري شھر کٽھمنڊو جي فقط ڪجھ منٽن جي دوري بادلن سان ڊڪيل پھاڙن سان ٽڪرائجي پيو، ء مڪمل تباہ ٿي ويو، جنھن جي نتيجي م ورڪرن جي 12 افرادن سميت 155 مسافر پنھنجيون جانيون ضايع ڪري ويٺا. ھي حادثو بہ پاڪستان جي تاريخ م ھڪ وڏو حادثو شما ٿي ٿو.
    نائون حادثو.
    پاڪ فضائیہ جو فوڪر طيارو ڪوھاٽ جي قريب ڪاري دھند جي سبب تباہ ٿيو، جنھن جي نتيجي م پاڪ فضائیہ جي سربراہ ء سندس گھرواري سميت 15 افراد پنھنجي زندگي تان ھٿ کڻي ويٺا.
    ڏھون حادثو.
    جولاء 2006 م پيش آيو. PIA جو فوڪر تيارو فلائنٽ نمبر ھوام اڏرڻ کان ڏھن منٽن جي قريب ملتان جي ويجھو ڪڻڪ جي فصل م ڪري پيو. جنھن جي نتيجي م ورڪرن جي 4 افرادن سميت 41 مسافر پنھنجيون جانيون ضايع ڪري ويٺا. ھن حادثي جي وجھ فني خرابي کي قرار ڏنو ويو.
    يارھون حادثو.
    28 جولائي 2010 م پيش آيو. نجي ايئر لائن ایئر بلو جو جھاز جیڪو اسلام آباد جي ويجھو، شمال مشرق م مارگلہ جي پھاڙن سان ٽڪرائجی پيو. جنھن جي نتيجي م ورڪرن جي 6 افردان سميت 152 مسافر پنھنجين زندگين تان ھٿ کڻي ويٺا.
    ٻارھون حادثو.
    20 اپريل 2012 م پيش آيو. پاڪستان جو بھوجا ايئر بوئنگ نمبر 737 طيارو، ڪراچي کان اسلام آباد ويندي حادثي جو شڪار ٿيو، جنھن جي نتيجي م ورڪرن جي 6 افرادن سميت 121 مسافر پنھنجيون جانيون ضايع ڪري ويٺا.
    تيرھون حادثو.
    پاڪ فوج جو ھيلي ڪاپٽر وادي گلگت م تباہ ٿيو. جنھن م ناروي، فلپائن، انڊونيشياہ ء ملائیشين سفير سميت 8 افراد پنھنجيون قيمتي جانيون ضايع ڪري ويٺا.
    چوڏھون حادثو.
    ڊسمبر 2016 م پيش آيو. پاڪستان PIA جو طيارو، جيڪو چترال کان اسلام آباد مسافر کنيو ويو پئی، جيڪو حويليان جي قريب تباہ تباہ ٿيو. جنھن جي نتيجي م معروف ء مشھور نعت خوان جنيد جمشيد سميت 48 مسافر پنھنجين زندگين تان ھٿ کڻي ويٺا.
    پنڌرھون حادثو.
    30 جولاء تي پيش آيو. پاڪ فوج جو طيارو راولپنڊي جي علائقي م ڪري تباہ ٿيو، جنھن جي نتيجي م 7 افراد جان بحق ٿيا. آئی ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان موجب. پاڪستان آرمي ايوي ايشن جو طيارو ترتيبي پرواز تي ھو. تہ حادثي جو شڪار ٿيو، جنھن جي نتيجي م 2 پائیلیٽ ء پنج اھلڪار شھيد ٿيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو