اسلم گهراڻو نهالاڻي تحرير خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    اسان وٽ ڪجھ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي مفلسي ۽ غريبي جي ڪري مايوس نه ٿيا پر پنهنجي محنت سان منزل تي پهتا جن تي جيترو ناز ڪجي اهو ٿورو آهي اهڙن املھ هيرن مان اسلم گهراڻو نهالاڻي به هڪ آهي سندن والد الله بچايو غريب انسان هو جيڪو پنهنجي اولاد جي پيٽ ڀرڻ لاء مسجد اسڪول ۾ پيش امام هو ان کان سواء هڪ مٺائي جي دوڪان تي ڪم ڪندو هو جيڪو اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو .سندن خواب هو ته منهنجو اولاد منزل ماڻي اهو خواب ساڀيان ٿيو . پاڻ کيس ۽ کاڌي جا به ڪاريگر هئا .سندن فرزند اسلم جو جنم 15 مارچ 1969 ع تي ٿيو مئٽرڪ تائين نصرپور مان تعليم حاصل ڪئي بي ايڊ ۾ منهنجو ڪلاس فيلو هو پاڻ ڏينهن جو ڪاشي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو رات جو ڪافي دير تائين پڙهندو رهندو هو ڪميشن جي تياري ڪندو رهندو هو .جڏهن سرڪاري نوڪري ملي ته پاڻ پرائمري ٽيچر ٿيا سندن چاهت اڳتي وڌڻ جي هئي پاڻ لاڳيتو ڪميشن جي تياري ڪندا رهيا ان ۾ ڪامياب ويا ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار ۾ بحيثيت سنڌي جا ليڪچرار ٿيا جڏهن نصرپور ۾ ڪو ايڊيوڪيشن ڪاليج کليو ته پاڻ نصرپور آيا جتي هن وقت اسٽنٽ پروفيسر آهن .پاڻ سنڌي ۽ انگريزي جاماهر آهن ٻنهي مضمونن تي کيس عبور حاصل آهي پاڻ ڪڏهن به تڪبر ۽ وڏائي نه ڪيائون جيڪو اسلم سادو مزدور هو اهو ساڳيو سادو اسٽنٽ پروفيسر آهي پاڻ سماجي ڪمن ۾ به تمام گهڻو حصو وٺندا آهن جيڪو سنڌي جو ماهر آهي اهو ادب ۾ حصو نه وٺي ته اهاڳالھ ٺهي نه ٿي جڏهن پاڻ ڪميشن جي تياري ڪندا هئا تڏهن مضمون لکندا هئا اهي آئون خود عبرت .مهراڻ. سنڌنيوز ۽ آفتاب اخبار جي آفيس ۾ کڻي ويندو هوس سندن لکيل مضمون پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا .گرامر سنڌي جي هجي يا انگريزي جي هجي ان جا ماهر آهن .سندن اصول مدد ڪرڻ آهي پاڻ شاگردن دوستن جي مدد ڪندا رهندا آهن .اسان جو ساٿي اسلم نهالاڻي جيڪو هڪ پورهيت هو پورهيت جي پگهر جي خوشبوء عنبر مشڪ کان به وڌيڪ سٺي آهي اسان جو هي غريب ساٿي اڃا به ترقي ڪري اسان جي شهر تعلقي ضلعي برادري کي هن تي ناز آهي هن جي محنت جيڪا هن ڪئي آهي ان تي کيس سليوٽ آهي اسان جي دعا آهي هي ادان ساٿي سدائين خوش آباد هجي ۽ ترقين مٿان ترقيون ڪندو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو