امان الله دائود پوٽو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    امان الله دائودپوٽو اسان جو دوست هو پاڻ استاد به هئا . سماجي ورڪر به هئا .صحافت سان لاڳاپيل به رهيا پاڻ برسات اخبار جا نمائنده هئا پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪو مضمون لکي شايع ڪرائيندا هئا پاڻ تمام گهٽ مضمون لکيا آهن هي آرٽيڪل روزاني برسات ۾ سندن چهلم تي شايع ٿيو جنهن ۾ سندن بابت مختلف ويچار آهن

    سماجي تعليمي ادبي صحافتي شخصيت
    شهيد امان الله دائودپوٽو
    خادم گھراڻو

    وقت جو وهڪرو ائين گذري ويندو آهي جنهن جي ڪا به ڪل ڪانه پوندي آهي تڏهن ته هڪ شاعر وقت جي باري ۾ چيو آهي ته وقت چوي آئون بادشاهه وقت واقعي بادشاهه آهي جنهن جي وڃڻ وقت چرپر ۽ آواز جي ڪنهن کي به ڪل ڪانه پوندي آهي ته اهو ڪيئن گذري ويو .تنهن ڪري اهو چيو ويندو آهي ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو سڀاڻي ڇا ٿيندو سڀاڻي ڇا هوندو اڄ جيڪي اسان وٽ آهن اهي سڀاڻي هوندا يا نه هوندا اسان رڳو چونداسين ته ڪجھه پل پهرين ته اسان سان گڏ هو . خبر نه آهي ڪيئن جدا ٿي ويو . ائين اسان جو ساٿي شهيد امان الله به اسان کان ائين جدا ٿي ويو جو اسان کي اعتبار نه پيو اچي ته جنهن سان اسان ڪجھه پل پهرين ويهي روح رهاڻ ڪئي هئي اهو اسان جو ساٿي اسان کان جدا ٿي ويندو .هر ڪنهن ائين چيو ٿي ته ڪجھه پل پهرين سائين سان ملاقات ٿي هئي هاڻ اسان وٽ نه آهي . سائين جو جنم نصرپور شهر ۾ ڪريم بخش دائودپوٽي جي گھر ۾ پهرين فيبروري 1958 ع تي ٿيو پاڻ انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي هئي پهرين فيبروري 1977ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڀرتي ٿيا سال 1981ع ۾ پاڻ پي ٽي سي جو امتحان پاس ڪيو 52 سالن جي عمر ۾ 20 ربيع الاول 1432هجري بمطابق 25 جنوري 2011ع بروز اڱارو بوقت سوائي يارهين بجي جام شهادت پي امر ٿي ويا .هر موڪل جي ڏينهن آئون سائين جن وٽ دوڪان تي ويندو هوس اتي اخبار جي مختلف حوالن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا هئاسين . سائين جو تعلق ادب جي لکڻ سان نه هو پر کيس ان سان دلچسپي هوندي هئي اڪثر پاڻ مختلف ايڊيشن ڪڍڻ جي ڳالهه ڪندا هئا سندس تمنا هوندي ته ايڊيشن ڪڍجن ان ڪري پاڻ مون سان ڪافين جي بادشاهه مصري شاهه جي ميلي تي ڪامياب ايڊيشن ڪڍيو شاهه مراد جي عرس مبارڪ تي ايڊيشن ڪڍيو هاڻ سندن تمنا هئي ته شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني ۽ يارهين شريف تي ايڊيشن ڪڍجي .ان ڏينهن به آئون سائين جن سان گڏ ڪلاڪ کن هوس پاڻ مون سان مولانا عبدالحق رباني جي مواد جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ان جي تحقيق ڪريو جيئن اسان جي سنڌ واسين کي هن بزرگ بابت ڄاڻ ملي سگھي جيئن ته سائين جي هڪ عزيز مون کي فون ڪيو ته مٽياري هلڻو آهي ان ڪري سائين سان آئون موڪلائي مٽياري وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳس اها خبر نه هئي ته اها سائين سان آخري ملاقات ۽ آخري موڪلاڻي هوندي .وري سائين سان ڪڏهن به نه ملنداسين ڇو جو سائين جيڪا راهه وٺي ويو آهي اتان ڪير به موٽي نه آيو آهي اسان اڃا ڇنڊڻ ڪراس ڪئي ته محمد بچل چنا مون کي فون ڪري اها ڏک واري خبر ٻڌائي سائين هاڻ اسان ۾ نه آهي آئون هن وقت اسپتال ۾ آهيان سائين جو جسم خاڪي به اتي رکيل آهي .اسان کي اعتبار نه پيو اچي ته جنهن سان اسان ملي آيا آهيون اهو اسان کان ائين جدا ٿي ويندو پر چوندا آهن ته موت مهمان مينهن جو ڪوبه ٽائيم نه هوندو آهي ته اهي ڪنهن وقت ٿا اچن اسان نصرپور موٽي آياسين نصرپور جو سڄو شهر بند هو هن خوني واردات تي جيڪا مين بس اسٽاپ تي ٿي هئي ۽ اسپتال ۾ ماڻهن جو وڏو انبوهه هو جڏهن اسان اسپتال پهتاسين ته اسان کي ٻڌايو ويو ته سائين جو جسم خاڪي جنرل وارڊ ۾ آهي جتي سائين جا عزيز ۽ دوست بيٺل هئا هر اک آلي هئي هر اک ۾ لڙڪ هئا آهون ۽ دانهون هنيون . جڏهن اسان سائين جو چهرو ڏٺو ائين لڳو ته سائين هميشه وانگر مرڪي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته عوام جي پارت هجيو ڏاڍ خلاف جنگ جاري رکجو ظالمن کي جيئڻ نه ڏجو انهن جي خلاف جنگ جاري رکجو غريبن جي مدد ڪجو دهشتگردن جي ڏاڍ کان نه ڊڄجو غريبن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندا رهجو سائين جو جسم خاڪي ڪافي وقت اسپتال ۾ پيل هو ڇاڪاڻ ته پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد وڃڻو هو هو اهو ان ڪري جو چاليهه هزار آبادي واري يوسي نصرپور جي هن واحد اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم جي وارڊ جي ڇت ٽٽل هئي ان وقت هن اسپتال ۾ ايمبولنس به هئي جيڪڏهن ڪنهن سان ايمرجنسي ٿئي ته وڃي پنهنجي پرائيويٽ گاڏي ڪري اچي ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هن هيڏي وڏي يوسي جي اسپتال ۾ ايمبولنس نه آهي جيڪڏهن آهي ته اها ڪيڏانهن وئي هئي .سائين جو جسم خاڪي رات جو ٻارهين بجي سندس گھر پهتو جتي کين غسل ڏنو ويو ٻئي ڏينهن کين اباڻي قبرستان مخدوم مئيڏنو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ان ڏينهن به شهر بند هو هزارين ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هر اک آلي هئي هر طرف لڙڪ ۽ اوڇنگارون هنيون سائين جا فرزند ڀائر . بابو سليم ، محمد سومار ڇٽو ، گل دائودپوٽو ۽ ٻيا دل وارا دوست زارو زار روئي ر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو