رئوف ساحر جتوئي خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    رئوف ساحر جو تعلق هڪ غريب خاندان سان آهي سندن والد صاحب جو شوق سر سنگيت سان هو پاڻ اڏيرو لعل اسٽيشن تي اصفي اڪيڊمي ۾ استاد آهن اردو ۽ سنڌي جا بهترين شاعر آهن سندن لاء هي ڪجھ جملا پيش ڪجن ٿا

    نصر پور جو سنڌي اردو جو شاعر
    رئوف ساحر جتوئي
    خادم گھراڻو

    نصرپور جو هڪ اهڙو انسان جيڪو هڪ پورهيت هو پر هن کي مويقي سان چاھ هوندو هو . هر محفل ٿيندي هئي ان ۾ اهو نظر ايندو هو . اهو نصرپور جو انسان ساماڻو ولد سسعيد خان جتوئي هو . جيڪو الغوزو وڄائڻ جو ماهر هو ان سان گڏ موسيقي جو ماهر هوندو هو جيڪو بهترين ڌنون تخليق ڪندو هو . هن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ، ڪافين جي بادشاھ مصري شاھ ، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام پسند هوندو هو . هي پاڻ اڻپڙهيل هو هن جو فرزند هن کي انهن شاعرن جو ڪلام پڙهي ٻڌائيندو هو .هن جي ڪيترائي شاگرد هئا . هن 22 جنوري 1999 ع ۾ وفات ڪئي هن جي شاگردن اهو سلسلو قائم رکيو ساماڻو ميوزڪ سينٽر کوليو جتي ٻين کي سکيا ڏيندا هئا . هاڻي اهو بند ٿي ويو آهي . هن جا ٻه فرزند هئا . جن مان هڪ ادبي دنيا جي ميدان ۾ آيو . جنهن جو اصل نالو عبدالرئوف جتوئي آهي ادبي نالو رئوف ساحر جتوئي آهي .هن جو جنم نصرپور ۾ 20 جنوري 1987 ع تي ٿيو . پرائمري جي تعليم ۾ ايترو حاصر نه رهيو هن پرائمري جي تعليم مين سنڌي اسڪول نصرپور مان مڪمل ڪئي . هن ان جو سبب ٻڌايو ته منهنجو جسم ڪمزور هوندو هو ڌڪو کائڻ تي هڏ ٽٽي پوندو ڪافي علاج ڪرايو ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب عمر جي حصي سان اهو مصبوط ٿيندو وٽائمن جي کوٽ آهي .مئٽرڪ هن ريگيولر هائي اسڪول نصرپور مان 2005 ع ۾ ڪئي هن جا اتي پسنديده استاد مسيح الزمان پانڌياڻي ۽ محڪم الدين عمراڻي هئا هن جي چوڻ موجب انهن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي مون کي همت ڏياري منهنجو ساٿ ڏنو جنهن ڪري آئون مئٽرڪ ڪري ويس ) انٽر هائير سيڪنڊري اسڪول اڏيرو لعل اسٽيشڻ مان 2008 ع ۾ ڪئي .ادبي دنيا ۾ چوٿين درجي کان قدم رکيو جڏهن پاڻ شاھ لطيف ، سچل سرمست . مصري شاھ جي شاعري پنهنجي والد کي پڙهي ٻڌائيندو هو . ان سان ان ۾ مطالعي جو جذبو پيدا ٿيو ( هن ٻڌايو ته منهنجي مامي مولوي محمد عثمان جتوئي جي لائبرري هوندي هئي پاڻ ڀينڊي شريف مان پڙهيا هئا ان جي لائبرري ۾ 300 مختلف موضوعن تي ڪتاب هوندا اهي کڻي پڙههندو هوس جنهن تان مامو چوندو هو ته ڪورس جا ڪتاب پڙهه ) هن لکڻ جي شروعات همدرد نونهال سان آڌي ملاقات جي ڪالم سان ڪئي پوءِ ان ۾ وڌيڪ لکيو جيڪو شايع ٿيندو هو ( هن جي چوڻ موجب هن کي همدرد نونهال هڪ دوست ڏنو ان کي انٽر تائين مون پڙهيو ۽ ان ۾ لکيو ) هن جڏهن نونهال ۾ لکيو ڇپيو ته هن کي هڪ اعتماد مليو جنهن هن ۾ لکڻ جو شوق پيدا ڪيو . اردو ۾ لکڻ جي شروعات ڪري هن ڪافي اردو ۾ شاعري ڪئي ان کان سواءِ سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ به ڪئي آهي جيڪا فيس بوڪ تي هن اپلوڊ ڪئي دوستن هن جي شاعري کي پسند ڪيو . سنڌي ادبي سنگت نصرپور جي سيڪريٽري ريحان ابڙو ، سنڌي اردو پنجابي جي بهترين شاعر ڪهاڻيڪار استاد امين اڏيرائي همت افزائي ڪئي ( ساحر جي چوڻ موجب ) جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ٻارڙن جي ادب جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪندڙ محترم اسرار شام ٻرڙا پبليڪيشن جي نالي سان هو رسالو ڪندو هو جيڪو نصرپور ۾ شاگردن وٽ ايندو هو سنڌي ۾ اهو هن پڙهيو ان سان سنڌي ۾ به لکڻ شروع ڪيو .رئوف ساحر جتوئي شاعري جي ميدان ۾ باقاعده 2014 ع کان آيو هن هڪ سو تخليق اردو پنجاهه کن سنڌي ۾ شاعريون جون تخليقون ڪيون آهن ان کان سواءِ هن ڪافي نثر ۾ مض۾ون ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن .پاڻ ڪنهن به سياسي يا سماجي تنظيم ۾ باقاعده ميمبر نه رهيا آهن پر ادبي تنظيم ۾ نئين لاٽ نصرپور سان ادبي تنظيمن ۾ شامل ٿيا جيڪا نئين لاٽ پوءِ سنڌي ادبي سنگت ٿي جنهن جا هن وقت پاڻ ڪاروباري ڪميٽي جا ميمبر آهن هر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندا آهن هر دفعي شاعري جي نئين تخليق کڻي ايندا آهن . پاڻ شاعري جي گرامر علم عروض ۽ بحر وزن جا به ڄاڻو آهن . ڪيترن سينيئر ۽ جونيئر دوستن جي اصلاح ڪندا آهن .اردو شاعري ۾ پاڻ اسامه سرسري ، مزمل شيز بسمل کي پنهنجو استاد ڪري مڃيندا آهن . جڏهن سندن شاعري رسالن ۽ اخبارن ۾ نه ڇپي آهي ته ان جي باري سندن چوڻ آهي ته اڃا آئون سکڻ چاهيان ٿو هاڻي ڪوشش ڪري اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجو مواد موڪليندس .سندس پسند جا شاعر شيخ اياز ، مولوي حاجي احمد ملاح ، مير عبدالرسول سانگي ، شمس الدين بلبل ، احمد خان مدهوش سنڌي ۾ آهن اردو ۾ علامه اقبال ، غالب ، ناصر ڪاظمي ۽ فارسي ۾ مولانا رومي پسند جا شاعر آهن .هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها ڳالهه معلوم ٿي ته پاڻ اسڪول جي زماني ۾ ڪرڪيٽ راند به رهندو تيم جو ڪپتان به ٿيندو ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ هضو وٺندو هو .رئوف ساحر جتوئي جو اهو چوڻ آهي ته آئون خوش نصيب آهيان ته مون کي اهڙا دوست مليا آهن جن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ منهنجي همت وڌائي آهي . رئوف ساحر نصرپور جو هڪ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو