بي اي عزيز ڀٽي خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    بي اي عزيز ڀٽي نصرپور جو هڪ استاد ۽ اديب هو سندن هڪ لطيف ڊائري هوندي هئي جنهن جي هر صفحي شاھ لطيف جو بيت هوندو هو هي نصرپور جو هڪ وڏو استاد هو جنهن تعليم سان گڏ ادب جي به خدمت ڪئي پاڻ ٻڌايائون ته ادان ڀٽين ۾ ٻه عبدالعزيز هئا ٻئي استاد هئاسون ان ڪري مون پاڻ کي بي اي عزيز ڀٽي سڏايو سائين عبدالعليم ڀٽي سندن فرزند هو هڪ دفعي پريس ڪلب نصرپور ۾ آيا منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ان ملاقات ۾ ڪجھ ڳالهيون مون نوٽ ڪيون ڪجھ رهجي ويئي سائين سان اها ملاقات پهرين به هئي آخري به هئي ان بعد سائين جن نه مليا سائين جن گهر ۾ هوندا هئا سائين جو مڪمل انٽرويو ڪمپيوٽر ۾ هارڊ ڊسڪ سڙي وڃڻ سبب سڀ مواد ضايع ٿي ويو جنهن ڪري سائين جون بهترين ڳالهيون هٿن مان نڪري ويون لائبرري جي صفائي دوران هڪ پنو مليو جنهن کي ترتيب ڏئي هي مختصر مضمون تيار ڪيو اڄ سائين اسان ۾ نه آهي پر سائين جو ادبي دنيا ۾ نالو روشن آهي دعا آهي سائين جن کي رب پاڪ جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪري مون کي اهو افسوس ٿيندو آهي ته سائين جو هڪ به ڪتاب منهنجي لائبرري ۾ نه آهي ملي وڃن ته ڏاڍو سٺو ٿيندو جيئن انهن کي ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرائجي

    مرحوم بي اي عزيز ڀٽي جو آخري انٽريو
    خادم گھراڻو

    بي اي عزيز ڀٽي جو جنم نصرپور شھر ۾ 25 مئي 1930 ع ۾ ٿيو پاڻ ڪجھه سال اڳ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن پاڻ سنڌي ادب تعليم جي ڪافي خدمت ڪيائون .فائنل سنڌي 1948ع ۾ اردو 1956ع ۽ مئٽرڪ پرائيويٽ 1962ع ۾ ڪيائون 1956ع ۾ پرائمري استاد ٿيا 1981ع ۾ رٽائر ٿيا پاڻ نصابي ۽ غير نصابي ڪتاب 300 کان مٿي لکيا آهن شاعري به ڪئي جيڪا سندن چوڻ موجب گم ٿي وئي آهي 100 کان وڌيڪ سفرنامه لکيا ٻئين درجي کان ٻارهين درجي تائين گرامر جا ڪتاب لکيا 1972ع کان 1996ع تائين شاھ لطيف يادگار ڊائري به لکي جيڪا هاڻ بند ٿي وئي آهي پاڻ گلستان حيدرآباد جا پنج سال ايڊيٽر به رهيا 1950ع ۾ نصرپور مان هفتيوار رهبر سنڌ اخبار ڪڍي جنهن جا ايڊيٽر رهيا اها پنج سال هلي پوءِ بند ٿي وئي سندن ڪتاب قلندري ڪتاب گھر حيدر آباد ، آر ايڇ احمد حيدر آباد امن پيپر مارٽ حيدرآبادمان ڇپيا .جڏهن پاڻ حياتي هئا ته مون سندن هڪ اخباري انٽرويو ڪيو هو جنهن جو متن هتي شايع ڪجي ٿو . هن چيو ته شاگرد تعليم جي طرف ڌيان ڏين تعليم تي سياست جو ڪافي اثر آهي موجوده نصاب وقت جون گھرجون پوريون نٿو ڪري وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي وقت ۾ پنج سؤ روپيا وظيفو مقرر ٿيو هو جيڪو پ پ پ حڪومت ۾ بند ڪيو ويو هن ٻڌايو هو ته ٻه ڪهاڻين جا اڻ ڇپيل ڪتاب آهن جيڪي سگھه نه هئڻ سبب ڇپائي نه سگھيو آهيان ٻارن جي ادب جي باري ۾ ٻڌايو هو ته ٻارن جي لاءِ هڪ سؤ ڪهاڻيون عجب اسرار ،اسرار آزادي ڪتاب لکيا اسان وٽ ٻارن جو ادب گھٽ آهي گل ڦل کان سواءِ ٻارن جو ڪو به ڪتاب نه آهي هتي ٻارن جو ادب گھٽ ڇپجي ٿو هن اهو به ٻڌايو ته منهنجي خاندان ۾ ٻئي ڪنهن جو به ادب سان واسطو نه آهي منهنجو ڪتاب قيامت جو نظارو تمام گھڻو مشهور ٿيو هو ادبي ڪتابن ۾ علم جو خزانو نصابي ڪتابن ۾ انگلش ٽيچر مشھور ٿيا هن ٻڌايو هو ته مون ادب جي ڪافي خدمت ڪئي پر ان جو سلو نه مليو مون کي ڪوبه سرٽيفيڪٽ يا ايوارڊ نه مليو آهي 1984ع ۾ مون ڌڪو کاڌو سندن ٽنگ ڀڃي پئي جنهن کان پوءِ گھر مان گھٽ نڪرندو آهيان پ ٽ الف جي باري ۾ چيو ته ان ۾ اڳ وارو جوش نه آهي هن چيو سنڌي ماڻهو سنڌي اخبارون رسالا ڪتاب خريد نٿا ڪن انهن کي ڄڻ مادري ٻولي سان محبت نه آهي انهن کي اهي خريد ڪرڻ گھرجن پاڻ نصرپور جي اديبن کي ڏوراپو ڏنو ته انهن مون کي وساري ڇڏيو آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو