سچيڏنو گهراڻو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين سچيڏنو ولد حاجي محمد سومار گهراڻو هڪ بهترين استاد ۽ خطاط هئا سندن اکر ۽ لکت جو انداز اهڙو هوندو هو جو ڏسڻ سان دل خوش ٿي ويندي هئي پاڻ 18 آگسٽ 1964 ع کان 31 آگسٽ 1996ع تائين پرائمري استاد رهيا 50 سال جي عمر ۾ سروس ڪري رٽائرٿيا رٽائر مينٽ جي تاريخ جي حساب سان سندن جنم 31آگسٽ 1946ع آهي پاڻ ٽنڊوالهيار نصرپور ۽ ٻين اسڪولن ۾ پنهنجا تعليمي فرض پورا ڪيا آخري وقت ۾ ميمڻ محلا نصرپور ۾ هئا اتان رٽائر ٿيا پاڻ استادن جي نمائنده تنظيم پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن جا تعلقي ٽنڊوالهيار ۾ جنرل سيڪريٽري رهيا .جڏهن پاڻ جنرل سيڪريٽري هئا ته استادن جا ڪم گهر ويٺي بنا خرچ جي ٿيندا آهن ٽيچرس ڪوٽا تحت ڪيترن ئي استادن جي اولاد کي آرڊر ڏياريا جڏهن مونکي آرڊر مليو ته پاڻ مونکي پوسٽنگ واري جڳھ درياء خان مري تائين پهچايو سروس بوڪ ٺهرائي ڏنو . پاڻ هائي اسڪول خير محمد جروار ۾ به ڊيپوٽيشن تي ڊيوٽي ڪئي .جڏهن رٽائر ٿيا ته سندن مان ۾ پارٽي رکي ويئي رات جو پارٽي جي تياري ٿي رهي هئي ته خبر پئي سائين جن وفات ڪري ويا عجيب حيرت جي گهڙي هئي سندن وفات جي تاريخ8فيبروري 1998ع آهي جيڪي سائين جي لاء اجرڪون گهرايون ويون اهي سندن جسم خاڪي مٿان پيون جيڪي گلن جا هار هئا انهن مان چادر ٺاهي سندن مزار مٿان وڌي ويئي اها گهڙي اڄ به ياد آهي ڪڏهن نه وسرندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو