عبدالڪريم درس خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين عبدالڪريم درس منهنجو پهرين ڪلاس کان ٽئين ڪلاس تائين استاد رهيو .سائين جن بهادر دلير استاد به هئا ته هيڊ ماستر به ٿي رهيو پاڻ مين سنڌي اسڪول نصرپور ۽ ميمڻ محلا اسڪول جا هيڊ ماستر ٿي رهيا سائين جن مون کي اسڪول جو رڪارڊ ٺاهڻ به سيکاريو هو .سائين اهڙو بهادر هو جو جڏهن اسڪول جو فرنيچر آيو اهو زوري کڻائي آيو هو .سائين جي ڪرسي تي ڪنهن کي به ويهڻ جي همت نه ٿيندي هئي ميمڻ محلا اسڪول جيڪو ڪچي عمارت ۾ هلندو هو جڏهن 1990 جي برساتن ۾ خطرناڪ ٿي ويو ته سائين جن نئين عمارت ۾ شفٽ ٿي ويا . سائين جن کيس جا ڪاريگر هئا ڪڏهن ڪڏهن سائين جن شاعري به ڪندا هئا سائين جن کي ٽنگ ۾ زخم ٿيو جنهن ڪري سائين جن رٽائر ٿيا اهو زخم ڪئنسر جي صورت اختيار ڪري ويو .سائين جن ان کان پوء جلد پنهنجي شاگردن پيارن دوستن کي ڇڏي فاني دنيا مان باقي دنيا ڏانهن راهي ٿيا اڄ سائين جن اسان ۾ آهن پر سندن يادون زنده آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو