گهڻا وٺندين۔۔؟

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪاڪو آچار واندڪائيءَ‌۾ حجامڪو ڪم به ڪندو هو،
    هڪ ڏينهن هڪ گنجو ماڻهو وٽس ڏانهن آيو۔۔
    اي ڪاڪا آچار، منهنجي گنج ڪرڻ جا ڪيترا وٺندين۔۔؟
    ڪاڪو: بابا ! ڏهه رپيا ۔۔ بس فڪس ريٽ۔
    پر ڪاڪا هتي لسٽ ۾ ته تون 5 رپيا گنج ڪرڻ جا لکيا آهن۔۔؟
    ڪاڪو: بابا پنج رپيا تنهنجي ٽڪڻ تي وار ڳولڻ‌جا ۽ پنج رپيا وار ڪوڙڻ جا۔۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گهڻا وٺندين۔۔؟

    [​IMG]
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گهڻا وٺندين۔۔؟

    يار مست! ڏي خبر جي ادي ناز واري شاديءَ مان ڪاڪو آچار موٽيو هجي ته کيس ٿورڙو ترسائجوس متان وري لاڙڪاڻي نه هليو وڃي، سنڌ سلامت جي فقيرن، درويشن، مستن، مولائن ۽ موالين جي مٿي ۾ جوئون پئجي ويون آهن ۽ گرمي به ڏاڍي آهي، بجلي به ناهي سو سڀني فقيرن، مستن ۽ درويشن (مو سميت) جي ٽنڊ ڪرائڻي آهي ۔۔۔۔ سڄي سنگت جي ٽنڊ ڪرائڻ جا پئسا جي اڳواٽ کپن ته اوهان کيس ڏئي ڇڏجو، حساب ڪتاب اچي ڪبو ۔۔۔! ڀلا اسانجي فقيرن ۾ ڪو گنجو ته ناهي نه، جي گنجو هجي ته وارن ڳولهائيءَ جا پئسا پاڻ ڏيندو ۽ باقي اسان ڏينداسون ۔۔۔۔

    لک ٿورا ڪم ڪري ڇڏڻ جا ۔۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گهڻا وٺندين۔۔؟

    سائين توهان جي ادا ناز جي شاديءَ ۾ ته ڪاڪو ڪانڊيرو ويو اٿوَ۔۔ ڪاڪي آچار جو ننڍو ڀاءُ۔۔۔
    وڏو ڪو پيٽو اٿوَ۔۔۔۔ ڪاڪو ڪانڊيرو ۽ آچار پاڻ ۾ ٺهن ئي ڪونه۔۔۔ ڪاڪو ڪانڊيرو پنهنجي ڌيءَ‌ٻالي جو سڱ ڪاڪي آچار جي پٽ پپنو لاءِ ڏيڻ تي ضد ڪيو ويٺو هو پر ڪاڪو آچار ۽ پپنو اصل نابري واري ويٺا هئا۔۔ ڇو ته کين خبر آهي ته ٻالي لاءِ ڪنهن هڪ چڪيءَ‌جو اٽو پورو ڪونه ٿو پوي۔ ان لاءِ‌ست چڪين جو اٽو هڪ ڏينهن جي خوراڪ مس ٿو ٿئي۔۔۔ سو سندس ڊپ کان ته حيدرآباد واري فلور مل مالڪن پنهنجيون چڪيون بند ڪري ڪڻڪ اسٽاڪ ڪري ڇڏي۔۔ هاڻي ڏينهن جي بدران رات جي ويلي چڪي هلائين ٿا ته ڪٿي ٻالي يا سندس پيءُ‌نه اچي وڃي۔۔ هاڻي الله خير ڪري سائين نثار ناز ۽ سندس شهر ٽنڊي محمد خان جو۔۔ مان نه ٿو سمجهان ته ڪاڪو ڪانڊيرو ۽ سندس فيملي ٽنڊو محمد خان کي اٽو بخشيندا۔۔۔۔
    سو ڪاڪو آچار ويچارو حجامڪو ڪم ڪري سو ڪيئن اهڙي رڦ کي منهن ڏئي ٿي سگهيو ۔ سو ڀاءُ‌کي ڪاوڙائڻ مناسب سمجهيائين باقي اها آفت پنهنجي پپني لاءِ‌وٺڻ‌کان اصل پڙ ڪڍي بيهي رهيو۔۔ هاڻي نتيجو اهو جو ڪاڪو آچار ۽‌ڪاڪو ڪانڊيرو پاڻ ۾ ٺهن ڪونه۔۔
    ها باقي ڳالهه اها اٿوَ۔۔ جو ڪاڪو ڪانڊيرو ۽ ڪاڪو آچار ڏسڻ ۾ صفا هڪ جهڙا اٿوَ۔۔ اصل سيتا گيتا۔۔۔ مطلب ته رامو ۽ شامو وارو قصو اٿوَ۔۔۔ سو سائين نثار ناز جي پٽ‌جي شاديءَ‌تي مهينو پهرين اچي ڪاڪو ڪانڊيرو ترسيو اٿوَ۔۔۔ سندس عادت آهي ته شل نه ستن ڪوهن تي ڪو شاديءَ‌جو سڏ ٻڌي اصل ويلو ٽارڻ لاءِ‌وڃي اتي ڦهه ڪندو فيمليءَ‌سوڌو۔۔
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: گهڻا وٺندين۔۔؟

    واه سائين واه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو