ريحان ابڙو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    ريحان ابڙو جنهننجو اصل نالو محمود احمد آهي کيس علي به چوندا آهن پاڻ هائي اسڪول نصرپور ۾ جي ايس ٽي آهن ان کان اڳ پرائمري استاد هئا ايم اي سنڌي ايم ايڊ سندن تعليم مشهور اديب استاد پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو جا فرزند آهن .پاڻ علم عروض جاماهر آهن ادب ۾ بهترين شاعر ڪهاڻيڪار مضمون آهن پاڻ ٽي دفعا سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جون ذميواريون سنڀاليون آهن اسان جو پيارو بهترين ساٿي آهي محترم ارشاد ڪٽپر جو لکيل مضمون هتي پيش ڪجي ٿو

    نصرپور جو بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار
    ريحان ابڙو
    ارشاد ڪٽپر

    ( ريحان ابڙو جو اصل نالو محمود احمد ابڙو آهي سندن جنم نصرپور شهر ۾ 14 جون 1980ع تي ٿيو . سندن والد محترم پروفيسر برڪت علي ابڙو هڪ بهترين استاد ،ليکڪ ،۽ مترجم وغيره آهن . محمود احمد ابڙو جو ادبي دنيا ۾ نالو ريحان ابڙو آهي کين ادبي ماحول ڄڻ وراثت ۾ مليو آهي سندن والد محترم جو مٿن گھڻن اثر آهي .سندن والد ادبي دنيا جي ميدان ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهندا آهن . ريحان ابڙو پرائمري جي تعليم 1991 ع ۾ مين سنڌي اسڪول نصرپور مان حاصل ڪئي .1996 ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هائي اسڪول نصرپور مان پاس ڪيو . 1998 ع ۾ انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان بي اي 2007 ع ۾ ايم اي 2011 ع ۾ پي ٽي سي 2009 ع ۾ بي ايڊ 2010 ع ۾ ايم ايڊ 2012ع ۾ حاصل ڪئي . آگسٽ 2008 ع ۾ پاڻ هڪ پرائمري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ شامل ٿيا 2014 ع ۾ اين ٽي ايس جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ هائي اسڪول نصرپور ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيا . ريحان ابڙو جتي هڪ بهترين استاد آهي اتي هڪ بهترين شاعر ،ڪهاڻيڪار ، مترجم آهي . پاڻ ادبي ماحول جوڙڻ لاءِ نصرپور ۾ ادب دوستن سان ملي نئين لاٽ ادبي سنگت جو بنياد رکيو . سنڌي ادبي سنگت سان تعلق هئڻ ڪري نئين لاٽ کي سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور جو نالو ڏنو ويو ، ضلعي ٽنڊوالهيار جي پياري ادب دوست ساٿي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آڊيٽر فقير محمد انڙ جي رهنمائي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ٿيون جنهن ۾ پاڻ شاخ جا سيڪريٽري ٿيا سندن اڻ ٿڪ محنت ڪري هر دفعي هن عهدي تي دوستن کيس رکيو هن وقت به سنڌي ادبي سنگت شاخ نصرپور جا سيڪريٽري آهن . سندس تخليقون مختلف اخبارن رسالن ۽ فيس بوڪ تي شايع ٿينديون رهن ٿيون هيءُ واحد نصرپور جو شاعر آهي جنهن کي علم عروض تي دسترس حاصل آهي سينيئر شاعري به کانئن رهنمائي وٺندا آهن هي ايندڙ وقت جو هڪ وڏو نالو ٿيندو سندس تخليقن کي ڏسندي محترم ارشاد ڪٽپر جو هڪ مضمون جيڪو هڪ رسالي لوڪ مئگزين ڪراچي ۾ فيبروري 2015 ع ۾ شايع ٿيو اهو هتي پيش ڪجي ٿو جنهن مان ريحان ابڙو جي شاعري جي پروڙ پوي ٿي ته شاعري ۾ سندس خيال ڪيڏا نه بلندي تي آهن . خادم گھراڻو )
    ريحان ابڙي سان منهنجي واقفيت ۽ دوستي تقريبن 2 سالن کان فيس بوڪ تي ادبي ڪچهرين کان شروع ٿي مون به انهن ڏينهن ۾ شاعري شروع ڪئي هئي ۽ هڪ ٻئي سان ونڊ ڪندا هئاسين پر ان دوستي جي انجڻ پيارو عارف عمار هو جنهن چيٽ گروپ وسيلي مون کي ۽ ريحان ابڙو ، شيراز نائچ ، اڄڻ مشتاق . وفا رند ، بيڪس بلوچ ، ملزم سومرو ۽ ٻين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو . جيتوڻيڪ چيٽنگ گھڻو وقت هلي نه سگھي پر ريحان ابڙي سان دوستيءَ اسان کي ويجھو ڪري ڇڏيو . اسين پاڻ ۾ وڙهندا به آهيون پر پوءِ هڪ منٽ ۾ ۾ٺائي چپٽيءَ تي راضي به ٿي ويندا آهيون . ريحان هڪ تمام سٺي پڙهيل گھراڻي جو سلجھيل نوجوان آهي سندس والد محترم رٽائرڊ پروفيسر برڪت علي ابڙو پڻ ادبي لحاظ کان مضبوط قد ڪاٺ جو مالڪ آهي .ريحان شاعري سان گڏ علم عروض تي ته سوق سان توجھه ڏنو جو اڄ هو ان ۾ ڀڙ ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترائي دوست علم عروض ۽ علم قافيه باکانئس صلاح وٺندا اٿس . مان کيس سلام ڪندو آهيان ته هو شاگرد ٿي استادن جو استاد ٿي ويو آهي ڇو نه ٿيندو ! محنت جو ڦل ته ملي ٿو هر ڪنهن کي ! ريحان جي شاعري به گھٽ ناهي سندس خيالن جي اڏار هڪ طرف سادو مذهبي ته ٻئي طرف قومي دد ، سماجي نابرابريءَ جو احساس ۽ جماليت جي بهترين عڪاسي ڪري ٿي . عروضي لحاظ هن جي شاعري ۾ پختگي ته آهي ئي پر لفظن جي چونڊ دڪر ، تشبيهن ۽ استعارن جي لحاظ کان به هن جي شاعري ۾ ڏينهون ڏينهن نکار ايندو پيو وڃي . سندس شروعاتي ڪجھه شعرن جي خيال ۾ جھول به محسوس ٿين ٿا ، پر مجموعي طور دندس شاعري بهترين آهي هاڻي ته ريحان ڪهاڻيون ، مختصر ڪهاڻيون ۽ تبصرا به تمام سٺا لکڻ شروع ڪيا آهن . ريحان سنڌي ادبي سنگت جي سرگرم شاخ ٽنڊوالهيار جو سرگرم رڪن ۽ نئين جوڙيل شاخ نصرپور جو سيڪريٽري به آهي . جنهن مان خبر پوي ٿي ته ريحان ادب سان ڪيترو جڙيل آهي . سندس اردو شاعري به ايتري ئي سٺي آهي جيتري سنڌي .ريحان طبيعت ۾ فقير منش ماڻهو آهي ۽ ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍي . مثال طور سندس بيت آهي ته
    خلق جي خلل کان آنءُ ڊڄان ڪانه
    مالڪ مهربان تون جو سدا ساھ ۾
    ارڏا ۽ ڏکيا ڪم ڪرڻ ۾ کيس مزو ايندو آهي اوکا پنڌ به کيس مقصد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو