لونگ خان عاجز ڀاڻو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين لونگ خان عاجز ڀاڻو بنيادي طور پرائمري استاد هو گرامر جو ماهر هو پر ڊٽيلمينٽ تي هائي اسڪول نصرپور ۾ سنڏي پڙهائيندو هو سائين گرامر جو ماهر هو سائين استاد سان گڏ شاعر ناول نويس ڪهاڻيڪار هو سائين جو ناول نرالو نينهن هڪ ڏينهن نديم ڀاڻو ڏيکاريو جنهن کي ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي سپلوڊ ڪرايو اڄ به اهو ناول سنڌ سلامت books.sindhsalamar.com تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو اسان اڄ ادبي دنيا ٿورو گهڻو لکون ٿا ان لاء سائين لونگ اسان جي رهنمائي ڪئي سائين منهنجو استاد هو نم خان مهيسر ۽ خادم گهراڻو جو مضمون هتي پيش ڪجي ٿو

    نصرپور جو بهترين استاد سنڌ جو بهترين ڪهاڻيڪار
    ، ناول نگار ،مضمون نگار ، شاعر
    لؤ نگ خان عاجز ڀاڻو
    نم خان مهيسر

    ( هي مضمون سائين نديم ڀاڻو ڏنو جنهن کي ڪمپوز ڪري دوستن اڳيان پيش ڪيو ويو آهي . خادم گھراڻو )
    سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور ۾ ڪئين ولي بزرگ اولياءُ عالم فاضل درويش ، ڏاها علم وارا ،اڪابر ۽ وڏا اديب پيدا ٿيا آهن ۽ ڪيترا الله جا ماڻهو وري هن علم ۽ فضل واري شهر ۾ نقل مڪاني ڪري آيا هتي جي مٽي کي پنهنجو مسڪن بڻائي اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائون . نصرپور جنهن هڪ دريائي تڙ مان ترقي ڪري ايترو اوج ماڻيو ان ۾ ڪئين قومون آباد هيون جن جو اولاد اڄ به هن شهر ۾ مڪين آهي انهن مان ڀاڻو قوم به هڪ آهي جنهن قوم ۾ ڪيترائي بزرگ الله وارا پرهيزگار ۽ نيڪ مرد پيدا ٿيا آهن . انهن مان سائين لؤنگ خان عاجز ڀاڻو به آهي جيڪا شخصيت پڻ وڏي احترام جي لائَق هئي . پاڻ 05 اپريل 1938 ع ۾ هن مرڪزي شهر ۾ جنم ورتو سنڌي فائنل تائين تعليم پرايائون لکڻ پڙهڻ ۽ علم ادب سان دلچسپي هئڻ ڪري تعليم جهڙي پيغمبري پيشي سان وابسته ٿي ويا اٽڪل 27 سال پرائمري ۾ گلڙن جھڙن ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائون ۽ اٽڪل 17 سال ( ٽوٽل 44 سال ) نصرپور جي هاءِ اسڪول ۾ علم جي خدمت ڪندي روشني جي جوت جلائي ظلمت ۽ اونداهي کي تڙي ڪڍڻ ۾ تمام گھڻو جاکوڙيائون .پاڻ هڪ استاد جو پورو حق ادا ڪيائون جيئن معاشري ۾ انسانيت لاءِ استاد خدمتن ۽ سچاين جا مينار هوندا آهن ان لاءِ جو سندن خدمت بي لوث ۽ پيغمبرانه هوندي آهي استاد جي اک ۾ خواب هوندا آهن ته هو پنهنجي سيني ۾ سمايل علم اوتي ۽ ملت جي مستقبلن جي سينن ۾ منتقل ڪري اهوئي سبب آهي جو استاد کي پيءُ جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ روحاني ابو آهي عظمتن ۽ ڪاميابين جو هڪ اهڃاڻ آهي .
    سائين به اهڙي پيروي ڪرڻ مان هڪ آهي سائين هن علائقي جي غريب مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪئي سالن جا سال جيڪي ٻار امتحان پاس ڪري اڳين ڪلاس ۾ ويندا هئا انهن کان ڇڏيل ڪتاب وٺي انهن جي جلد بندي ڪرائي غريب ٻارڙن ۾ مفت ورهائيندا هئا . شاگردن جي فين وغيره ۾ مدد ڪندا هئا . اهڙا بي سهارا شاگرد هن وقت وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿي پنهنجي وطن عزيز جي خدمت ۾ پيش پيش آهن .سائين جن پرايا درد پنهنجا ڪري ڀائيندا هئا شل نه ڪنهن کي تڪليف يا پريشاني اچي اصل بي چين ۽ بي آرام بڻجي ويندا هئا سندن سيني ۾ آنڌ مانڌ ۽ لوري پئي هوندي هئي ته فلاڻو الائجي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪيئن هوندو جڏهن خيريت جي خبر پوندي هئن تڏهن سک جو ساھ کڻندا هئا اها انساني همدردي ۽ ٻين جو احساس هر ڪنهن دل ۾ نه هوندو آهي فقط اهل دل ۽ محبتي ماڻهو ئي اهڙا جذبا رکي سگھن ٿا .سندن گھڻو معالعو ۽ مختلف علمن جو اونهون اڀياس ٿيل هو شاھ لطيف ، مصري شاھ ۽ سنڌي ٻولي جي ته هڪ لغت هئا ڪنهن لفظ جي معنى پڇبي هئي ته پوري تشريح ڪري اشتقاقن سان ٻڌائيندا هئا شاھ سائين ۽ مصري شاھ جي رسالي تي کين عبور حاصل هوندو هو پاڻ شاھ سائين ۽ مصري شاھ جا حافظ هئا ڪچهرين ۾ اهل علم ماڻهن جي اڳيان شاھ لطيف ۽ مصري شاھ جا بيت انهن جي تشريح ۽ روحاني راز ۽ رمزون اهڙي ته منفرد انداز ۾ ٻڌائيندا هئا جو پاڻ کي لطيف سائين ۽ مصري شاھ جا پارکو سڏائيندڙ به ڏندين آڱريون ڏيئي سوچ ۾ پئجي ويندا هئا .پاڻ شاھ لطيف ۽ مصري شاھ تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيائون انهن جي شاعري تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکي نون نڪتن کي نروار ڪيائون سندن اهي لکڻيون ماهوار نئين زندگي ، مهراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن .سائين جن وٽ ڪوبه مسئلو ايندو هو ته ان کي حل ڪرڻ ۾ يا مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا .سائين ديني محفلن کي ترجيح ڏيندا هئا وقت ڪڍي اهڙين ڪچهرين ۾ باقائدي ويندا هئا پاڻ انهن محفلن مان تمام گھڻو فيض حاصل ڪندا هئا ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪندا هئا .امام السنڌ شيخ الحديث مولانا عبدالحق رباني ، منهنجي استاد مولانا عبدالرحمان قاضي ، نبض شناس حڪيم قاضي محمد بخش صاحب ۽ ميان حاجي احمد صاحب جن جي چوياري مشهور هوندي هئي انهن وٽ مدرسي ۾ صبح جو فجر نماز بعد درس ۽ تدريس جو سلسلو هلندو هو شهر جي علم وارن ماڻهن کان علاوه پوري هنڌ سنڌ مان مهمان ٿي آيل عالم محدث ۽ فقيهه ا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو