گل حسن دائودپوٽو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين گل حسن ولد عبدالرحمان دائودپوٽو نصرپور جو اهو استاد آهي جيڪو علم ورهائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو .سائين جن منهنجا پنجين ڪلاس ۾ استاد هئا گرامر سيکارڻ جا ماهر رياضي اهڙي ته سيکاري جو اڄ به نٿي وسري جتي سائين جن بهترين استاد هئا اتي بهترين مولودي هئا مولود شاعري جي صنف آهي جنهن جن بنياد شاھ عنات رضوي نصرپوري رکيو . سائين جن پاڻ به مولود جا شاعر هئا مولود لکندا هئا اهي مولود محفوظ آهن يا نه ان جي خبر نه آهي .سائين جن پنهنجي والد محترم وانگر کيس جا بج ڪاريگر هئا .جيڪو به استاد پنهنجي پيشي سان سچو آهي اهو وڃڻ کان پوء به زنده آهي سائين جي لقب سان سڏجي ٿو سائين گل حسن اڄ اسان ۾ نه آهي پر سندن ياد اڄ به سندن شاگردن جي دل ۾ آهي سائين جن مين سنڌي اسڪول نصرپور ۽ ميمڻ محلا پرائمري اسڪول جا هيڊ ماستر به رهيا اسان جي دعا آهي ته اسان جي استاد سائين گل حسن کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو