غلام محمد ابڙو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    منهنجو پيارو استاد سائين غلام محمد ابڙو جنهن جو هڪ اهم.مقصد آهي ته گرلس پرائمري اسڪول جيڪو هن وقت زبون حالت ۾ آهي اهو اسڪول ٺهي اتان پيارن پيارن نظمن جا آواز اچن

    نصرپور ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ استاد
    غلام محمد ابڙو
    خادم گھراڻو
    نصرپور شهر جي خوش نصيبي آهي ته هتي جتي عالمن استادن اديبن شاعرن پاڻ ملهايو آهي اتي اهڙا به استاد ٿيا جن کي هر وقت تعليم جو فڪر رهندو هو اهو به خاص نياڻين جي تعليم جو . نياڻين جي تعليم جي جدوجهد ڪندڙن ۾ غلام محمد ولد علي محمد ابڙو به هڪ آهي . سندن جنم نصرپور شهر ۾ 07 آگسٽ 1935 ع تي ٿيو . پرائمري تعليم مين سنڌي اسڪول نصرپور مان مرچو مل کان ورتائون ان وقت هن اسڪول جو هيڊ ماسٽر محترم چمن داس هو .. مئٽرڪ 1955 ع ۾ ايم اي 1966 ع بي ايڊ 1968 ع ۾ ايم ايڊ 1972 ع ۾ حاصل ڪيائون . تعليم کاتي ۾ اسٽنٽ ٽيچر 1956 ع ۾ نصرپور جي مڊل اسڪول ۾ مقرر ٿيا جيڪو 1961 ع ۾ هائي اسڪول ٿيو اتي مقرر ٿيا . 1992 ع ۾ کين پروموشن مليو ۽ گورنمينٽ هائي اسڪول بهار ميرجت ۾ هيڊ ماسٽر مقرر ٿيا اتان کان گورنمينٽ ها؟ي اسڪول خير محمد جروار جا هيڊ ماسٽر ٿيا جتان 1995 ع ۾ رٽائرڊ ٿيا پاڻ تعليم کاتي ۾ 38 سال درس تدريس سان لاڳاپيل رهيا .پاڻ ڪوآپريٽو سوسائيٽي ۾ شامل ٿيا جنهن ۾ اڃا به ميمبر آهن ان کان سواءِ اين جي او اين دبليو ايڇ ڊي او ۾ فنانس سيڪريٽري آهن .پاڻ ادب سان پڙهڻ جي حد تائين آهن لکيو نه آهي سندن پسند جي اخبار ڪاوش آهي جنهن کي 1996 ع کان خريد ڪندا اچن . سندن نصرپور جي واحد گرلس اسڪول جي لاءِ جدوجهد ڪنهن کان لڪل نه آهي اهو نياڻين جو اسڪول 1965 ع ۾ حاجي محمد عمر دائودپوٽي جي جڳهه تي هلندو هو اتي نياڻين کي حاجي محمد صالح دائودپوٽو ، محمد امين پانڌياڻي ، حاجي محمد عباس دائودپوٽو تعليم ڏيندا هئا جڏهن گرلس اسڪول جي عمارت ٺهي ته اسڪول اتي شفٽ ٿيو اتي فيميل ٽيچرس آيون 1992 ع جي سخت برساتن ۾ هن اسڪول جي عمارت کي نقصان پهتو اهو گرلس پرائمري اسڪول شام جي جي شفٽ ۾ گرلس حائي اسڪول ۾ شفٽ ڪيو ويو جتي هڪ سال هليو اتان پوءِ سنڌ ماڊل ڪميونٽي اسڪول ۾ شفٽ ڪيو ويو جتي هلي پيو . هن اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائڻ لاءِ پنهنجي خرڄ تي درخواستون لکي موڪليون تڪ ايم اين ۽ ايم پي اي کي چيو پر اسڪول جي عمارت نه ٺهي هن وقت اسڪول تباهه ٿيل بلڊنگ کي ڏسي افسوس ٿو ٿئي ته اسان جا سماجي ورڪر ڪٿي آهن جيڪي هن عمارت لاءِ ڪوشش ڪن ، سائين غلام محمد ابڙو جي خواهش آهي ته آئون هن بلڊنگ ۾ اسڪول هلندي ڏسڻ چاهيان ٿو ان لاءِ جيڪي سائين جا شاگرد آهن انهن کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيئن سائين آس راس ٿئي . سائين جن ميڊيا ي دوستن کي به چوندارهندا آهن . پر اڃا تائين ڪجھه به نه ٿيو آهي سائين جن هن جي لاءِ تمام گھڻي جدوجهد ڪئي . جيڪي سائين جن وٽ پڙهيا هوندا ته انهن کي خبر هوندي ته سائين جن وٽ جيڪو به علم ۽ ڄاڻ جو خزانو هو اهو سائين جن ٻين ڏانهن منتقل ڪيو . سائين منهنجو به استاد آهي اسان کي سائين رياضي ۽ اٺين ڪلاس ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر هو اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو . سائين وٽ سدائين شفقت ۽ محبت هوندي هئي سائين جن ڪافي شاگردن جي مدد به ڪندا هئا جن وٽ غربت جي ڪري ڪاپيون يا ڪتاب نه هوندا هئا . اسان جيترو به وقت سائين جن وٽ پڙهياسين اسان سائين جن کي ڪاوڙ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو سائين هن وقت به ملندو آهي ته سائين وٽان اهو ساڳيو شفقت ۽ پيار وارو وکر ملندو آهي سائين جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ سائين جي شاگردن کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي سائين جا شاگرد هن وقت ڪيترائي وڏن عهدن تي هوندا . اسان جي دعا آهي ته سائين سدائين خوش رهي سائين سدائين صحتمند رهي تعليم جي واڌاري خاص ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ جدوجهد ڪندو رهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو