سعد الله سپاهي ابڙو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين سعد الله سپاهي ابڙو جا ڪتاب عروس القران ۽ گلبهار ٻه معصوم مکڙيون سنڌ سلامت تي آن لائين آهن اتان ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿاbooks.sindhsalamat.com

    نصرپور جو شاعر اديب ،استاد ۽ ناول نگار
    حاجي سعدالله “ سپاهي ” ابڙو
    خادم گھراڻو
    نصرپور سنڌ جو هڪ اهڙو تاريخي شهر آهي جنهن جي سر زمين تي هر دور ۾ عالم اديب شاعر مفڪر جنم وٺندا رهيا آهن .جن جي ادب جي ميدان ۾ روشن يل لاٽ اڄ به چمڪاٽ ڪري رهي آهي اهڙن نالي وارن اديبن شاعرن مان پرائمري استاد حاجي سعد الله سپاهي ابڙو به هڪ آهي . سندن والد جو نالو گل محمد ابڙو هو سندن جنم نصرپور ۾ 07 جنوري 1925 ع تي ( شناختي ڪارڊ موجب ) ٿيو سندن وفات 23 جون 1997 ع ۾ ٿي . پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان 1937ع ۾ پاس ڪيو ان بعد 1943 ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا ٽريننگ اسڪول مير پور خاص ۽ سانگھڙ ۾ به ملازمت ڪيائون . جتي سائين جن هڪ بهترين استاد هئا اتي پاڻ ادب سان به وابسطه رهيا آهن . پاڻ مين سنڌي اسڪول نصرپور ۾ گھنو وقت درس تدريس ڏيندا رهيا . سائين جن گھڻو ڪري پنجون ڪلاس پڙهائيندا هئا . سائين جن ڪافي عرصو مين سنڌي اسڪول نصرپور جا هيڊ ماسٽر به ٿي رهيا . اهو ڪلاس تمام مشڪل هوندو هو . سائين جن وٽان علم جو جام پيئڻ وارا وڏن عهدن تي پهتا ،سائين جن 1985 ع تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيا . سائين جن ادب جي ميدان ۾ 1941ع ۾ آيا ان سال شاعري جي شروعات ڪيائون پنهنجي شاعري جي اصلاح علي محمد عاجز کان ورتائون . سائين جن نظم سان گڏ نثر ۾ به تمام گھڻو لکيو آهي . سائين جن شاهي بازار ۾ هڪ ننڍڙو دوڪان به هلائيندا هئا جتي ادب سان ذوق رکندڙ ساٿي سائين جن وٽ ايندا هئا پنهنجي اصلاح ڪرائيندا هئا . مشهور شاعر سليم گل ابڙو سائين سعدالله سپاهي جو تعليم جي ميدان ۾ به ته شاعري ۾ به شاگرد آهي سليم گل موجوده وقت جو بهترين شاعر آهي . 1961ع سائين جن هڪ ناول لکيو هو جنهن جو نالو گل بهار عرف ٻه معصوم مکڙيون جيڪو تمام مشهور ويو هو جنهن جي هڪ ڪاپي سائين جن جي فرزند شرجيل ابڙو وٽ محفوظ آهي . سائين جن عروس القرآن جي نالي سان سورة الرحمان جو پڻ ترجمو ڪيو هو . سائين جن هڪ پيار ڪندڙ ماڻهو هوندا هئا . سائين جن وٽ جيڪي به ايندا هئا ڪجھه نه ڪجھه حاصل ڪري ويندا هئا . سائين ادبي تنظيمن ۾ گھڻو حصو وٺندا هئا . سنڌي ادبي سنگت جا جيڪي اجلاس ٿيندا هئا انهن ۾ پنهنجي فرزند مرحوم خليل خرم سان گڏ شامل ٿيندا هئا سائين جن جو فرزند خليل خرم هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هوندو هو . هن وقت سائين جن جو فرزند امان الله ابڙو پڻ هڪ بهترين شاعر آهي . سائين جن جو هڪ ڪتاب ناٽڪن جو ڪتاب ٽيپو سلطان به لکيل هو . سائين جن جيڪي مضمون لکيا انهن ۾ معلومات جو خزانو هوندو هو جيئن نصرپور جو پهريون فوجي عملدار ، هوش محمد شيدي ، کيسانا موري وتايو فقير سنڌ جي تاريخ جو هڪ جھونو ورق ملڪهء سلطانه فخرالنساء زينب وغيره . سائين جا لکيل مضمون ۽ شاعري جيڪڏهن سائين جن جي وارثن وٽ محفوظ هجي ته اها انهن کي ڇپائڻ گھرجي جيئن اڄ جي دور جي ماڻهن کي انهن بابت ڄاڻ مهيا ٿي سگھي . سائين جن جتي نثر ۾ پاڻ ملهايو اتي شاعري ۾ ب پاڻ ملهايو . سندن شاعري ۾ قرب محبت جو ثمر ڀريل هوندو هو جيئن هڪ الوداعي نظم ۾ چيو اٿن ته

    وڃو پيا موڪلائي ملڻ لاءِ پيا اچجو
    وساري ڪين ڇڏجو اها اسان جي استدعا آهي
    سائين جن هڪ حمد به لکيو هو جيڪو ڪيترائي سال اسڪول جي اسيمبلي ۾ پڙهيو ويندو هو جنهن جا ڪجھه حصا هي آهن

    مرحوم سائين سعدالله سپاهي ابڙو
    حمد شريف

    تنھنجو حمد ڪريون ٿاخدايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    کڻي عرض اِلاهي آيا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (1)
    قَمر ڪَتيون قُطبَ تو بنايا
    هيٺ فرش زَمردِي وِڇايا
    تنھن ۾ واهه نديون تو وهايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (2)
    آب آگ جي هڪٻئي جا دشمن
    گڏ ڪڪر ۾ ڪيئن ٿا پلجن
    مٺا کارا تو گڏجي وهايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (3)
    خالي جھولي کڻي اڄ آيا
    هٿ خالي اچي ڦھلايا
    اسين آهيون علم جا اُڃايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (4)
    اسين بنداگنھگار آهيون
    تنھنجي در تي سداٿا دانھيون
    ڪر بخش بديون تون اِلاها
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (5)
    هاڻي هادي هدايت ڏي تون
    چڱي خُلق جي عادت ڏي تون
    گُھرون تو کان ٿا علم جي مايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (6)
    هي شھر قديمي نصرپور
    تنھن کي موٽي آباد به تون ڪر
    تون ڪي ڏانءَ ڏِيار سَوايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (7)
    سنڌ ، سنڌي ، سنڌو ، سنڌي ٻولي
    جئي مھراڻ جي شل ڇولي
    سڀ سام تنھنجي اسين آيا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (8)
    چونڊي گل اميد جا آيا
    اچي نغما منا جاتي ڳايا
    ڪر رحمت جا هر دم سايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (9)
    گُل ٻار ته مَڪتب گُلشن
    سڀ استاد مالھي ٿا سڏجن
    سڀ عرض ڪرڻ اڄ آيا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون
    (10)
    اسين سنڌ ديس جا سپاهي
    ڏي ڪو جوش جذبو اِلاهي
    اڳ تو ئي فضل فرمايا
    توکان ٿا ربَ رحم گھرون

    نصرپور مان نڪرندڙ ماهوار رسالي رهاڻ جڏهن سنڌ جي سوره
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو