محب علي ڍول گهراڻو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    محب علي ڍول گهراڻو پرائمري استاد آهي هاڻي رٽائر آهي پاڻ هڪ بهترين شاعر به آهن سندن لکيل گيت پنهنجو مٽ پاڻ آهن پاڻ سماجي تنظيمن ادبي تنظيمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي سندس شاعري پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ته سندس شاعري تي لاڙ جي شاعرن ابراهيم منشي .سرويچ سجاولي محمد خان مجيدي جو ڪافي اثر آهي پاڻ هڪ بهترين استاد رهيا آهن هم نصابي سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن سندس مختصر تفصيل ڏجي ٿو

    نصرپور جو استاد ، سماجي ورڪر ۽ شاعر
    ڍول گھراڻو
    خادم گھراڻو

    ڪي اهڙا انسان آهن جن جي اندر ڏات جو خزانو هوندو آهي پر اهي ٻاهر ظاهر نه ڪندا آهن اهڙن مان گھراڻا برادري جو ڍول گھراڻو به آهي جنهن جي ڪنهن جي ڪنهن به ڪل ڪانه هئي ته هي ڪو وڏو شاعر آهي پر جڏهن سماجي ادبي دوستن سان ملڻ جلڻ ٿيو ته نڪري نروار ٿيو . ڍول گھراڻو جو اصل نالو محب علي ولد محمد صديق گھراڻو آهي ڍول گھراڻو سندن ادبي نالو آهي جنهن سان مشهور آهن . سندن جنم 4 ڊسمبر 1958ع تي نصرپور ۾ ٿيو . پاڻ پرائمري جي تعليم حاجي بخش علي قريشي مرحوم ، محمد صديق دائودپوٽو ، ۽ ادب جي دنيا جي روشن ستاري مرحوم لؤنگ خان ڀاڻو کان حاصل ڪئي . مئٽرڪ 1976 ع ۾ هائي اسڪول نصرپور مان ڪئي . غربت ڪاڻ اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگھيا . 22 آگسٽ 1982 ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور نوڪري جي شروعات ڪيائين مختلف اسڪولن ۾ ڊيوٽي ڏنائون 1984 ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ه ويا جتي سندن واسطو محمد يوسف ٺٽوي ، محمد شريف طالب ، محمد عمر عمراڻي ، محمد حسن ڀٽي ۽ ٻين ادب دوستن سان ٿيو جنهن ڪري لڪل جذبا ظاهر ٿيڻ لڳا . واري ڏهاڪي ۾ مون ناچيز کي شاعريءَ عزت شھرت ،ادب دوستن جي سنگت ڏني .شاعري جي شايع ٿيڻ بابت ٻڌايو ته پهرين تخليق هفتيوار سنڌو ۾ شايع ٿي ان کان سواءِ آفتاب ، انقلابي شعور ، برسات، امرتا، حق موجود ،رهاڻ، سرهاڻ، هٻڪار، ٻالڪ،جوت ،ادب، مشعل ،لاٽ، ڄاڻ، پرڀات، روشن تارا ۽ ٻين رسالن ۾ مواد شايع ٿي چڪو آهي هن ٻڌايو ته مون ڪافي مشاعرن ۾ حصو ورتو آهي نصرپور ۾ مرتضى شاھ ڏاڏاهيءَ سان ملهايل شام ۾ مشاعرو ٿيو ان ۾ پهريون دفعو شامل ٿيس ۽ ان ۾ مون کي انعام به مليو هو هن ٻڌايو ته شاعري شاعر جي اندر لڪل جذبن جي از خود اپٽار جو سرشتو آهي جيڪو روحاني ڏک ياسک ۾ ظاهر ٿئي ٿو جنهن کي ذهن ترتيب جي عمل مان گذاري خوبصورت تحرير ارپي ٿو پوءِ تحرير ۾ ڪجھه نظر ثاني لاءِ استاد رهبري ڪري ٿو منهنجو استاد رهبر سائين سعدالله سپاهي ابڙو مرحوم ۽ دوست سليم گل آهي . هن چيو ته سنڌ جا سڀ شاعر ڀلوڙ آهن مونکي ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، اياز شيخ ، محمد خان مجيدي ۽ استاد بخاري پسند آهن تعليم جي مقصد جي باري ۾ڍول چوي ٿو ته معاشري ۾ ڪنهن به فرد جي لڪل صلاحيتن کي ظاهر ڪري ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي جذبي کي اجاگر ڪري مطلب ته فرد جي زندگيءَ ۾ انقلاب ۽ تبديلي جي صلاحيتن پيدا ڪرڻ جو عمل ئي تعليم جو مقصد آهي اڄڪلهه تعليم جو معيار گھٽ آهي ڇو ته تعليم صرف ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي بچي آهي اڄڪلهه تعليم صرف ڪاروبار ي مقصد لاءِ ورتي وڃي ٿي .جيڪا صرف وڏي طبقي وارن جي لاءِ وڃي رهي آهي هيٺين سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ تي گھڻو زور آهي پر مٿين ليول تي غريب گربي کان زور آهي جيڪا شايد اڃا به مهانگي ٿئي .تعليمي معيار وڌڻ بابت چيو ته شاگردن تي ڪورس جو وزن وڌيڪ آهي جنهن ڪري تعليم حاصل ڪرڻ جي دلچسپي گھٽ آهي ڪورس دلچسپ آسان ۽ گھٽ ڪيو وڃي پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين تعليم مفت هئڻ سان گڏ انهن کي روزگار جو وسيلو به ڏنو وڃي .ننڍن ڪلاسن کان وٺي هنري تعليم به لازمي ڪئي وڃي پاڻ اسڪولن ۾ جتي ٻارن کي تعليم جو زيور مهيا ڪرڻ ۾ اڳيان هئا اتي ٻارن ۾ هم نصابي سرگرمين جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ مختلف پروگرام ڪندا هئا جنهن ۾ استاد دوستن جي ٽيم گڏ هوندي هئي جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد نمبر کڻي اڳتي ايندا رهيا . سماجي تنظيمن ۾ به سندن گهرو حصو رهيو آهي آل سنڌ گھراڻا ويلفيئر ايسوسيئيشن ، نصرپور ينگ ڪائونسل ( هن جي باني ساٿين مان هئا ) پروگريس يوٿ آرگنائيزيشن ، ماروئڙا سوشل ويفيئر ايسوسئيشن ، سماجي ميدان تي پاڻ ٻارن جي لاءِ مختلف راندين جو بندوبست ڪرڻ انهن ۾ مختلف قسمن جا مقابلا ڪرائڻ ، مسڪينن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ اڳيان هئا . پاڻ ڪافي عرصو صحافت سان به رهيا روزاني برسات ۾ ڪيترو ئي وقت هڪ رپورٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائون پر اڳي هلي صحافت کي ٿوري ئي وقت ۾ ڇڏي ڏنو . جتي پاڻ تعليم ۽ سماجي ڪمن ۾ پاڻ مڃرايو اتي ادبي دنيا ۾ هڪ نالو پيدا ڪيو ٻاراڻي وقت کان لکڻ شروع ڪيو پر 1980 ع کان باقاعده لکي رهيا آهن پاڻ گھڻي ۾ گھڻي شاعري ڪئي آهي جيڪڏهن انهن کي هڪ جڳهه تي مرتب ڪجي ته ٻه سٺا ڪتاب تيار ٿي سگھن ٿا . شاعري ۾ پاڻ گھڻو گيت ۽ بيت لکيو آهي انکان سواءِ چوسٽا ، غزل ، نظم هائيڪا وغيره لکيا آهن پاڻ ڪافي مضمون ۽ مقالا به لکيا آهن پر گھ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو