گل نصرپوري خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    گل نصرپوري جنهن جو نالو گل حسن ميمڻ هو پهرين پرائمري استاد هو پوء ترقي ڪري ايليمينٽري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدر آباد ۾ ليڪچرار ٿيو سندن جنم ڀومي نصرپور آهي سندس هڪ ناول درياء جي ڪپ تي شاهڪار ناول آهي جنهن ۾ سنڌو درياء ۽ خونياڻي کڏ ٻنيم باغن جو ذڪر آهي جنهن ناول لاء هڪ استاد چيو ته ان کي هٿ ڪريو گهڻي ڳولا بعد نه مليو مليو ته سائين سعد الله سپاهي ابڙو جي لائبرري مان مليو جيڪو پراڻين اخبارن ۾ پيل هو جنهن کي ڪمپوز ڪري بوڪ سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرايو جتي اڄ به آهي اهو ناول آن لائين يا ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهجي ٿو
    ويا سي وينجهار ۾ گل نصرپوري تي مضمون هو جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو

    گل نصرپوري
    غلام محمد گرامي

    اي موت! شل ڪو موت پَوَئي! شل مري وڃين!
    سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنهنجي پياري شخصيت ۽ من موهڻي مورت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي ورڇي ورهائي، 29 سيپٽمبر 1965ع تي الوداع ڪري ويو! گل واقعي اسم با مسميٰ گل هو. هڪ شريف ۽ ساده دل، با اختلاف ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، هزار خوبين جو مالڪ هو!اڃا شاخ حيات تي هوُ “نو شگفته گل” وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي هو، ته خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمهلائتي جهوٽي، کيس هميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نهوڙي رکيو!ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. جدوجهد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀ کان اول، مون سان سندس تعلقات پيدا ٿيا. سندن تحريرن ۽ شعر و شاعري جي اصلاح، ٽن سالن تائين جاري رهي. آخري وقت ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب “طالب الموليٰ” سان سندس نيازمندانه تعلقات رهيا، ۽ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۾ دل کولي حصو ورتائين ۽ انهن کان اصلاح ورتائين.جگر جي خرابيءَ جي سلسلي ۾ وڏي اسپتال ۾ ٽي ڀيرا داخل ٿيو ۽ اتي ٽئين ڀيرا موت سان مقابل ٿيو. ٽئي ڀيرا کيس، آڪسيجن ٿئٽر ۾ بند ڪيو ويو. طبع پرسي ۽ نگهداشت جي سلسلي ۾، حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم محمد امين صاحب “فهيم” ۽ مان، هر ڀيري اسپتال ۾ ويندا رهياسون. ڊاڪٽرن کي تاڪيد ڪندا رهياسون. دوا دارون جي سلسلي ۾ ڪا به فروگذاشت نه ڪئي ويئي. سندس غريب مائٽن، اگر تگر گلجي پويان گل ڪيو. ٻه_چار مهينا صحيتاب ٿيو. علم و ادب ۾ سرهاڻ پکيڙيندورهيو، مجلسن ۾ ايندو رهيو، مشاعرن ۾ شعر پڙهندو رهيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو رهيو.هڪ ڏينهن اوچتو سندس طبيعت وري خراب ٿي، کيس آمريڪن استال لطيف آباد ۾ داخل ڪيو ويو. هوشيار ڊاڪٽرن جي علاج ۽ تيمارداريءَ سان چوٿون ڀيرو موت جي چنبي مان بچي نڪتو. هلندو رهيو وقت گذاريندو رهيو.رسالي “مهراڻ” لاءِ مرحوم ڪيانيءَ جون تقريرون ترجمو ڪيائين، جي “مهراڻ” ۾ شايع ڪيون ويون.اڃا تائين تقرير هٿ ۾ هئس ته بيماريءَ جي اوچتي حملي جهوري ڪيرائي بستري داخل ڪري وڌس.علاج جاري رهيو، موسمين جي رس سندس غذا رهي! پر گل کي ته معطر نشونما، ۽ عطربيز چمن واري ماحول جي ضرورت هئي!__ گهر جي تنگ ۽ تايرڪ ڪوٺيءَ ۾ سندس پساهه تي بار پيو. مون ڏانهن خط لکندو رهيو، تاثرات بيان ڪندورهيو، واردات ۽ ڪيفيات جو رنگين وجدانگيز عالم، لفظن جي لباس ۾ مون ڏانهن موڪليندو رهيو. منهنجي تسلي برِ صواب نه ٿي.29_ سيپٽمبر 1965ع تي پنهنجي پوڙهي پيءُ، غمزده ماءُ، الم نصيب ڀينرن، دلبند ڀائرن کان آخري موڪلاڻي ڪيائين!__ ۽ سڀني کي ڳر لڳي موڪليائين.اسان وياسين، ڳوڙها ڳاڙي آياسين! سندس غم نصيب والده جون عرش رسا آهون ۽ دانهون اڄ به عرش عظيم جي دروازن سان ٽڪرائجي رهيون آهن.نو شگفته گل، ائين مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي الله ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه به نه ڏٺائين، اڃا شادي به ڪا نه ڪئي هئائين، سندس مڱڻو ٿيل هو، شاديءَ ۾ اڃا ٻه مهينا دير هئي.
    اسان وٽ سندس ڪتاب “درياءَ جي ڪپ تي”، سندس شعر ۽ ڪلام جو بياض، مهراڻ رسالي ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ٻه_چار مقالا، سندس ايم.اي ۾ لکيل مقالو، ۽سندس اهي خط، جي مون ڏانهن لکندو رهيو، علمي يادگار طور باقي رهجي ويا آهن. رهي نام الله ڪا!

    ڪَڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻَڌي نينهن جي،
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. (لطيف)
    انا لله وانا اليہ راجعون.
    “گل” تو تي الله جي رحمت هجي!

    ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجي ڪتاب ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر ۾ صفحي 423 کان 425 تي جيڪو شيخ شوڪت علي اينڊ سنز جي طرفان شايع ٿيو هو ان گل نصرپوري جي باري ۾ لکيو ته مرحوم گل حسن ميمڻ نصرپور جو رهاڪو هو . سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان ايم اي ڪيائين هو هڪ ذهين شاگرد هو ۽ پرائمري ٽيچر هو . ناول درياءُ جي ڪپ تي 1960ع ۾ گل نصرپور ي لکيو اداره آواز ادب وارن شايع ڪيو هي هڪ سماجي ناول آهي جنهن ۾ رومانوي پهلو سان گڏ زندگي جون لاهيون چاڙهيون قرب ۽ پيار ،جي دنيا سمايل آهي جنهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو