سيد غلام قادر شاھ بخاري خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    نصرپور جو استاد ۽ تعليمي ماهر
    سيد غلام قادر شاهه بخاري
    خادم گھراڻو

    ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي دوستي علم جو خزانو هوندي آهي .سائين غلام قادر شاهه بخاري به هڪ علم جو سمنڊ هوندو هو جنهن سان جڏهن به ملبو هو ته علم جا هيرا کڻي اچبا هئا . سائين نصرپور جي اها شخصيت آهي جنهن جي محبت هر دل ۾ هوندي آهي نصرپور جي جنهن ماڻهو کان پڇبو اهو اهو چوندو ته سائين منهنجو استاد آهي سائين جا نصرپور ۾ جيترا به شاگرد آهن اوترا شايد ٻئي ڪنهن جا نه هجن . هر ماڻهو سائين جن سان محبت ڪندو هو هر ڪنهن جي دلي تمنا هوندي هئي ته سائين سان چند لمحا گڏ رهي علم جا خزانا حاصل ڪجن . اڄ جيئن ئي اسڪول وڃي رهيو هوس ته اوچتو مون کي فون آئي جنهن ۾ مون کي سائين جي اوچتي وفات جي باري ۾ ٻڌايو ويو جنهن وقت مون کي اها خبر ملي ته ڄڻ منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي مون دوستن کي فون ڪري اها ڏک واري خبر ٻڌائي . منهنجي سائين سان ملڻ جي تمنا هئي جيڪا اڌوري رهجي ويئي آئون هن وقت نصرپور جي بزرگن جي باري ۾ لکي رهيو آهيان مون کي سائين جن سان سيد ابرهيم شاهه بخاري جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻي هئي جيڪا اڌوري رهجي ويئي سائين سان جڏهن به ملبو ته سائين وٽان علم ئي علم ملندو هو .جڏهن آئون ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ان وقت مون کي ياد آهي سائين جن گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصرپور جا هيڊ ماستر هئا پر اوچتو سائين جن جي بدلي ٿي ويئي جنهن تي شاگردن سخت احتجاج ڪيو ته اسان کي اسان جو هيڊ ماستر واپس ڏنو وڃي اها ئي سائين جي محبت هئي جنهن شاگردن کي احتجاج تي مجبور ڪيو ته اسان جو سائين اسان کي واپس ڏيو پوءِ سائين جن آيا جن شاگردن کي سمجھايو اهڙو ته پيار سان سمجھايو جو شاگردن پنهنجو احتجاج ختم ڪيو . سائين غلام قادر شاهه بخاري هاءِ اسڪول نصرپور جا 1961ع کان پوءِ چار دفعا هيڊ ماستر ٿي رهيا جڏهن اسان وٽ صرف هالا سب ڊويزن هوندي هئي ان وقت سائين جن ايس ڊي اي او هئا ان وقت ٽنڊوالهيار به هالا سب ڊويزن ۾ شامل هوندو هو ان کي ايسٽ ۽ ويسٽ چئبو هو ان وقت سائين جن جي دور ۾ ڪافي غريبن کي روزگار مليو انهن کي استادي پيشو مليو جيڪي اڄ به سائين کي ياد ڪري رهيا آهن تعليمي خدمت ڪري رهيا آهن . سائين جن بخاري سيدن جي هڪ تاريخ به لکي هئي مون کي اها خوشي آهي جو ان سائين جن جي ڪاوش کي مون ڪمپوز ڪيو هو اها منهنجي خوشي جي ڳالهه آهي . اڄ جڏهن مون دوستن کي سائين جي وڇوڙي جي خبر ٻڌائي ته اهي اداس بنجي ويا ڇاڪاڻ اڄ اسين سڀ اسان جي پياري محسن استاد کان محروم ٿي ويا آهيون پر سائين جن جي ياد هميشه تاريخ جي ورقن ۾ زنده رهندي جيڪا سائين جن تعليم جي خدمت ڪئي آهي اها وساري نٿي سگھجي . ان جو مثال اهو آهي ته هرڪو چوندو آهي ته سائين جن منهنجا استاد آهن . سائين غلام قادر شاهه بخاري علم جو خزانو هو جتان اسان کي ڪافي دولت ملي جنهن سان اسان پنهنجي جيون کي سٺي نموني گھاري رهيا آهيون مون کي ياد آهي ته ڪنهن وقت آئون ڄاڻ پبليڪيشن جي نالي هڪ فوٽو اسٽيٽ رسالو ڪڍندو هوس جنهن جا مون ڪافي نمبر ڪڍيا هڪ ڏينهن مون کي خيال آيو ته آئون استاد نمبر ڪڍان ان ڪري جڏهن مون سائين جن سان ملاقات ڪئي ته سائين جن ڏاڍا خوش ٿيا مون کي چيائون ته اچ ڏينهن تائين ڪنهن به استاد تي نمبر نه ڪڍيو آهي توهان استاد نمبر ڪڍڻ جي لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهيو منهنجي همت وڌي ويئي مون فيصلو ڪيو ته ڇابه ٿي پوي آئون استاد نمبر ڪڍندس پوءِ مون کي ڀلي کڻي ڪيتري به محنت ڪرڻي پوي سائين جن جي همت افزائي ڪرڻ جي ڪري مون اهو نمبر ڪڍيو ان لاءِ سائين جن سان مون هڪ انٽرويو ڪيو جيڪو هن مضمون ۾ شامل آهي .سائين هميشه مدد ڪندڙ هو ڪوبه مسئلو تعليم جي ميدان ۾ ايندو هو ته سائين جن کان مدد وٺندا هئاسين اڄ اسان کان سائين جدا ٿي ويو آهي هاڻ اها اسان جي مدد ڪير ڪندو . سائين جن جا فرزند به استاد آهن اهي تعليم جي خدمت ڪري رهيا آهن جيڪا سائين جن علم جي جوت جلائي هئي اها سائين جا فرزند ۽ سائين شاگرد هميشه جلائيندا رهندا واهڻ واهڻ وستي علم ڏيندا رهندا .سائين هڪ اهڙو انسان هو جنهن تي جيترو به لکجي اهو ٿورو آهي سائين جيڪا تعليم جي ميدان ۾ خدمت ڪئي آهي ان کي وساري نٿو سگھجي جڏهن 2005ع جي نومبر مهيني ۾ مون ڄاڻ پبليڪيشن جو استاد نمبر ڪڍيو هو ان ۾ سائين جن کان مون هڪ انٽرويو به ڪيو هو جيڪو منهنجي لاءِ هڪ وڏو ايوارڊ ۽ اعزاز هو جو سائين جن جهڙي عظيم ماڻهو کان مون ڄاڻ جي لاءِ انٽرويو ڪيوسائين جن کان مون جيڪو انٽرويو ڪيو اهو آئون هتي ڏيئي رهيو آهيان .
    سائين غلام قادر شاھ بخاري جن نصرپور شھر جي تقريبن ڪافي ماڻهن جا استاد رهيا آهن سندن شاگرد ۽ شھري هر وقت سندن تعريف ڪندا رهندا آهن پاڻ نصرپور هاءِ اسڪول جا هيڊ ماسٽر ۽ ٽنڊوالهيار ۽ هالا جا ايس ڊي او تعليم به ٿي رهيا سندن فرزند به استاد آهن اسان استاد نمبر لاءِ انٽرويو ڪيو جيڪو پيش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو