خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    فيس بوڪ انٽرويو (ٻاويهين ڪڙي)

    خادم گھراڻو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ماڻهو چون ٿا، ماڻهو تي نالي جو اثر ٿئي ٿو! مون تي منهنجي نالي جو ڪيترو اثر آهي؟ مون کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو؟ خادم گهراڻو، خادم آهي يا نه؟ مون سميت ٻيا به گهڻا ڄاڻن سڃاڻن ٿا. هن شخص کي سندس سک چين ڦٽائي، ٻين جي ڪمن ۾ به، ڄڻ ته سندس ئي ڪنهن ضروري ڪم ۾ مگن ڏٺو آهي. سڄي سڄي ڏينهن جو رولڙو، پيئڻ جو پاڻي ملڻ به ڏکيو، پر ڏِک اهڙي، ڄڻ خادم لاءِ مڙئي خير ٿيو... آئون ته سندس پاران ڪيل لحاظ ۽ حجاب ۾ فرق به نه ڪري سگهندو آهيان. استاد به مثالي آهي.

    خادم گهراڻي جو مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهو، کيس سڃاڻو يا نه سڃاڻو، پر هي انٽرويو پڙهي، اوهان ڪيئن پيا محسوس ڪريو؟ اسان سان ضرور ونڊ ڪندا.

    1. اوهان جو نالو؟
    منهنجو اصل نالو محمد خان، ادبي نالو خادم گھراڻو آهي.

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد صديق گھراڻو.

    3. رهائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    ڄمڻ جي تاريخ 5 آڪٽوبر 1967 ع نصرپور، رهائش پير جڙيل شاھ محلا، اڏيرو لعل روڊ، نزد مٽياري چونڪ، نصرپور، تعلقو ضلعو ٽنڊوالهيار.

    4. تعليم؟
    ايم اي (ايڪانامڪس)، بي ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    گورنمينٽ ملازم (هائي اسڪول ٽيچر).

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    تاريخي جڳهن تي گھمڻ، ڪتاب پڙهڻ، انٽرنيٽ کي هلائڻ.

    7. ليکڪ آهيو ته شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آهيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    ليکڪ آهيان، شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، ڪتابن تي تبصرا لکندو آهيان. سنڌ سلامت ڪتاب گهر طرفان ٽي ڪتاب ڇپيا آهن. 1. ”سمنڊ ڪنارو“ (شاعري) 2016ع ۾، 2. ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ (ٻارن جون ڪهاڻيون) 2016ع ۾، 3. ”ٽارين جد ٿيا گل“ (ڪهاڻيون) 2016ع ۾. جڏهن ته محترم استاد سعد الله سپاهي جو سوره رحمان جو منظوم ترجمو عروس القرآن، ڪمپوزنگ ڪري، سنڌ سلامت ڪتاب تي 2017ع ۾ اپلوڊ ڪرايو. محترم سعدالله سپاهي ابڙو جو ناول گلبهار ٻه معصوم مکڙيون ڪمپوز ڪري 2016ع ۾ سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرايو. گل نصرپوري جو ناول درياء جي ڪپ تي 2016ع ۾، سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپلوڊ ڪرايو. محترم لونگ خان عاجز ڀاڻو جو ناول نرالو نينهن ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت وارن شايع ڪيو. ٽي ڪتاب شاعري جو درياء ڪنارو، مضمونن جو گونگي جا گفتا ۽ شخصيتن بابت نصرپور جا گل سنڌ سلامت ڪتاب گهر ڏانهن موڪليل آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شاعري، مضمون، تبصرا، ڪهاڻيون شايع ٿيندا رهن ٿا. هنڌ واسي ۾ به ڪهاڻيون ۽ شاعري شايع ٿي آهي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙهڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    مطالعي ۾ تاريخي ڪتاب، ڪهاڻين، شاعري ۽ سفر نامن جي ڪتابن کي اوليت ڏيندو آهيان.

    9. سير سفر، اوهان جي نظر ۾؟
    سير سفر ڪرڻ سان معلومات ملي ٿي. علم ۾ اضافو ٿئي ٿو.

    10. ڪچهريون، اوهان جي نظر ۾؟
    ڪچهرين سان محبت وڌي ٿي. هڪ ٻئي سان خيال شيئر ڪجن ٿا.

    11. ادبي تقريبون، اوهان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبن ۾ پنهنجي پاڻ کي شامل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته نوان دوست ملن ٿا، نوان رابطا پيدا ٿين ٿا. ٻين جي لکتن جي خبر پوي ٿي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوهان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪمن جي حوالي سان عرض ته پنهنجي لاءِ هرڪو جيئي ٿو، اصل مزو تڏهن آهي، جڏهن ٻين جي ڏکن کي پنهنجو ڪجي ۽ پيڙائن جي ور چڙهيل ماڻهو جي خدمت ڪجي. هڪ سماجي ورڪر بنجي، سماجي تقريبن ۾ مسئلن جي خبر پوي ٿي. هڪ تنظيم جي صورت ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.

    13. اوهان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    جيڪي عزيز آهن، انهن سان پنهنجو تعلق قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏيندو آهيان، ڪجهه عزيزن کان پري به رهندو آهيان. رويي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ اچي ويندي آهي.

    14. اوهان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوستي هڪ نازڪ رشتو آهي، جن دوستن ۾ لالچ لوڀ نه هوندي آهي، انهن سان گھڻو گذاريندو آهيان. جيڪي وقت جا پوڄاري هوندا آهن، انهن سان سلام دعا تائين محدود رهندو آهيان. دوستن سان ڪوشش ڪري سٺو رويو رکندو آهيان.

    15. اوهان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبوءِ؟
    منهنجي پسند جو رنگ اڇو ۽ گلابي آهي. خوشبوءِ گلاب ۽ موتئي جي وڻندي آهي.

    16. اوهان جي پسند جي سواري؟
    خاص طور پنڌ هلندو آهيان، باقي موٽر سائيڪل جي سواري پسند آهي.

    17. اوهان جي اهڙي خواهش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    منهنجي خواهش آهي ته منهنجو، اسان جي قوم جو اولاد محنت ڪري، ڪاميابي ماڻي، منزل تي رسي، انسان ذات جي خدمت ڪري.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چئو؟
    جڏهن بي سهارا هئاسين، امڙ نه هئي، بابا هو، جيڪو ٻڪرار هو، ان وقت جن مائٽن پنهنجو ڪيو، انهن تان جان به قربان، جن پري ڪيو، هاڻي پنهنجو چون ٿا، انهن سان مڙئي رشتو نڀايون پيا.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چئو؟
    بهترين ساٿي اهو آهي، جيڪو ڏکي ويل ڪم اچي.

    20. عام ماڻهو ڪيئن ۽ ڪهڙا هجڻ گھرجن؟
    عام ماڻهو قرب ونڊڻ ۽ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ وارا هجن.

    21. اوهان ڪو پيغام ڏيڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو