عبدالمجيد ڇٽو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    فيس بوڪ موجب سائين عبدالمجيد ڇٽو جو جنم 1983ع ۾ ٿيو .سائين جن هڪ ڳوٺ دين محمد ڇٽو ۾ جنم ورتو .سائين جن جو والد چاچو ليمون هاري هو .سندن خواهش اولاد کي پڙهائڻ جي هئي ان ڪري سائين جن کي نصرپور جي اسڪول داخل ڪرايو ويو سائين جو شمار هوشيار شاگردن ۾ ٿيندو هو .سائين جن مئٽرڪ نصرپور مان وڌيڪ تعليم پرائيويٽ نموني حاصل ڪئي ان کان سواء سائين جن مختلف مدرسن مان به تعليم حاصل ڪئي هن وقت پاڻ عربي استاد آهن . سائين جن جي پڙهڻ سان ٻين ٻارن ۾ تعليم.جو جذبو جاڳيو جن تعليم حاصل ڪئي اهي صحت .پوليس .فوج تعليم وغيره ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن .گهراڻا محلا ۾ تاريخي مسجد نصر مسجد جيڪا خسته حالت ۾ هئي .سائين پنهنجي دوستن سان گڏجي ان کي تعمير ڪرائڻ جو سوچيو سائين جن عملي ڪم ڪري چندا وٺي مسجد جي تعمير جي ڪم ۾ هٿ وڌو اڄ هي مسجد شاهجهاني مسجد جي نالي سان مشهور آهي هن مسجد ۾ مدرسو به آهي هتي پنج وقت نماز جمعي جي نماز ٿيندي آهي هن مسجد جو خطيب سائين جن جو ڀاء عبدالعزيز آهي سائين جن هن مسجد جا پيش امام آهن ڪڏهن ڪڏهن سائين جن به واعظ ڪندا آهن سائين جن نڪاح خوان به آهن .ادب جي ميدان ۾ سائين جن گهڻو نه لکيو آهي پاڻ اسلامي ۽ معلوماتي مضمون لکندا هئا جيڪي سلسليوار ڄاڻ نصرپور ۾ ڇپبا هئا . سائين جن پيارا دلوارا سماجي ورڪر ٻين جي ڪم اچڻ ۽ مدد ڪرڻ وارا آهن .سائين جن کي رب سلامت رکي علم جا جوهر ورهائيندا رهن
    هتي اها ڳالھ ڪندو هلان ته سائين جو والد خوش نصيب آهي جنهن جا ٽي پٽ ۽ ٻه پوٽا حافظ قران آھن هڪ پٽ قاري آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو