پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    نصرپور جي ادبي شخصيت ، استاد . ليکڪ ، پبلشر
    پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو
    خادم گھراڻو

    شروع کان منهنجي اها ڪوشش رهي آهي ته نصرپور جهڙي تاريخي شهر ۾ جن به تاريخي ڪم ڪيا آهن انهن کي انهن ساٿين سامهون آڻيان جيڪي انهن کان بي خبر آهن خاص ڪري اسان جا نوجوان جيڪي هن وقت علم و ادب جي ڪتابن کان محروم رڳو ڪيبل ۽ راندين ۾ يا موبائل گيم تي پنهنجو وقت وڃائين ٿا . موبائل تي فيس بوڪ هن وقت ڪافي نوجوان هلائين ٿا انهن سامهون جڏهن نصرپور جي عظيم ماڻهن جو ذڪر ايندو ته اهي انهن کي پڙهي ڄاڻ حاصل ڪندا . ان سلسلي ۾ مون نصرپور جي علمي ادبي شخصيت پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو سان ملاقات ڪئي ، ان ملاقات جو تفصيل مضمون جي صورت ۾ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪريان ٿو .
    پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو ولد احمد خان ابڙو جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور ۾ 10 سيپٽمبر 1947 ع تي ٿيو سندن تعليم ايم اي – بي ايڊ آهي پاڻ حافظ قرآن به آهن کين 22 سيپارا ياد آهن . پاڻ سنڌي فائنل 1961 ع ۾ ، مئٽرڪ 1963 ع ۾ ، انٽر 1965 ع ۾ بي اي 1967 ع ۾ ايم اي مسلم هسٽري 1971 ع ۾ ڪئي . 10 سيپٽمبر 1963 ع ۾ سنڌي فائنل جي سرٽيفڪيٽ تي پرائمري استاد مقرر ٿيا . جتي پاڻ ڏهه سال تعليم ڏيندا رهيا . 1965 ع ۾ جونيئر ورنيڪيولر جو ڪورس ڪيو جنهن کي جي وي چئبو هو .پاڻ بي ايڊ جو امتحان 1969 ع ۾ پاس ڪيو ۽ پرائمري ٽيچرن جي 25 سيڪڙو ڪوٽا تحت 1973 ع ۾ هائي اسڪول ٽيچر ٿيا .28 اپريل 1975 ع تي شهداد پور ڊگري ڪاليج ۾ مسلم هسٽري جا ليڪچر مقرر ٿيا . 1981 ع ۾ پاڻ ٽنڊوالهيار جي ايس ايم ڪاليج ۾ آيا جتي رٽائرڊ ٿيڻ تائين ڊيوٽي ڪندا رهيا . پهرين پاڻ ليڪچر ٿيا ، بعد ۾ اسٽنٽ پروفيسر ۽ ان بعد ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيا . 2001ع کان 2007 ع تائين اٽڪل ساڍا ڇهه سال هن ڪاليج جا پرنسپل به ٿي رهيا . سرڪاري نوڪري مان 09 سيپٽمبر 2007 ع تي رٽائرڊ ٿيا . سائين جن 44 سال سرڪاري نوڪري ۾ رهيا 10 سال پرائمري استاد 02 سال هائي اسڪول ٽيچر ۽ 32 سال ڪاليج ۾ رهيا .سائين جن ٻڌايو ته جڏهن کان مون شاهه ولي الله جو حڪم پڙهيو ته قرآن شريف کي صرف تهتل لفظ ترجمي سان سمجھجي تفسير ۾ نه وڃو تڏهن مون مولانا عبدالرحمان قاضي وٽ تهتل لفظ قرآن شريف پڙهيو .سائين جن چيو ته ان وقت کان وٺي منهنجو اهو پختو ارادو رهيو ته تهتل لفظ ترجمي جا جيترا به شاگرد ڪري سگھان اهي ڪريان . سائين جيڪو تهتل لفظ قرآن شريف پڙهيو اهو پنهنجي اوطاق تي ٻين کي پڙهايو . سائين جن جيڪو قرآن شريف پڙهائڻ جو ادارو کوليو ان ۾ 12 شاگردن مڪمل قرآن شريف تهتل لفظ پڙهيو جن ۾ نديم ڀاڻو ، حافظ عبدالمجيد ڇٽو ۽ ٻيا سائين جا شاگرد شامل آهن 30 ڄڻا ٻيا شاگرد هئا جن مڪمل نه پڙهيو .سائين پروفيسر برڪت ڪريمي ابڙو سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ به پاڻ ملهايو آهي ان بابت جڏهن سوال ڪيم ته پاڻ ٻڌايائون ته جڏهن هائي اسڪول ۾ پڙهندو هوس تڏهن اسان هڪ پبلڪ لائبرري سيد مصري شاھ پبلڪ لائبرري کولي جيڪا منهنجي جڳھه تي هئي جنهن جو سرپرست حافظ بلو دائودپوٽو هو صدر الله بچايو ميمڻ هو ۽ جنرل سيڪريٽري سائين جن خود (پروفيسر برڪت ڪريمي ابڙو )هئا هيءَ لائبرري پنهنجي خرچ تي هلندي هئي . ( پر اڄ افسوس جو نصرپور جهڙي علمي ادبي شهر ۾ ڪابه پبلڪ لائبرري نه آهي ڪجھه سال اڳ هتي محترم عبدالقادر منگي جي ڪوشش سان سوشل ويلفيئر کاتي جي طرفان پبلڪ لائبرري وتايو فقير لائبرري نصرپور کلي جيڪا مختلف هنڌن تي منتقل ٿيندي ٿيندي آخر بند ٿي ويئي . هن لائبرري کي ترقي وٺرائڻ ۾ مرحوم احمد خان ملڪاڻي جيڪا محنت ڪئي ان کي بيان نٿو ڪري سگھجي هن لائبرري کي بچائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ته اها لائبرري هلندي رهي پر برساتن ۾ جڳهه ڪرڻ کان پوءِ اها لائبرري بند ٿي ويئي جنهن جو احمد خان ملڪاڻي کي ڏاڍو ڏک هوندو هو . خادم گهراڻو ). سائين جن ٻڌايو ته 1962 ع ۾ مرحوم سعدالله سپاهي ابڙو جي اڳواڻي ۾ بزم صادق کلي جنهن ۾ نالي وارا ليکڪ شامل هئا هن طرفان شاهڪار ناول درياءَ جي ڪپ تي ناول لکندڙ گل حسن گل عرف گل نصرپوري جي ورسي ملهائي ويئي . هن بزم صادق ۾ باقاعده مشاعره ٿيندا هئا .1974ع ۾ سائين برڪت علي ڪريمي ابڙو جي ڪوشش سان گلن جهڙا ٻارڙا جي نصرپور ۾ شاخ کولي ويئي هن جو مقصد ٻارن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ هو جيئن اهي ٻارڙا اڳتي هلي وڏا اديب ٿين .1975 ع ۾ سائين جن ٻڌايو ته مهراڻ ڪلب کولي ويئي جنهن پهريون صدر مرحوم محمد عثمان پانڌياڻي هو پهريون جنرل سيڪريٽري محمد رمضان ميمڻ هو هن جو مقصد هو شهر جي نوجوانن کي متحد ڪرڻ هن جي طرفان نصرپور ۾ ٻارن جو ميلو به لڳرايو ويو هو مفت علاج جون ڪئمپون به لڳايون ويون هيون .1977 ع ۾ سنڌ گريجيوشن ايسوسئيشن جي نصرپور ۾ شاخ کولي جنهن جو پهريون ڪنوينر امان الله ميمڻ صدر علي بخش دائودپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري شهيد ممتاز علي درس هو . سائين جن سنڌي ۽ اردو ليکڪن کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو