علي نواز دائودپوٽو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    هي اسان جو پيارو ساٿي مرحوم سائين علي نواز دائود پوٽو آهي جنهن سان گڏ ڪيترائي سال هڪ ئي اسڪول ۾ گڏ رهياسين سائين کي تڪليف هوندي هئي تڏهن به محسوس نه ڪرائيندا هئا ته کين تڪليف آهي گهڻو عرصو تعليمي خدمتون پير جي ماڙي ۾ ڏنيون پوء ميمڻ محلا اسڪول ۾ آيا جتي رٽائر ٿيڻ تائين تعليمي خدمتون ڏنيون پاڻ اسڪول جي هم نصابي سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا ٻارن جي لڪل صلاحيتن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا . سندن شاگرد اڄ وڏن عهدن تي رهي قوم ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن سائين علي نواز والي بال راند جو زبردست رانديگر هو پاڻ کيس کاڌي سوسي جا به ڪاريگر هئا
    سائين جن قران شريف جي تعليم به وڏي عمر ۾ حاصل ڪئي پنج وقت نماز جا پابند هوندا هئا پاڻ نوڪري مان رٽائر ٿيڻ بعد هڪ نمڍڙو دوڪان ڪڍيو ۽ بوھ جو ڀانڊو کوليو .پاڻ ادب جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا جيڪي ناز دائودپوٽو جي نالي سان لکندا هئا سندن دوستي به وسيع هوندي هئي آخر پاڻ بيماري ۽ تڪليف سان جنگ ڪندي زندگي جي جنگ هارائي ويا اهڙي ماڳ هليا ويا جتان ڪوبه واپس نه آيو آهي اڄ سائين اسان ۾ نه آهي پر سندن يادون هر دل ۾ محفوظ آهن رب کان دعا آهي ته رب پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو