مجروح محمد بچل قريشي خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    نصرپور جو پراڻو صحافي ،
    سماجي ورڪر ،استاد ۽ ليکڪ
    مجروح محمد بچل قريشي
    خادم گھراڻو
    مجروح محمد بچل قريشي اسان جو پيارو ساٿي هو جيڪو هاڻي ادان ۾ نه رهيو سندن سماجي ادبي صحافتي خدمتن تي نصرپور جا گل مان هي ننڍڙو مضمون پيش ڪجي ٿو


    نصرپور شهر ۾ ڪجھه اهڙا به صحافي رهيا آهن جن پنهنجي صحافتي دؤر ۾ نالو ڪڍيو انهن مان مجروح محمد بچل ولد حاجي عبدالمجيد قريشي به آهي هن جو جنم نصرپور ۾ اسڪول جي رڪارڊ موجب 12 جنوري 1959ع ۾ ٿيو . سندن تعليم ايم اي سنڌي ( سندن چوڻ موجب ) آهي . پاڻ ڪنهن وقت بچل قريشي ، بيوس بچل قريشي ، مجروح قريشي ۽ بچل قريشي جي نالي سان مضمون لکندا هئا پاڻ لکڻ جي شروعات نائين ڪلاس کا ن ڪئي پهرين گل ڦل ۽ گلن جھڙا ٻارڙا رسالن ۾ لکندا هئا . پاڻ مختلف ادبي صحافتي سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪيو آهي . پاڻ سال 1982ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيا ۽ 1984 ع ۾ ٽريننگ ڪيائون . سندن چوڻ موجب کين ليڪچرر ٿيڻ جو شوق هو پر اهو پورو نه ٿيو . پاڻ تعليمي خدمتون نصرپور ٽنڊوالهيار خير محمد جروار ۽ ماڻڪ ڪالرو ۾ ڏنائون . هڪ اسڪول تي پاڻ لاڳيتو 20 سال رهيا . ڊيپوٽيشن تي هائي اسڪول نصرپور ، خير محمد جروار ۽ ايس ايم اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ ڊيوٽي ڏنا.ئون . پاڻ اڪثر چوندا آهن ته جتي آئون ويس اتي سينيئر استادن مان مون گھڻو سکيو آهي ، محترم سعد الله سپاهي ابڙو ، محترم سيد غلام قادر شاھ بخاري ، محترم محمد خان دائودپوٽو ، محترم عبدالعزيز ڀٽي ، محترم فتح محمد لغاري ، محترم غلام محمد ابڙو ، محترم مشتاق احمد آرائين ، محترم تيرٿ داس اميداڻي ، محترم عبدالله دائوداڻي ، محترم فتح محمد بهراڻي محترم ڪامل لغاري ۽ محترم عبدالحسين ميمڻ کان متاثر آهيان اهي منهنجا استاد آهن هن چيو ته نصرپور جا اسڪول مثالي اسڪول ٿين . ان لاءِ نصر پور جي محنتي استادن کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي .صحافتي دنيا ۾ اچڻ جي شروعات روزاني عبرت سان ڪيائون جنهن بعد روزاني هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيائون هلال پاڪستان ۾ 1999ع تائين ڪم ڪيائون ان سال پاڻ صحافتي دنيا کان الڳ ٿيا . جڏهن نصرپور ۾ فقير محمد اسماعيل ڀاڻو 1976 ع ۾ پريس ڪلب جو بنياد رکيو ته ان سان گڏ مجروح محمد بچل قريشي ، ڪبير شاد عباسي ، شڪيل احمد صديقي ساڻ هئا سندن چوڻ آهي ته هن وقت نصرپور پريس ڪلب جي ڪابه آفيس نه آهي جتي سڀ صحافي اچي گڏ ٿين جنهن جو ڏک آهي ، سندن مضمون روزانه عبرت حيدرآباد ، روزانه سنڌ نيوز حيدرآباد ، روزانه عوامي آواز ڪراچي ، وزانه هلال پاڪستان ڪراچي روزانه خادم وطن حيدرآباد ، روزانه شام حيدر آباد ٻين اخبارن ۾ مضمون عوامي خط وغيره شايع ٿيندا رهيا هئا . نصرپور پريس ڪلب جا ڪيترائي دفعا جنرل سيڪريٽري ٿي رهيا . پاڻ صحافت ۽ پريس ڪلب ڇڏڻ جو سبب اهو ٿا چون ته جڏهن ميمبر وڌي ويا 1999ع ۾ اڻت بڻت ٿي پيئي ته پوءِ مون ڇڏي ڏني هن م وقت روزانه فرض ٽنڊوالهيار ۾ لکندو آهيان ، مجروح محمد بچل قريشي سان صحافتي دنيا ۾ آئون به ڪافي سال گڏ رهيس مون 1998ع ۾ صحافت ڇڏي ڇاڪاڻ ته اها منهنجي ڊيوٽي ۾ رڪاوٽ بنجي رهي هئي ، پاڻ جڏهن به ڪنهن پروگرام ۾ يا جلسي ۾ ويندا هئا ته پوائنٽن کي نوٽ نه ڪندا هئا پر جڏهن خبر لڳندي هئي ته اها ساڳي خبر هوندي هئي ڪوبه فرق نه هوندو هو . سندن چوڻ موجب منهنجي هڪ خبر تي جڏهن نصرپور ۾ پوليس سڌي فائرنگ ڪري سيد امير علي شاھ بخاري ، عبدالحميد پٺاڻ ۽ ٻين کي زخمي ڪيو هو ته اها خبر هلال پاڪستان ۾ به لڳي هئي ان وقت ايم پي اي عبدالغني درس هو اها خبر اسيمبلي ۾ ڏيکاري ويئي . ٻي خبر اسڪول جي استادن جي خلاف هئي جنهن تي هلال پاڪستان هڪ ڪارٽون شايع ڪيو هو هن جي چوڻ موجب انفارميشن ڊائريڪٽر درمحمد ڪمال واه واه منهنجي ڪئي هئي . مجروح محمد بچل قريشي سماجي ادبي تنظيمن ۾ به رهيو آهي جڏهن سنڌي ادبي ثقافتي سنگت کلي هئي ته ان ۾ جنرل سيڪريٽري هو ، سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن نصرپور ۾ شاخ کلي ته ان جو سيڪريٽري بدرالدين قاضي هو ان جي طرفان هڪ رسالو جوت ( فوٽو اسٽيٽ ) ڪڍيو ويو ان جو ڪاتب هو . جڏهن حاجي محمد ڇتن دائودپوٽو شاگردن جي مدد ڪرڻ لاءِ شاگرد بهبود ڪميٽي ٺاهي ته پاڻ ان ۾ به ميمبر هئا . گھراڻه سنگت نصر پور ۾ به ميمبر رهيا ، هن وقت پاڻ صحافتي سماجي ادبي تنظيمن ۾ نه آهن پر ماضي ۾ جيڪي سندن سٺا عمل آهن انهن کي ياد ڪيو ويندو . صحافتي دنيا ۾ آئون به 1988ع کان 1998 ع تائين گڏ رهيو آهيان . مجروح محمد بچل قريشي هي سوالن جا جواب لکي ڏنا هئا جن کي ڪمپوز ڪري دوستن اڳيان رکيو آهي . منهنجي ڪوشش آهي ته حاجي عبدالله قريشي بابت ڄاڻ حاصل ڪري ان کي به پيش ڪريان جيڪو هڪ سياسي مذهبي سماجي ماڻهو هو . مجروح محمد بچل قريشي کي به ان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو هو حاجي عبدالله قريشي مجروح محمد بچل قريشي جو ڏاڏو هو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو