خليل الرحمان دائودپوٽو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    هي مضمون روزاني ڪاوش ۾ شايع ٿيو هو

    نصرپور جو استاد اديب سماجي ورڪر
    جيڪو محنت سان وڏي عهدي تي پهتو
    محترم خليل الرحمان دائودپوٽو
    خادم گھراڻو

    نصرپور جي پياري شهر جنهن جو آب ڄڻ حيات آهي جنهن جي واري نرم بستري جهڙي آهي ان ئي شهر ۾ هڪ غريب ڪوري حاجي خان دائودپوٽو جي گھر ۾ هڪ ٻالڪ اک کولي جيڪو اڳتي هلي سماجي ادبي تعليمي ميدان ۾ هڪ روشن ستارو ٿي چمڪيو . اهو هو محترم خليل الرحمان دائودپوٽو جنهن جو جنم نصرپور ۾ 15 مارچ 1947 ع تي ٿيو پاڻ پرائمري تعليم نصرپور مان حاصل ڪئي جڏهن نصرپور جو مڊل اسڪول جيڪو لوڪل بورڊ جي حوالي هو اهو 1961 ع ۾ جڏهن هائي اسڪول ٿيو جنهن جو پهريون هيڊ ماستر محترم عبدالقادر قريشي هو جيڪو بهترين انتظام رکندڙ ۽ استاد هو ان ئي اسڪول جي پهرين بينچ جيڪا مئٽرڪ جي هئي ان ۾ خليل الرحمان دائودپوٽو به شامل آهي . پاڻ هن ئي اسڪول مان 1962 ع ۾ مئيٽر جو امتحان پاس ڪيو 1964 ع ۾ انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان ڪئي پرائيويٽ اميدوار تحت بي اي 1966 ع ۾ ايم اي 1968 ع ۾ ڪئي سي ٽي جو ڪورس 1969ع ۾ بي ايڊ 1970 ع ۾ ڪئي . 1962 ع ۾ مڊل اسڪول ڀينڊو شريف ۾ اسٽنٽ ٽيچر مقرر ٿيا . 1976 ع ۾ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن ٽيچر ( ايس ڊي ٽي ) مقرر ٿيا . جنوري 1974 ع ۾ هائي اسڪول ٽيچر ٿي نصرپور ۾ آيا . پاڻ 1981 ع ۾ مقابلي جي امتحان ( ڪميشن جي امتحان ) ۾ ويٺا .1982 ع سيڪريٽريٽ گروپ ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ٿيا . 1995 ع ۾ پروموشن ٿيڻ سان 18 گريڊ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ٿيا . 2002 ع 19 گريڊ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيا . 2002 ع کان 2007 ع تائين اي ڊي او فنانس پلاننگ ٿي مير پور خاص سانگھڙ ۽ مٽياري ۾ ڊيوٽي ڪيائون . مٽياري مان 15 مارچ 2007 ع تي رٽائرڊ ٿيا .ادب جي حوالي جڏهن کانئن ڄاڻ ورتي ويئي ته پاڻ چيائون ته اڄا منهنجو ڪوبه ڪتاب ڇپيل نه آهي پر ڪافي مضمون لکيل آهن جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ تي هڪ مقالو ، انگريزي اردو ادب مان سوشل سائنس تي مضمونن جا سنڌي ترجما ، تصوف تي مضمون وحدت الوجود انگريزي ۾ هڪ مضمون تعليم سماجي تناظر ۾ جڏهن نصرپور ۾ مصري شاھ ڪانفرنس ٿي ته مصري شاھ تي هڪ مقالو لکيو پر ن سببن جي ڪري اها نه ٿي ملتوي ٿي ويئي .شاعري پڙهڻ جو کين وڏو شوق آهي کين شاھ لطيف ڀٽائي جا ڪيترائي بيت ياد آهن . هڪ ڳالهه ٻڌايائون ته جڏهن هائي اسڪول جي استادن هڪ شاگردن جو مشاعرو ڪرايو جنهن ۾ هنن طرح ڏني هئي جنهن تي شاعري ڪرڻي هئي طرح هئي
    اڳوڻو مزو نه آهي گلشن گلن ۾
    هن ۾ مون کي پهريون نمبر مليو هو پر شاعري طرف توجه نه ڏنو پاڻ شاعري کي سماجي ۽ زندگي جي مسئلن کي سمجھڻ لاءِ پڙهندا آهن .سائين جن کي قرآن شريف جو ترجمو به ايندو آهي جيڪو پاڻ مولانا عبدالرحمان قاضي جن وٽ پڙهيا هئا . جتي سائين جن ادبي ميدان ۾ دلچسپي رکندا آهن اتي مختلف ادبي سماجي تنظيمن ۾ به رهيا آهن جڏهن ان جو تفصيل معلوم ڪيو ويو ته ڄاڻ ملي ته نصرپور جي نوجوانن جن ۾ محمد دائود دائودپوٽو ( عبدالعزيز دائودپوٽي جو والد صاحب ) ، محمد ڇتن دائودپوٽو ، 1962 ع ۾ گڏجي حزب الانصار نالي جماعت ٺاهي جنهن ۾ مولانا عبدالحق رباني ، سيف الدين دائودپوٽو به ميمبر هئا 1967 ع جڏهن فلسطين جي جنگ لڳي ته فلسطين جي ڀائرن لاءِ چندو گڏ ڪري موڪليو ويو هو .هن تنظيم عيد گاهه جي پلاٽ جي لاءِ لاءِ به جدوجهد ڪئي ، 1970ع پاڻ بخاري ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ به رهيا جنهن جو صدر الله بخش درس جنرل سيڪريٽري سيد اميد علي شاھ بخاري جن هئا ، سنڌي ادبي سنگت ۾ به رهيا جڏهن نصرپور ۾ شاخ کلي ته ان جو ڪنوينر سيد اميد علي شاھ بخاري جن هئا . جڏهن 1974 ع ۾ نصرپور ۾ محترم برڪت علي ڪريمي ابڙو جي ڪوشش سان گلن جھڙا ٻارڙا جي شاخ لي ته ان ۾ به سرگرم هئا ان جو پهريون صدر سيد مريد علي شاھ رضوي هو جيڪو ان وقت شاگرد هو . هن طرفان ڪافي ادبي نشستون به يون هيون .پاڻ مهراڻ ويلفيئر ڪلب ، سنڌ گريجيوئيٽ اسيوسيئيشن ۾ به ڪم ڪيو نصرپور اندر جيڪي صحت تعليم عوامي جي ڀلائي جا ڪم ٿيندا هئا انهن ۾ هضو وٺندا هئا . جڏهن نصرپور جي عوام مٿان ظلم جي انتها ٿي ويئي ته شهيد ممتاز علي درس جي سرواڻي ۾ ماروئڙا سوشل ويلفيئر ايسو سيئيشن جو بنياد رکيو ويو جنهن جو پهريون صدر نصرالله دائود پوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري محمد بچل دائودپوٽو هو سائين جن هن ۾ ورڪنگ ڪميٽي جا ميمبر هئا آئون خود به هن تنظيم جو ميمبر هوس ، هاڻي نصرپور ۾ نه سماجي نه ادبي تنظيمون آهن اٽي ۾ لوڻ جي برابرجيڪي آهن اهي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري رهيون آهن . هتي جيڪو مختصر لکيو ويو آهي ان جي سائين کان ڄاڻ ورتي ويئي هئي . اڄ جنهن منزل تي آئون آهيان ان ۾ سائين جو ساٿ شامل رهيو آهي هر قدم تي سائين جن رهنمائي ڪئي آهي جڏهن آئون پڙهندو هوس ته سائين جن منهنجي مدد ڪندا رهندا هئا . سماجي تنظيمن ۾ آڻڻ به شهيد ممتاز علي درس ۽ سائين خليل الرحمان جي ڪوشش آهي جو هن مي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو