سيد اميد علي شاھ بخاري خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    هي مضمون ٽنڊوالهيار جي هڪ اخبار ۾ شايع ٿيو پيغام ٽنڊوالهيار اخبار هئي

    نصرپور ۽ ٽنڊوالهيار جو بهترين استاد گولڊ ميڊل ۽ سلور
    ميڊل حاصل ڪندڙ
    سيد اميد علي شاھ بخاري
    خادم گھراڻو

    نصرپور جي سر زمين تي هر ڪنهن پنهنجي علم آهر جوت جلائي آهي جتي ٻين خاندانن ۽ قومن هن ديس جي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي اتي نصرپور ۾ رهندڙ بخاري سيدن به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي بخاري سيدن ۾ جيڪي به استاد ٿيا انهن علم جا اهڙا گل نڇاور ڪيا جنهن جي سڳنڌ اڄ به هن شهر کي واسي رهي آهي سيد غلام قادر شاھ بخاري نصرپور جو هڪ بهترين استاد ٿي گذريو آهي هن جو اولاد سيد محمد علي شاھ بخاري ، سيد علي بخش شاھ بخاري ، سيد غلام حيدر شاھ بخاري به استادي جهڙي پيشي سان لاڳاپيل آهي جيڪي علم جا گل ورهائي رهيا آهن . هن ئي خاندان ۾ سيد اميد علي شاھ اميد علي شاھ بخاري جنهن جا ٻه فرزند سيد آفتاب علي شاھ بخاري ،سيد امام بخش شاھ بخاري به استاد آهن . سيد امير علي شاھ بخاري جا به ٻه فرزند سيد غلام مصطفى شاغ بخاري ،سيد غلام رباني شاھ به استاد آهن . بخاري سيدن جي باري ۾ مير علي شر قانع ” تحفة الڪرام “ ۾ لکي ٿو ته سيد اسحاق بخاري ۽ ان جو پٽ سيد محمد محسن ۽ ڪي ٻيا بخاري سادات نصرپور ۾ اچي رهيا جي گمراهن کي هدايت وارو رستو ڏسيندا هئا .انگريزي دور ۾ به هنن بزرگن ۾ سيد قائم شاھ بخاري نالي هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي هو صاحب عربي ۽ پارسيءَ جو ماهر هو پارسيءَ ۾ گھڻو شعر چيو اٿس جنهن ۾ مقطع ۾ هڪ مصرع ۾ پنهنجو نالو قائم شاھ ڪم آندو اٿس ۽ ٻي مصرع ۾ پنهنجو تخلص شهنشاھ ڪم آندو اٿس . ديوان شهنشاھ اڃا تائين قلمي حالت ۾ سندن پونئيرن وٽ موجود آهي ديوان شهنشاھ جي غزلن جي بناوت بي بها تشبيهن ۽ مضمون جي لحاظ کان عجيب شيءِ آهي .سنڌيءَ ۾ بيت ، ڏوهيڙا ، وايون ،ڪافيون ، مولود ۽ مدحون گھڻي انداز ۾ چيا آهن . سيد قائم شاھ جي والد جو نالو سيد اميد علي شاھ هو جنهن کي مريد ۽ ٻيا معتقد اميدن ڀريو چوندا هئا . هيءُ بزرگ 1245 هجري بطابق 1808ع ۾ نصرپور ۾ تولد ٿيو هو. سيد قائم علي شاھ جو هڪ بيت آهي جنهن ۾ چون ٿا ته
    چوٿينءَ ساريم ساڙيهه جا گولاڙا ۽ گاھ ، سڪي ٿو ساڙيهه کي منهنجو ساھ پساھ
    ملنديس ماروءَ کي ڪندو ا ئين الله جلّ و على ٿئي سجايو ساڙيهه ۾ مان پويون سندم پساھ
    آهيم مهڙ ملير ڏي ڄاڻي هيڪ الله ، شال واري نيندم ويڙھ ۾ جت منهنجو ساھ پساھ
    ڪڏهن کڻنديس قائم شاھ چئي وڃي پکن منجھه پساھ ، اٿم وڏو ويساھ وري ويڙھ وڃڻ جو
    سندن هڪ ٻيو بيت مليو آهي جنهن ۾ چون ٿا ته
    ٿڌي واري ٿرن جي ٿڌيون ٿڌڪارون ، ڀاڳيا ڪن ڀاڻن ۾ کي ڪنڍين ڳٽڪارون ،
    ڪَڪين ڪڙمين کي ڪن طرحين تنواريون ، ڀيليون گوشيون تاسريون ماڻڪيون موچاريون ،
    ڪڪيون ڪن ڪانهن ۾ منجهه گوشيون گلزاريون ، گوشيون گاهن ۾ ڪن ڪڙميون قطارون ،
    ساڻن ٽهاڻيون ڪڪيون ڀوريون ڪاريون .
    هن ئي خاندان ۾ هڪ اهڙو انسان به آهي جنهن پنهنجي سڄي عمر تعليم جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي جنهن جا ڪيترائي شاگرد هن وقت وڏن عهدن تي رهي ملڪ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن . اهو انسان سيد اميد علي شاھ بخاري ولد سيد امام بخش شاهه بخاري جن آهن . سندن جنم نصرپور شهر ۾ پهرين مارچ 1943 ع ٿيو . 1948ع ۾ ميمڻ محلا اسڪول مان پرائمري تعليم ،1960 ع ۾ ايس ايم هائي اسڪول ٽنڊوالهيار مان مئٽرڪ ،1962 ع ۾ مسلم ڪيلج حيدرآباد مان انٽر ، 1964ع ۾ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پرائيويٽ ۽ 1966 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي انگلش ريگيولر ڪيائون . هن کان اڳ ڪريم بخش نظاماڻي ايم اي انگلش پرائيويٽ ڪئي هئي ٻيو نمبر سائين جن هئا جن ايم اي انگلش ڪئي هئي هالا سب ڊويزن ۽ تعلقي ٽنڊوالهيار جا پهريان پاڻ هئا جن ايم اي انگلش ۾ ڪئي هئي .1964 ع سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان بي ايڊ سيڪنڊ نمبر سان حاصل ڪئي جنهن تي کين سلور ميڊل ميو هو . 1986 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايڊ پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي جنهن تي کين گولڊ مليو هو . ان ئي سال پاڻ ايل ايل بي جو به امتحان پاس ڪيو هو .1960 ع ۾ تعليم کاتي ۾ اسٽنٽ ٽيچر مير پور خاص مقرر ٿيا . ان وقت پگهار 135 روپيا هوندي هئي . ايم اي انگريزي ۾ ڪرڻ لاءِ پوءِ اتان استعيفى ڏئي ڇڏيائون .سندن پسند جو مضمون انگريزي هو هن وقت ڪٿي به ڪنهن پروگرام ۾ ويندا آهن ته اتي انگريزي ۾ تقرير ڪندا آهن سندن چوڻ موجب منهنجو امتحان ۾ ميڊيم انگلش هوندو هو مون فزيالاجي ڪيميسٽري بائلاجي جا جواب انگلش ۾ لکيا هئا .پاڻ ميرپور خاص ۾ ڪامپيرن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو