علي شير شيخ خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين علي شير شيخ نصرپور جي هر دلعزيز شخصيت آهي پيارو سهڻو ماڻهو آهي سندن جنم هڪ غريب مسڪين پورهيت عبدالله جي گهر ۾ 6 مئي 1967 ع تي ٿيو پاڻ ادب سماجي ڪمن ۽ ڪنهن وقت سياسي تنظيم ۾ به رهيا . پاڻ نصرپور جا تمام ذهين شاگرد رهيا . پرائمري کام مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور ۾ حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم خاطر ٻين شهرن جا گس ورتا .پاڻ ايم اي ايم ايڊ آهن .جڏهن پاڻ استاد جهڙي عظيم پيشي سان منسلق ٿيا ته ڪافي وقت خير محمد جروار جي اسڪول ۾ تعليمي خدمتون ڏيندا رهيا ڪميشن پاس ڪري ايس ايس ٿيا هن وقت هائير سيڪنڊري اسڪول پليجاڻي ۾ آهن .پاڻ سماجي ڪمن ۾ به اڳيان رهيا ماروئڙا سوشل ويلفيئر ايسو سئيشن ۽ ٻين تنظيمن به رهيا .ادب جي ميدان ۾ پاڻ گهڻو ڪم ڪيو شاھ لطيف رائيٽرز ڪلب جا به عهديدار رهيا ان طرفان نڪرندڙ رسالي سوجهرو پبليڪيشن جا چيف ايڊيٽر ۽ مک سهڙيندڙ به رهيا پان مضمون ۽ شعر ۽ ڪهاڻيون به لکيون سنڌي ادبي سنگت جا به عهديدار رهيا .پاڻ پيارا دلوارا آهن سندن دوستن جو دائرو وسيع آهي .پاڻ فزڪس .ڪيمسٽري.انگريزي ۽ اسٽيٽڪس جا ماهر آهن کانئن ڪيترائي شاگرد مدد وٺندا آهن سائين جهڙا ماڻهو وڏي مشڪل سان ملندا آهن سائين تي جيترو لکجي ٿورو آهي رب پاڪ کين سدائين خوش رکي صحت سالم رکي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو