دين محمد دائودپوٽو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين دين محمد دائودپوٽي جي فيملي علمي آهي سائين جن جا ٻه وڏا ڀائر سائين محمد خان ۽ سائين خليل الرحمان استاد رهيا آهن .سندن ڀاء عبدالسبحان مدرسي ۾ تعليم ڏيندو هو .سائين جن جو جنم نصرپور جي هڪ غريب پورهيت حاجي خان جي گهر ٿيو .سائين جن نصرپور مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم جي لاء ٻين شهرن جا پنڌ ڪيا .هن وقت سائين جا ڀائيٽيا محمد اعظم ملهار . انيس الرحمان .ماجد الرحمان .عبدالولي استاد آهن .هڪ ڀائيٽيو آء بي سکر ۾ آهي . سائين دين محمد پهرين پرائمري استاد ٿيو پوء هائي اسڪول ٽيچر ٿيو .پاڻ گورنمينٽ هائي اسڪول نصرپور ۽ خير محمد جروار جا به هيڊ ماستر ٿيا . سائين جن جو ادب سان لاڳاپو آهي 1985ع ۾ پاڻ سوجهرو پبليڪيشن نصرپور ۾ هڪ مضمون نصرپور جون ادبي سماجي تنظيمون لکيو جيڪو معلوماتي هو ٿي سگهي ٿو ته اهو اڃا به ڪن لائبررين ۾ محفوظ هجي .سائين کل مک پيارو انسان آهي جڏهن ڪچهرين ۾ ويهندو آهي ته معلومات جا درياء وهائي ڇڏيندو آهي هڪ دوست ٻڌايو ته سائين کيس ٺاهڻ جو به ڪاريگر هو .نصرپور کيس ڪوآپريٽو سوسائيٽي جو جنرل سيڪريٽري به رهيو .سنڌي ادبي سنگت ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيو سائين جي چهري تي هر وقت مرڪ مهڪندي رهندي آهي . پاڙي ۾ جيڪي شاديون ٿينديون آهن انهن ۾ پوئي لکڻ جي ذميواري سائين جن جي حوالي هوندي آهي سائين جا ڪيترائي شاگرد آهن سائين جتي به رهيو علم جا گل نڇاور ڪندو رهيو ۽ ڪري رهيو آهي دعا آهي ته سائين سدا خوش آباد رهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو