مير راشد علي دائودپوٽو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    فلسفي جو ڄاڻو ۽ ليکڪ خادم گھراڻو

    Rashid Doudpoto راشد دائودپوٽو

    مير راشد علي ولد بندہ علي دائودپوٽو جو تعلق نصرپور سان آهي. سخت جفا ڪشي ڪندڙ، خاموش طبع، ٿڌو مزاج رکندڙ آهي. سندن جنم نصرپور شهر ۾ 28 فيبروري 1978ع تي ٿيو. پرائمري تعليم ميمڻ محلا اسڪول نصرپور ؛ مئٽرڪ هاءَ اسڪول نصرپور ۽ انٽرميڊئيٽ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سندس چواڻي هو ڪاليج تائين پنهنجي تدريسي عمل ۾ هڪ ڪمزور شاگرد طور رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان فلسفي شعبي ۾ ماسٽر ڊگري ورتائين. 2009ع يورپ جي ملڪ هالينڊ مان نيدرلينڊر فيلوشپ پروگرام جي اسڪالرشپ تي يونيورسٽي آف ويجننجن (Wageningen) مان گڏيل رٿابندي، نگراني، جانچ ۽ ڇيد ڪرڻ ۾ تربيت حاصل ڪيائين. 2011ع ۾ يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو مان ڏورانھين سکيا جي پروگرام Distance Learning Program ذريعي رورل ڊويلپمينٽ ۾ ماسٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 2011ع ۾ وڪالت لاء بنيادي امتحان LLB جو امتحان پاس ڪيائين. راشد دائودپوٽو متحرڪ سياسي ڪارڪن رهيو آهي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ٻہ دفعا جيل بہ وڃي چڪو آهي. سندن سياست جي شروعات 1988ع ۾ ٻارڙن جي سياسي تنظيم سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ تربيتي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ سان ٿي. سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ ان وقت جي گڏيل حيدرآباد ضلعي ۾ ( جيڪو 2005ع ۾ ٽوڙيو ويو حيدرآباد ، مٽياري ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊوالهيار ضلعا ٺاهيا ويا) ضلعي صدر، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي صدر ۽ پوءِ مرڪزي جنرل سيڪريٽري طور رهي ڪم ڪيائين. يونيورسٽي دوران تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي بند ڪريو جي جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. شاگرديء جي زماني کان پوء عوامي تحريڪ ۾ مرڪزي اڳواڻ طور ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس پسند جو سياستدان محترم رسول بخش پليجو صاحب آهي. پسند جو گل موتئي جو گل، پسند جو رنگ ڳاڙهو، پسند جو کاڌو چانورن جي ماني ساڳ يا پلي سان آهي. مير راشد کي اهو لباس پسند آهي جيڪو عوام سان ڳنڍي. پسند جا استاد پرائمري ۾ محترم محمد عالم انڙ صاحب ( اياز عالم ملوڪاڻي ادبي نالو ) ۽ مرحوم علي نواز دائودپوٽو صاحب، هاءَ اسڪول ۾ محترم دين محمد دائودپوٽو صاحب، محمد اسماعيل سيکاٽ وارو ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران محترم فريد الدين شيخ ۽ محترم جاويد ڀٽو جن آهن. سندس روزگار جا وسيلا ننڍو ڪاروبار، پرائويٽ اسڪول، وڪالت ۽ تربيتون ڏيڻ آهي. راشد دائودپوٽو 1995ع ۾ ادب جي دنيا ۾ آيو. شروعات روزانہ خادم وطن اخبار ۾ لکڻ سان ڪيائين. هن وقت تائين راشد دائودپوٽو جو هڪ ڪتاب "يوناني فلسفي جي تاريخ" ڇپجي چڪو آهي آهي. (ڇپائي دوران انساني غلطيءَ سبب “فلسفي جي تاريخ” جي بجاء “فلسفي جي اهميت ۽ افاديت” سان ڪتاب ڇپيو.) سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل ول ڊيورانٽ ( Will Durant) جي ڪتاب "The Story of Philosophy جو ترجمي “فلسفي جي ڪهاڻي” جي ايڊٽينگ ڪيائين. هن وقت هندستاني فلسفي تي سندن ڪم هلندڙ آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن جهڙوڪ عوامي آواز، سوڀ ، عبرت وغيره ۽ رسالن جهڙوڪ تحريڪ، ڪاپڙي وغيره ۾ سندن مضمون ۽ ڪيل ترجما شايع ٿي چڪا آهن. 1993ع ۽ 1994ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي تربيتي ڪلاسن جي استادن اسماعيل خاصخيلي، حسين جروار، ميرپرويز، وشنو مل ۽ ٻين کيس لکڻ لاء اتساهيو. فلسفي جي استاد مير مظفر ٽالپر، سندس ڪلاس فيلو نويد سنديلو ۽ مانواري جامي چانڊيو کيس همٿايو پر لٺ کڻي، واعدا وٺي، هر دفعي پڇاڻا ڪري سڀ کان وڌيڪ اتساهيندڙ محترم رسول بخش پليجو صاحب رهيا آهن. پليجي صاحب جي باري ۾ سندن چوڻ آهي تہ "ماسو ملئہ مال، تہ پوڄارا پُر ٿئين " ، "تون سَمو آئون گَندري، مون ۾ عَيبَ اَپار". عوامي علمي ادبي فورم ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. ان پليٽ فارم تان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ليڪچر ڏيندو رهندو آهي. سندس مطالعي جا موضوع تھذيبون، عالمي آڳاٽي تاريخ، فلسفي جي تاريخ، مارڪسي فلسفو ۽ عالمي صورتحال خصوصي آهن. پاڻ سماجي تنظيمن ۾ بہ ڪافي اهم ڪردار ادا ڪيو اٿس. جڏهن راشد دائودپوٽو مختلف NGOs ۾ ڪم ڪيو آهي. شروع ۾ پتڻ ترقياتي تنظيم ۾ ڪم ڪيو. عمرڪوٽ ضلعي جي شهر ڪنري ۾ صحافي، ڪالم نگار مرحوم عاجز سمون ۽ سندس گهر واريءَ سان گڏ عورتن جي ترقياتي تنظيم ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. خيرپورميرس ۾ ليڊ پاڪستان تنظيم ۽ ماروي ڳوٺاڻي ترقياتي تنظيم ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊويلپمنيٽ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ضلعي مئنيجر طور خيرپورميرس ۽ ميرپورخاص ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. نيشنل ٽيڪنيڪل ايڊوائيز طور اڪيڊمي فار ايجوڪيشن ۾ ملڪي سطح تي ٽرينر ۽ مانيٽرنگ اينڊ ايوليوشن ۾ ڪم ڪيو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ نفسيات جو استاد آھي.

    راشد دائودپوٽو اسان جي شهر نصرپور جو هڪ سرمايو آهي جيڪو ادبي، سماجي، سياسي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون ارپي رهيو آهي. پاڻ ادب جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو