نم خام مهيسر خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    نم خان مهيسر استاد ۽ اديب آهي سندن جنم نصرپور ويجهو ڳوٺ محمد سانوڻ مهيسر ۾ ٿيو پاڻ هن وقت هائي اسڪول ٽيچر آهن پاڻ پنهنجون تعليمي خدمتون سنڌ ماڊل هائي اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ ڏيئي رهيا آهن پاڻ بي ايڊ جا ٽيوٽر به رهيا آهن .منهنجو ڪلاسي آهي اسان ان وقت نصرپور جي هائي اسڪول پڙهندا هئاسين جڏهن اسڪول جي عمارت پراڻي هئي ڊيسڪون ڪرسيون هنديون هيون .اسان جي اها خوش نصيبي آهي ته مشهور محقق يوسف شاڪر ابڙو ۽ مشهور شاعر ناول نويس لونگ خان عاجز ڀاڻون اسان جا اسلاميات ۽ سنڌي جا استاد هئا شايد انهن جي رهنمائي اثر جي ڪري اسان ادبي دنيا ۾ آياسين جڏهن يارهين ۾ داخلا ورتي ته مشهور شاعر اياز گل اسان جو استاد رهيو . نم خان مهيسر پنهنجي استاد لونگ خان عاجز ڀاڻون جو گرويدو هو اڄ سائين اسان ۾ نه آهن پر نم خان مهيسر اهو رشتو اڄ به نڀائي رهيو آهي .نم خان مهيسر مختلف رسالن اخبارن ۾ لکيو آهي سندن مقالو ام المومنين الفاروق ڪراچي ۾ قسط وار شايع ٿيو سائين نم مضمون .ڪهاڻي سان گڏ هاڻي شاعري به ڪري رهيو آهي سائين نم پيار محبت ڏيڻ وارو استاد آهي جيڪو به هڪ دفعو ملندو آهي ته ٻئي دفعي ملڻ جي آس ڪندو آهي سائين نم مهيسر جهڙا هزارين ادب دوست استاد اسان جي ڌرتي جو سرمايو آهن اهي سدا آباد رهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو