ناليوارو شاعر، ادیب، ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال..!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ناليوارو شاعر، اديب، ڪمپيئر ۽ڪالم نگار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال :
    فقير محمد سنڌي
    ڪي ئي ڀيرا پاڻ ئي پنهنجو در مون کڙڪايو،
    مون پئي ڀانيو اندران ئي ايندو منهنجو آواز.
    ( نارائڻ شيام )
    سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار رزاق مهر جو زندگيءَ بابت خاڪو آهي ته : "زندگيءَ سان مڙس ماڻهو ٿي لڙجي يا نه ته ان جي هٿان چپ چاپ شڪست قبول ڪري ڇڏجي، دنيا ۾جيئڻ جا رڳو اهي ٻه رستا آهن، ٽيون رستو ڪوبه ڪونھي ".
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو اهو شاعر ۽ ليکڪ آهي، جنھن ادب ۽ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مڙس ماڻهو ٿي گذاريو آهي. جنھن جي زندگي جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو .
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. خانداني لحاظ کان سندس لاڳاپو زميندار ۽ تعليم يافته خاندان سان آهي. هن 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين. آر. ايم. او (ايڊمنسٽريشن) ايل. ايم. سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (1989ع-1988ع) رهيو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم. ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو به رهيو.
    ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي. سندس ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ’ٻارن جي صفحن‘ ۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون. چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو (1976ع-1974ع) جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ’سنگت‘ مخزن جو چيف ايڊيٽر (2008ع- 2006ع) رهيو آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو. ان کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل. ايم. سي جو سيڪريٽري ٿيو. 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سٺو ڪمپيئر به آهي ۽ ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن جي ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪري چڪو آهي. هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن (’ڪن ۽ ڪنارا‘، ’پرهه کانپوءِ‘، ’غازي عبدالقيوم شهيد‘، ’درد ڪو جو زبان ملي‘) ۾ اداڪاري به ڪئي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو اهو خوش نصيب شاعر آهي جنھن شاعري ڪافي فنڪارن ڳائي آهي. ملڪ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان ذوالفقار سيال جا گيت نشر ٿين ٿا جيڪا شاعر ۽ ليکڪ لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.
    ڊاڪٽر حياتيءَ جو روشن باب کي مستقل مزاجي سان جاري رکيو آهي، جنھن مان پنهنجي ذاتي زندگي ۽ سنڌي ادب کي ڪٿي به بي زبان ٿيئڻ ڪونه ڏنو آهي. تاريخ ۽ ادب جي وارثي ڪندو رهي ٿو.
    علم ته آهي هيرن کاڻ،
    پڙهي پرائي پاڻ سڃاڻ .
    علم سڏي سڀني کي چئي ٿو،
    آءُ، تون پنهنجي منزل ماڻ.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا 17 ڪتاب ڇپيل آهن .جنهن ۾، (1) ’رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا‘1977ع سنڌ اڪيڊمي حيدرآباد ، (2) ’ڳاڙها هٿ پيلا چهرا‘، (3) ’چهرا چنڊ گلابن جھڙا‘ (4) ’بارش کانپوءِ)(‘ 5) اکر اکر سرهاڻ،2002ع( 6) آئينه ۽عڪس(7) لفظن جا رانديڪا ،1989ع(8) سنڌي شاعريءَ جو سفر ۽( 9) پنهنجي ٻولي، پياري ٻولي،2014ع ،( 10) ماڻهو اُجرا رستا ميرا( 11) منهنجي ديس جا ٻار 1982ع( 12)گلڙن جھڙا گيت،1986ع( 13)مکڙين مالها، 1979ع ( 14)دعائون، 2010ع ( 15)گل مکڙيون، 2006ع ( 16)گيت کيڏوڻا 1987ع ۽ ننڍڙا فرشتا پياريون پريون 2019ع ، ادب جي کيتر ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ادبي پورهئي تي ساجد سنڌي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب ۽شخصيت، جي عنوان سان شاندار نموني جي سھيڙ ڪئي آهي جنھن مان سنڌي ادب جا ليکاري آساني سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگي ۽ ادبي پورهئي تي لکي ۽ پڙهي سگهن ٿا. آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ لطيف سائين جون سٽون ته :
    چڱا چنڊ چئيج سنيها کي سڄڻين،
    مَٿا اڱڻ اُڀري، پرين جي پئيج،
    جھيڻو ڳالھائيج، پيرين وجهي هٿڙا..



    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو