گوپال داس پونڙ مينگهواڙ خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي معذوري جي ڪري پريشان هوندا آهن ڪي وري اهڙا آهن جيڪي معذوري کي مجبوري نه سمجهي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن انهن مان گوپال داس پونڙ مينگهواڙ به هڪ آهي جنهن ڪڏهن به معذوري کي مجبوري نه سمجهيو هن جو جنم نصرپور لڳ ڳوٺ چوڌري برڪت علي آرائين ۾ ٿيو هن جي جنم جي تاريخ 2 جنوري 1995ع آهي .جڏهن پاڻ ننڍڙي لٺ کڻي ڀاء جي دوڪان جي اڳيان بيهي اسڪول ويندڙ ٻارننکي ڏسندو هو هڪ ڏينهن چيومانس اسڪول هلون هن جي والد صاحب جو راضپو نه هو پر هي اسڪول هليو محنت ڪئي هر سال ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻندو هو هن ميمڻ محلا اسڪول نصرپور ۾ ٿيندڙ هم نصابي سرگرمين ۾ حصو ورتو جنهن ۾ خاڪا تقرير ۽ ٻيا ائٽم هئا هن اتي پاڻ مڃرايو هن پهريون دفعو پنجين ڪلاس ۾ انگريزي ۾ تقرير ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هن کي تمام گهڻو انعام مليو مئٽرڪ هائي اسڪول نصر پور مان ڪئي انٽر ڪو ايڊيوڪيشن ڪاليج نصرپور مان ڪئي گريجيوئيٽ مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄام شورو مان ڪئي هن وقت اتي پاڻ استاد به آهن . هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ ريسرچر اسٽنٽ آهن .پاڻ شاگردن کي ڪمپيوٽر سيکارڻ واري سينٽر آء ڪين نصرپور ۾ ڪو ڊائريڪٽر آهن پلانر معمار ڊزائين اسٽوڊيو ۾ آهن ماسٽر ٽريننر بي بي ايس ايڇ آر ايس ڊي بي ميوٽ ڄام شورو ۾ آهن ڪمپيوٽر آپريٽر عوامي ڪمپيوٽر سينٽر ۾ آهن ڪمپيوٽر سکڻ جو هن کي شوق هوندو هو آئون عوامي سينٽر تي ڪم ڪندوهوس سينٽر جي مالڪ مير عرفان علي دائودپوٽو ۽ مون هن کي ڪمپوزنگ سافٽ ويئر هارڊ ويئر انسٽاليشن سيکاري هن وقت تائين هن ڪيترائي ڪتاب ڪمپوزنگ ڪيا اسان کي فخر آهي ته گوپال تجربي ۽ شوق جي ڪري اسان کان وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو اسان کانئس مسئلو پڇندا آهيون .جتي گوپال داس تعليم تي توجه ڏنو اتي ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو سندس مضمون ڪاوش .سوڀ .جيجل .سنڌ ايڪسپريس ۽ ٻين اخبارن ۾ مضمون لکيا جيڪي سست ڪاهل آهن .اسان پنهنجي هن پياري شاگرد تي ناز ڪريون ٿا .سندس خواب آهي ته اسڪالرشپ تي جرمني يا ڪنهن ٻئي ملڪ تعليم حاصل ڪرڻ وڃان اهو سندس خواب ضرور پورو ٿيندو اسان جي خواهش آهي ته هي ترقي ڪندو رهي ديس جو نالو روشن ڪندو رهي
     
    آخري ترميم: ‏3 جون 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو