ٿر جو ادبي تاريخي اتھاس ۽ رائچند راٺوڙ

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,868
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٿر جو ادبي تاريخي اتھاس ۽ رائچند راٺوڙ


    دولت رام کتري

    سنڌ جي ريگستاني علائقي ”ٿر“ جي تاريخي ۽ ادبي اتهاس جو ھڪ وسيع پس منظر رھيو آهي جڏهن ٿرجي تاريخ جوتذڪرو ڪجي ٿو تڏهن معلوم ٿيندو ته جن شخصيتن ٿر جي تاريخ کي سيهڙي منظر عام تي آندو، انهن ۾ انگريز مصنف ڪئپٽن اٽئنلي نيئپر ريڪس، مگهارام اوجها، تيج سنگهه سولنڪيءَ، محمد اسماعيل عُرساڻي جا نالا قابل ذڪر آهن. جن تحقيق ۽ مشاهدن جي آڌار تي ٿر جي تاريخ جا مختلف پهلو نروار ڪيا، ڪئپٽن ريڪس ٿر جي تاريخ جو پهريون کوجناڪار هو. جنهن ٿر جي تاريخ جاگرافي، قومن قبيلن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، تجارت، تاريخي ماڳن تي هڪ ڪتاب Memoir on the thar and Parkar, Districts of sindh مرتب ڪري ٿر جي حوالي سان مفيد معلومات قلم بند ڪئي هئي. اهو ڪتاب 1859ع ۾ ممبئي سرڪار طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. سن 1924 ۾ مسٽر ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ٿر بابت هڪ ڪتاب ”سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جو راڄ“ لکي پڌرو ڪيو. ان کانپوءِ سنه 1934 ۾ مسٽر تيج سنگهه سولنڪيءِ ”امرڪوٽ اتهاس“ نالي هڪ ڪتاب مرتب ڪري ٿر جي تاريخ سان لاڳاپيل ڪجهه پهلو روشناس ڪرايا. اُن کان پوءِ ٿر جي ”پيرائتي تاريخ“ لکڻ لاءِ جن منصفن قلم کنيو، انهن ۾ رائچند راٺوڙ جو نالو اول اچي ٿوـ ٿر جي هُن محنتي محقق ، ٿر جي ”پيرائتي تاريخ“ تي هڪ انمول ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ڏنو. جيڪو سنڌي ادب ۾تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب ليکيو وڃي ٿوـ ھونء به ڏٺو وڃي ته ٿر جي اديبن ليکڪن ۽ ۽ شاعرن جو ادبي پورھيو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاء نمايان حيثيت رکي ٿو ـ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي اوسر لاء ٿر جي اديبن شاعرن ۽ محققن جي ڪردار کي ھرگز نٿو وساري سگهجي ٿر جنهن کي شيخ اياز ادب جو گھر پڻ سڏيو آهي سنڌي ادب ۾ جتي رائچند راٺوڙ جو تاريخي تحقيقي ڪم ڳڻائي سگهجي ٿو اتي ٿر سان تعلق رکندڙ 200 ڪتابن جي ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي 30 ڪتابن جي ليکڪ ۽ ترجمي نگار وليرام ولڀ 30 ڪتابن جي ليکڪ پروفيسر شامداس جوشي الھداد جنجھي ڀڳت کيمچند شرما حاجي محمد دل محمدھنگورجو وڪيل روچيرام محمد اسماعيل عرساڻي ثريا سوز ڏيپلائي عبدالقادرجوڻيجو سھيل سانگي نوراحمدجنجھي ڀارومل امراڻي ارباب نيڪ محمد ڊاڪٽر مشتاق مٺواڻي اشوڪ بختاڻي دليپ ڪوٺاري حاجي ڪنڀار رحم علي موسيپوٽو ۽ دليپ دوشي خالد ڪنڀار امر راء سنگھ تولارام سوٽھڙ عنايت نھڙي ٻين ليکڪن جو ڪم به سنڌي ادب لاء نمايان حيثيت رکي ٿو ـ محمد عثمان ڏيپلائي جو سنڌي صحافت ۽ ادب جي اوائلي دور تي سندس نثر توڙي فڪشن جو پاڇو رھيو آهي ـ سنڌ ۾ وليرام ولڀ جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب غدار پوئين پھر جا پانڌيئڙا بند دروازو يادون ملاقاتون ۽ اڀياس کير ڌارا اڄ به سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙھيا وڃن ٿا ٿر مان جنم وٺندڙ جينئيس ليکڪ عبدالقادرجوڻيجو جا لکيل ڊرامان ۽ ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ انفرادي حيثيت رکن ٿا ـ پروفيسر محمد ھنگورجي جاشاھ لطيف جي شاعري تي لکيل تحقيقي ڪتاب ۽ پروفيسر شامداس جوشي جا لکيل ٽيھ ڪتاب پڻ سنڌي ادب جو اھم حصو سمجھيا وڃن ٿا اھڙي ريت سگھڙ الھداد جنجھي جو شاھ لطيف جي شاعري تي ڪيل ڪم ليکڪ حاجي محمد جو مٺي شھر جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ٿر جي لوڪ ڏاھپ ۽ ٿر جي ڀاڱن تي لکيل ڪتاب ڀارومل امراڻي جا لوڪ ادب تي لکيل ڪتاب نوراحمد جنجھي جا علم ادب فن سماجيات ثقافت ۽ شيخ اياز جي شاعري تي لکيل تحقيقي ڪتاب سنڌي ادب جو اھم حصو آهن انھي کان علاوه جديد دور ۾ گذريل ٻن ٽن ڏھاڪن ۾ ٿر جي ڪيترن ئي ليکڪ دوستن جو ڪم پڻ نمايان رھيو آهي شاعري جي کيتر ۾ وري غلام محمد جنجھي سائينداد ساند بلاول اوٺو ھيمنداس چنداڻي ماٺيڻو اوٺو شنڪر ساگر ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو امر ساھڙ امام علي جنجھي اشوڪ مجروح خليل ڪنڀار پيارو شواڻي سانگي صحرائي جئديو جوشي فيضو فراقي چمن ٿري ناشاد سمون ساگر خاصخيلي شوڪت تبسم ڪنڀار مشتاق جنجھي عبد الله آس ھنگورجو معصوم سوندرائي الماس نھڙيو ۽ ٻين شاعرن جي شاعري سنڌي ادب ۾ اھميت جي حامل رھي آهي رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم انسائيڪلو پيڊيا نما ڪم جي زمري ۾ اچي ٿو جيڪو تمام گهڻي اھميت جو حامل آهي ـ ٿر جي پيرائتي تاريخ کي رائچند راٺوڙ جڏهن قلمبند ڪيو ھو ته انھي دور ۾ ٿر ۾ نه روڊ رستا ھئا نه ڪي بنيادي سھولتون ھيو پوء به ھن مورخ محنت ڪري سنڌي ادب کي ھڪ شاھڪار تاريخي ڪتاب تاريخ ريگستان ڏنو رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان کي ٻن جلدن ۾ سموئي ٿر جي مستند تاريخ کي نروار ڪيو آهي، ۽ اُهو ڪتاب پڙهندڙن کي ٿر بابت مفيد معلومات فراهم ڪري ٿو.رائچند راٺوڙ پيشي جي لحاظ کان هڪ پرائمري اُستاد ھيو نوڪري واري عرصي دوران رائچند راٺوڙ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پڻ رھيو انھي عرصي دوران رائچند راٺوڙ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو.ٿر ۾ سهولتن جي اڻ هوند جي باوجود رائچند راٺوڙ پيرين پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي مقامي اُستادن جي سهڪار سان ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ايئن هو مسلسل 15 سالن جي جدوجهد ۽ محنت کانپوءِ هو ٿر جي پيرائتي تاريخ کي سيهڙڻ ۾ ڪامياب ويو. انهي دوارن هن کي ڪيتريون ئي ڏکيائيون پڻ سامهون آيون ۽ انهن ڏکيائن جو ذڪر سندس ڪتاب ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛
    ”ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون گڏڪريان ۽ اُنهي ڏس ۾ ڪوشش ڪيم پر ٿرجو ملڪ، پرائمري ماستر، بهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان واسطو، لائبررين جي سهولت ته پري جي ڳالهه پر اخبار به ميسر نه هئي. علم، دوست صاحبن جي ملاقات کان محروم، نڪو مدد گاريا صلاح ڏيڻ وارو اٽلو همت شڪني ۽ ٽوڪبازي، ڪنهن سان کڻي ڳالهه ڪر ته سڀ چون تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي. ٻيا عالم آهن ئي ڪا نه، جو تون هليو آهين، تاريخ لکڻ وقتي طور تي دل مايوس ٿيو وڃي. پر اندر ۾ پڪو ارادو ڪيو هو سو اڳتي وڌندو رهيس، ڪوشش ڪري هِتان، هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ مليل مواد قلم بند ڪندو رهيس“.
    مطلب ته ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾رائچند راٺوڙ ڪثالا ڪڍي جيڪا محنت ڪئي ۽ قلمي پورھيو ڪيو اهو انھي دور ۾ هڪ وڏو تحقيقي ڪم ۽ ڪارنامو ھيو ھن دور ۾ اسان جا دوست ھن قسم جو ڪم ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن ٿر جي تاريخ لوڪ ادب، ۽ ثقافت تي تحقيقي ڪم ڪندڙ رائچند راٺوڙ کي انهي وقت ٿر ۾ ڪم ڪندڙ تعليمي ماهر ۽ فرسٽ اسٽنٽ ڊپٽي ايجيوڪيشنل انسپڪٽر محمد اسماعيل عرساڻي، تاريخ ريگستان کي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻو اتساهيو هو ۽ هن جي مدد پڻ ڪئي هئي ۽ انهي جو ذڪر مصنف پاڻ ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي رائچند راٺوڙ جي لکيل ڪتاب تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو 1956 ڌاري ڇپجي منظر عام تي آيو. جڏهن ته ٻيو ڀاڱو 1975 ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. تاريخ ريگستان هڪ اهڙو علمي ۽ تهذيبي موضوع تي شاهڪار تصنيف آهي، جنهن مان اسان ٿرجي لوڪ ادب ثقافت ۽ تاريخي قصن جي معلومات هٿ ڪري سگهون ٿا. تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو ٿر جي طبعي ڀاڱن، معاشرتي حالتن، ٿر ۾ مختلف بادشاهن (جهڙوڪ: راجپوتن، سوڍن، سومرن،ڪلهوڙن، ٽالپر، انگريزن) جي مختلف دورن جي قصن تي مشتمل آهي. رائچند راٺوڙ پهرين ڀاڱن ۾ ٿر جي تعارف، پکيڙ، ايراضي آبادي، ٿر جي مختلف ڀٽن، ڏهرن،هندن جي تيرٿ آسنانن، تاريخي ماڳن، تراين، ندين متعلق انتهائي مفيد معلومات قلم بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پهرين ڀاڱي ۾ هن ٿر تي بادشاهي ڪندڙ حاڪمن جي پيڙهين ۽ شجرن تي پڻ مفصل سان لکيو آهي، تاريخ ريگستان جي ٻي ڀاڱي ۾ٿر جي سماجي حالتن،رسمن، رواجن، جانورن، پکين، جهنگلي جيوت ، ذرعي سرشتن، ٿر جي ميلن ملاکڙن علائقائي شخصيتن، ٻولين، قبيلن، رومانوي ۽ لوڪ داستانن ۽تاريخي واقعن جي مختلف پهلوئن کي نروار ڪيو ويو آهي.اهڙي ريت رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان ۾ٿر جي مڙني موضوعن تي تفصيل سان لکي، ٿر جي تاريخ ۽ اهميت کي نروار ڪيو آهي. حقيقت ۾ رائچند راٺوڙ جو ڪئيل تحقيقي ڪم پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کان گهٽ ناهي. انهي حوالي سان ٿر جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو هو ته؛
    ”ٿر جي پيرائتي تاريخ پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب تاريخ ريگستان پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي ”راجستان“ وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئس تڏهن جيڪڏهن ڪوئي به مون کي ياد ڏياري ها يا ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي ها ته مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند جي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها. ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻ هوند هجي اُتي هڪ استاد ماڻهو ٿر متعلق نهايت مفيد معلومات گڏ ڪري، هڪ تحقيقي تصنيف مرتب ڪري ته منهنجي خيال ۾هي هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. تاريخ ريگستان ٿر جي جاگرافي، سماجيات ۽ ثقافت جي هڪ تصوير آهي ۽ ٿر جو اصل چهرو تاريخ ريگستان ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾تاريخ ريگستان ٿر جو مڪمل انسائيڪلو پيڊيا آهي. ۽ اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي رائچندکي انهي وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها. ٿر جي هن محنتي محقق ۽ تاريخ دان 31 مئي 1968 ۾وفات ڪئي. 1996 ۾انهي وقت جي ڪمشنر ميرپورخاص گل محمد عمراڻي جي ڪوشش سان چيلهار ۾ رائچند راٺوڙ جي نالي سان ادبي لائبرري جو قيام عمل ۾ آندوويو.ـ 2008 ع ۾ پيپلز پارٽي جي اڳئين حڪومت ۾ تعليم کاتي سنڌ طرفان چيلهار جي گورنمنيٽ هاءِ اسڪول کي رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو ويو اهڙي ريت هن عظيم تاريخ دان جي شخصيت کي مڃتا ڏني وئي.
    ٿر جي تاريخ تي لکيل رائچند راٺوڙ جو ڪتاب هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي ۽ سنڌي ادب ۾ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. پر گذريل 60 سالن جي عرصي ۾ ٿر جي تاريخ جي موضوع تي ڪنهن به مصنف جو ڪو اهڙو تحقيقي ڪتاب منظر عام تي ناهي آيو. البته 1992ع ۾ انهي وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ٿر سيمينار ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ٿر“ ترتيب ڏنو هو. جيڪو انهي وقت شايع ٿيو هو. پر 60 سالن جي عرصي ۾ٿر ۾ گھڻوڪجهه بدلجي چڪو آهي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ، ادب، ثقافت ۽ تاريخ جا ڪيئي رهجي ويل قصا اڄ به تحقيق جا منتظر آهن. چوڻ جو مطلب ته ٿر جي تاريخ جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، خود رائچند راٺوڙ به پنهنجي ڪتاب ۾انهي ڳالهه جو اعتراف به ڪيو آهي ته ”اڃان ٿر جي تاريخ جون ڪي حقيقتون هونديون، جي هن ناچيز کي هٿ نه آيون آهن، البته جيڪي هٿ آيون آهن سي آئينده تاريخ نويسن لاءِ بنياد جو ڪم ضرور ڏينديون“ سو رائچند راٺوڙ جي ڪتاب تاريخ ريگستان کي بنياد بڻائي ٿر جي تاريخ جا رهجي ويل پاسا ۽ قصا قلم بند ڪري سگهجن ٿا. انهي لاءِ تاريخ تي ڪم ڪندڙ مصنفن ۽ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي.

    روزانہ ڪاوش 31 مئي 2020
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو