زال مڙس ۽ اينمل هسبنڊري يعني جانورن جي اشپتال مڙشالو جِوءِ کي : بيگم ! آئون چاڪ ناهيان، مونکي ته جانور جي اشپتال يعني اينمل هسبنڊري وٺي هل! جوءِ هان هان مُئا! پر جانورن جي اشپتال ڇو؟ مڙشالو: بيگم مان جانور ٿي ويو آهيان. جوءِ: مُئا! پر اهو وري ڪيئن؟ مڙشالو: بيگم صاحبه! صبح جو ڪڪڙ وانگر سويل اٿان ٿو، آفيس ڏانهن گهوڙي وانگر ڀڄندو ٿو وڃان، ته متان آڦيشر جا دڙڪا نه کاوان!؟ وري آڦيش ۾ گڏهه وانگر ڪم ٿو ڪريان ! ۽ واپس اٺ وانگر لڏي لمي ڍَڪَرَ کائي گهر ٿو پهچان ! گهر اچي، تو مَينهِن جهڙي جوءِ جي شڪل ٿو ڏسان ! هاڻ ٻڌاء ته مان ماڻهو (انسان) آهيان يا جانور؟ جوءِ : غضب جهڙي ڪاوڙ مان؛ مينهن هوندي، تنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ ! مان پاءُ گلن ۾ ٿي تُران! پر مُئَا تو وٽ منهنجو قدر ڪونهي.