ذوالفقار علي گهراڻو خادم گهراڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2020۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    سائين ذوالفقار علي گهراڻو محترم استاد مرحوم محمد عمر گهراڻو فرزند آهي سندن جنم27 مارچ 1979 ع ۾ نصرپور ٿيو .پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور ۾ حاص ڪئي انٽر ڪي ڪي ڪاليج ٽنڊوالهيار مان بي اي ۽ بي ايڊ يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو مان ڪئي پاڻ 2008 ع ۾ ميرٽ تي سليڪٽ ٿي پرائمري استاد ٿيا . پاڻ تمام محنتي استاد آهن سندن نالو هوشيار همدرد محنتي استادن ۾ شامل آهي سندن ڪنهن وقت ادب سان به تعلق رهيو آهي .پاڻ ٻارن لاء فوٽو اسٽيٽ رسالو پهرين گلن جهڙا ٻارڙا پوء وطن جا ٻارڙا ڪڍندا هئا پاڻ ڪجھ ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا جيڪي ڪنهن وقت ڪاوش مئگزين ۾ شايع ٿيا .پاڻ گهراڻا سنگت نصرپور ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ رهي سماجي ڪم ڪيا . پر پاڻ هن وقت ادبي دنيا کان پري آهن ٻارن کي قران جي تعليم ڏين ٿا ۽ مسجد جا پيش امام آهن .هن وقت شهر کان پري هن کي بدلي ڪيو ويو آهي اسان مطالبو ڪريون ٿا ته هن کي واپس ٽائون ڪميٽي نصرپور جي ڪنهن به اسڪول ۾ بدلي ڪيو وڃي .اسان جي دعا ته صحتمند رهن علم جا گل نڇاور ڪندا رهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو