• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مصالي دار آلو؛

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
اجزاءِ؛
آلو اڌ ڪلو يا ڪلو
ٽماٽر وڏا 4 يا 5
املي پاڻي ۾ وجھي پسايو
اڌرڪ ۽ ٿوم جو پيسٽ ٺهيل
ڪارا مرچ ڪٽيل
ڳاڙها مرچ ڪٽيل
چاٽ مصالو
ساوا مرچ 4 يا 5
سفيد زيرو پيسل
گيهه

طريقو؛
آلو ايترا اڀاري وٺو جو اڌ ڪچا ۽ اڌ پڪا هجن پوءِ گيهه ۾ وجھي مٿان ڳاڙها مرچ هڪ چمچ ڪارا مرچ هڪ چمچ چاٽ مصالو هڪ چمچ ٽماٽر باريڪ ڪٽيل اڌرڪ ٿوم جو پيسٽ۽ ساوا مرچ وجھي سڀني کي آهستي مڪس ڪريو ڇو جو گهڻو چمچ نه هلائڻو آهي مڪس کان پو۽ 5 کان 10 منٽن تائين ڌڪ بند ڪري دم ڏيو. جڏهن مصالو تيار ٿي وڃي ته باهه بند ڪري مٿان پيسل زيرو ۽ چاٽ مصالو ٻرڪيو ۽ ڌڪ بند ڪريو جيئين مصالي جو ذائقو اچي وڃي 5 منٽن کان پوءِ چانورن سان يا ماني سان نوش فرمايوانشاالله بهترين مزو ايندو
 
Back
Top