جستجو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2020۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    مئٽرڪ جيان شاھد جڏهن ڪاليج جي امتحانن ۾ بہ اي-ون گريڊ حاصل ڪيو تہ ھن جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نہ ھئي، زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن ھو ايترو خوش نہ ٿيو ھو، ھو ننڍپڻ کان ئي انتھائي ذھين، محنتي ۽ ھوشيار شاگرد ھو، پنھنجي ڪاليج ۾ ھن سڀ کان وڌيڪ مارڪون کنيون هيون انڪري ڪاليج جي ھر ھڪ استاد ۽ شاگرد جي زبان تي سندس ئي نالو ھو، ھن مٽن مائٽن ۽ دوستن ۾ مٺايون ورهايون، رزلٽ اچڻ کان ڪيترائي ڏينهن پوءِ بہ ھو اندر ئي اندر ۾ جھومندو ۽ نچندو رھيو، راتين جا اوجاڳا ڪري ھن جيڪا محنت ڪئي ھئي ان جو ڦل کيس مليو ھو، ڳوٺ ۾ بہ ھن جي تعريف ٿي رھي ھئي، ھن جا پيءُ ماءُ ۽ وڏو ڀاءُ بہ شاھد جيان تمام گهڻو خوش ھئا، غربت جا ستايل سندس پيءُ ۽ وڏو ڀاءُ ھارپو ۽ مزدوري ڪري گھر جو گاڏو هلائڻ سان گڏوگڏ شاھد جي تعليم جو خرچ بہ برداشت ڪري رهيا هئا، شاھد جو پيءُ ڳوٺ جي ھڪ زميندار جي ٻنيءَ تي ھارپو ڪندو هو ۽ سندس وڏو ڀاءُ ھڪ سٺو رازو هو.
    ڪجھ ڏينهن تہ شاھد بھترين رزلٽ اچڻ جي خوشيءَ ۾ اڏامندو رھيو پر پوءِ ھڪ ڳڻتي ۽ پريشاني آھستي آھستي سندس خوشي کي کائڻ شروع ڪيو جنھن سبب ھاڻ ھو اڪيلو ۽ چپ چپ رھڻ لڳو ھو.
    شاھد جي منزل "سنڌ يونيورسٽي" ھئي، ھن گھڻا سال پھرين ئي پنهنجي منَ اندر سنڌ جي ان عظيم درسگاھ ۾ پڙهڻ جا خواب سجائي رکيا ھئا پر پنهنجي غربت ۽ مٿان وري يونيورسٽي جي مهانگي تعليم سبب کيس پنهنجا خواب ساڀيان ماڻڻ کان اڳ ئي دم ٽوڙيندي نظر ٿي آيا جنهن سبب هو اندر ئي اندر ڏکي ۽ جُھري رھيو ھو، شاھد پنهنجي ان بيوسي، ڏک ۽ پريشانيءَ کي سڀني کان لڪائڻ پئي چاھيو، پر ھو ان پريشاني ۽ اداسيءَ کي گھڻو وقت لڪائي نہ سگھيو، سڀ کان پھرين سندس پيءُ ئي ھن جي چھري تي ڇانيل ان پريشاني ۽ اداسيءَ کي پڙهي ورتو.
    "شاھد پٽ!" سياري جي ھڪ رات گڏ ماني کائيندي سندس پيءُ شاھد سان مخاطب ٿيو، شاھد جي ماءُ ۽ وڏو ڀاءُ بہ ويٺل ھئا. "ڪجھ ڏينهن کان تون پريشان ۽ چپ چپ پيو نظر اچين، ڪو مسئلو يا پريشاني آهي تہ اسان کان نہ لڪاءِ پٽ، ٻڌاءِ اسان کي".
    شاھد ڪوبہ جواب نہ ڏنو تہ سندس امڙ اٿي اچي ھن جي ڀرسان ويٺي. "پٽ ڇا ڳالھ آهي"، امڙ پنھنجي ھٿ سان شاھد جي وکريل وارن کي سنواريندي کائنس پڇيو پر شاھد اڃان بہ ڪا ورندي نہ ڏئي سگهيو ۽ ڪنڌ جھڪائي ويٺو رھيو، ايئن ٿي لڳو ڄڻ ھو روئي پوندو.
    "فصل لھي تہ جلد ئي مان ٻنهي پٽن جي ھٿن تي ميندي لائينديس ۽ موڙ ٻڌنديس". شاھد جي ماءُ پنهنجي مڙس کي چيو تہ ھن بہ خوش ٿي ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    "مون کي شادي جي تڪڙ ناهي امان!". اوچتو شاھد ڳالھايو تہ سڀني ڏانھنس ڏٺو، ھو منهن ھيٺ ڪري چلھ ۾ دکندڙ ٽانڊن کي ڏسي رھيو ھو. "في الحال توهان ادا عابد جي شادي ڪرايو، مان اڃان وڌيڪ پڙھڻ ٿو چاهيان".
    "اسان بہ توکي وڌيڪ پڙھائڻ پئي گھريو، پر پٽ ايترا پئسا ڪٿان اچن؟، چون ٿا يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ لکين رپيا خرچ ٿو اچي". شاھد جي پيءُ ٿڌو ساھ ڀريندي کيس چيو. سڀئي ڪجھ دير تائين خاموش ويٺا رھيا.
    "مان خرچ ڀريندس پنهنجي ڀاءُ جي تعليم جو". اوچتو شاھد جي وڏي ڀاءُ عابد خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو. "تون دل نہ لاھ شاھد! مان ڪجھ ئي ڏينهن ۾ پئسن جو بندوبست ڪيان ٿو".
    "ادا توهان ايترا پئسا ڪٿان آڻيندا"؟، شاھد پنهنجي ڀاءُ ڏي ڏسندي پڇيو.
    "ڳڻتي نہ ڪر، بس تون يونيورسٽي وڃڻ جي تياري ڪر باقي سڀ مون تي ڇڏي ڏي، منھنجا ڀاءُ! مون کي پڪ آھي تہ تنھنجي منزل چنڊ ۽ ستارن جيان اونچي آهي".
    شاھد جي اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مرڪ اچي وئي ۽ ھو ٿورائتين نظرن سان وڏي ڀاءُ کي ڏسڻ لڳو، ھن کي پنهنجي منزل ٻيھر نظر اچڻ لڳي، وڏي ڀاءُ جي اھڙي آٿت سندس اميد جي اُجھامندڙ ڪِرڻي کي نئين روشني ڏئي ڇڏي ھئي، ان رات خوشيءَ ۾ ھن کي ننڊ ئي نہ آئي.
    ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ عابد ھڪ ننڍڙي رومال ۾ ويڙهيل پئسا اچي شاھد جي ھٿ تي رکيا، شاھد خوشيءَ ۾ ڀاءُ جي ھٿن کي چمي ورتو، ھو تمام گهڻو خوش هو، ٻئي ڏينهن صبح جو ھن ويجھي شھر وڃي بينڪ تان يونيورسٽي جو فارم وٺي ڀريو ۽ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ يونيورسٽيءَ طرفان انٽري ٽيسٽ جي سڏ جو بي صبري سان انتظار ڪرڻ لڳو.
    مھيني کن کان پوءِ ھوائن ۽ خوبصورت منظرن واري شھر ڄامشوري ۾ شاھد سوين نوجوانن سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جي لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني، انٽري ٽيسٽ ھن جي لاءِ بلڪل بہ مشڪل نہ ھئي انڪري ھن آساني سان ٽيسٽ ڪليئر ڪري ورتي، بس پوءِ ھن کي وڏي بيچينيءَ سان سنڌ يونيورسٽي پھچڻ جو انتظار ھو، ۽ نيٺ پوءِ ھن جي زندگيءَ جو اھو يادگار ڏينھن بہ اچي پھتو، صبح جو سج اُڀرڻ کان اڳ ئي ھن سنڌ يونيورسٽي ڏانهن وڃڻ جي تياري شروع ڪئي، بيگ ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو ضرورت جو سامان وجھڻ مھل پنھنجي ڪپڙن کي ڏسي پھريون دفعو کيس پنهنجي غربت ۽ سادگي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي، تيار ٿي ھو پنھنجي امڙ، پيءُ ۽ ڀاءُ سان ڳلي لڳي موڪلايو، سندس ماءُ روئندي کيس دعائون ڏئي رھي ھئي، پڻس جي اکين ۾ بہ لڙڪ ھئا پر ڀاڻس شاھد جيان بيحد خوش ۽ پرجوش نظر ٿي آيو، پنهنجي ڀاءُ کي شھر طرف ويندڙ گاڏي ۾ ويھاري عابد گھر واپس آيو، کيس يقين هو تہ سندس ڀاءُ پنهنجي قابليت جي دم سان يونيورسٽيءَ مان سٺي ڊگري حاصل ڪري ڪنھن عھدي تي پھچندو ۽ پنهنجي گھر کي غربت جي گھيري مان ٻاهر ڪڍي ايندو.
    شاھد ھڪ نئين جذبي ۽ امنگ سان پنهنجي خوابن جي نگريءَ "سنڌ يونيورسٽي" ۾ داخل ٿيو، پھرين تہ کيس پنهنجي ان ڪاميابي ۽ خوشقسمتيءَ تي يقين نہ پئي آيو تہ سندس خواب ساڀيان ماڻي ورتي آهي.
    ڪلاسز شروع ٿيا تہ ھن پنھنجي تعليمي قابليت ۽ ذھانت سان يونيورسٽيءَ ۾ بہ استادن کي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو، وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رھيو، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ وس آهر ھن جي مالي ضرورت پوري ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي، ھن جو ھر وقت پنهنجي تعليم تي ئي ڌيان رهيو، ڪافي شاگردن کي غير نصابي سرگرمين ۾ ملوث ڏسي ھن کي انھن تي ڏک ٿيندو ھو پر ھو افسوس ڪرڻ کان سواءِ ڪجھ ڪري بہ نہ پيو سگهي، جيتوڻيڪ شاھد سدائين يونيورسٽيءَ جي ڪڏهن لائبريري ۾، ڪڏهن ڪاريڊور ۾ تہ وري ڪڏهن ڪنهن پارڪ ۾ شوخ، چنچل ۽ نماڻين نگاھن جي دل ۾ گھڙي ويندڙ تپش پنهنجي چھري تي محسوس ڪندو رھندو ھو پر ھو پنهنجون نظرون کڻي ڪڏهن بہ انھن آسائتين اکڙين ڏانھن نھاري نہ سگھيو ھن جي ان ڳالھ گھڻن کي حيران ڪري ڇڏيو هو پر ھو تہ پنھنجي قلم ۽ ڪتابن جي دنيا ۾ ئي گم رهيو، منزل جي حاصلات جي جستجو ۽ جدوجهد ڪڏهن بہ کيس پنهنجي دڳَ تان ڀٽڪڻ نہ ڏنو.
    ھو جڏھن بہ يونيورسٽي کان ڪجھ ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويندو هو تہ پنھنجي پيءُ ماءُ لاءِ ڪپڙا يا ٻيو ڪجھ ضرور وٺي ويندو هو، ان وچ ۾ سندس ڀاءُ جي شادي بہ ٿي چڪي هئي، وقت تيزيءَ سان گذرندو رهيو تان جو سندن پڙھائي مڪمل ٿي وئي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ الوداعي تقريب جو ڏينهن بہ اچي پھتو، ٻين شاگردن جيان شاھد کي بہ سنڌ يونيورسٽيءَ کان جدا ٿيڻ جو ڏک ھو پر نيٺ تہ اھو ڏينهن بہ اچڻو ھو، سندن زندگيءَ جا يادگار چار سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا، پنهنجي دوستن کان موڪلائي ھو ڳوٺ روانو ٿيو، ھن وٽ "ڪمپيوٽر سائنس" جي ڊگري ھئي اھڙي ڊگري يافتہ نوجوانن جي ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين ۽ ادارن ۾ وڏي گھرج ھئي.
    ڳوٺ پھتو تہ سندس پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ تمام گهڻو خوش ٿيا، ڪجھ ڏينهن گھر ڀاتين سان گڏ گذارڻ کان پوءِ ھن مختلف ادارن ۾ نوڪري لاءِ درخواستون ڏيڻ شروع ڪيون، روزانو اخبارن ۾ ڇپجندڙ نوڪري جا اشتھار ڳولھڻ لڳو، جتي بہ ڪا آسامي کيس نظر آئي ھو اتي اپلاءِ ڪندو رھيو پر ڪٿان بہ کيس نوڪريءَ جو آرڊر نہ پئي مليو، سرڪاري توڙي خانگي ادارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ھو بيزار ٿيڻ لڳو، ھٿ ۾ يونيورسٽيءَ جي ڊگري کڻي ننڍن وڏن شهرن جي دفترن ۾ ايندي ويندي کيس ٻہ سال گذري ويا پر ھن ملڪ ۾ شايد قابليت، ميرٽ ۽ وڏين ڊگرين جي نہ پر رشوت ۽ سفارش جي اھميت آهي، ڪراچي کان اسلام آباد ۽ ڪينيڊا کان آسٽريليا تائين ھو ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن ۾ آنلائن بہ درخواستون ڏئي چڪو ھو پر شايد سندس قسمت جي ديوي کانئس رُٺل ھئي، پنهنجي ڊگري ۽ ميرٽ جي ايڏي بيقدري ڏسي سندس جيءُ جُھري پيو ۽ ھو مايوسيءَ جو شڪار ٿيڻ لڳو پر سندس وڏو ڀاءُ کيس ھمت ڏياريندو رهيو، ھن ڪڏھن بہ کيس اڪيلو نہ ڇڏيو ھو، قرض کڻي بہ ھن پنھنجي ننڍي ڀاءُ جي ھميشہ مدد ڪئي ھئي.
    ان ڏينهن شاھد ڪراچي جي ھڪ آفيس ۾ نوڪريءَ لاءِ انٽرويو ڏئي شام جو گھر پھتو، ٿڪاوٽ سبب ھو رات جو جلد ئي بستري تي ليٽي پيو، نوڪري جون سڀئي اميدون آھستي آھستي دم ٽوڙي رھيون ھيون، ھن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر ڀاتين جا خواب بہ ٽٽندي نظر آيا پئي، ھو مايوسيءَ جي گھاٽي جھنگ ۾ غائب ٿي چڪو ھو ۽ کيس ان جھنگ مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪو دڳ نہ پئي مليو، ڄڻ تہ اميد جا سڀئي رستا گم ٿي ويا ھجن... گھڻي دير تائين سوچڻ کان پوءِ آخر ھن ھڪ فيصلو ڪري ورتو، ڄڻ تہ کيس ان مايوسيءَ جي جھنگ مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ملي ويو ھجي، اھو فيصلو ڪندي ئي ھن جي دل مطمئن ٿي وئي ۽ ھو ننڊ جي وادين ۾ گم ٿي ويو.
    صبح جو سوير ھن جي اک کلي، سندس پيءُ ٻنيءَ تي وڃي چڪو ھو ۽ ڀاءُ بہ ڪم تي وڃڻ لاء تيار ٿي رهيو هو، شاھد جلدي نيرن ڪري گھر کان ٻاهر نڪتو، ھو ٻنيءَ طرف وڃي رهيو هو، ٿوري دير ۾ ئي ھو اتي پھچي ويو، سامھون سندس پوڙھو پيءُ ڪوڏر سان پاڻي ورائي پيو، شاھد تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ پيءُ جي ھٿن مان ڪوڏر ورتائين، پيءُ کيس ڏک ۽ حيرت مان ڏسڻ لڳو.
    "بابا اڄ کان ھي ڪوڏر مان ھلائيندس ۽ توهان آرام ڪندا". شاھد پرجوش لھجي ۾ چيو، سندس پيءُ کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ھن جي اکين مان ٻہ لڙڪ وھي شاھد جي ڪلھي تي ڪري پيا.
    پيءُ کي گھر موڪلي شاھد سڄو ڏينهن ٻنيءَ تي ڪم ڪندو رهيو، ھن جي اندر ھڪ جذبو ھو جيڪو کيس ٿڪجڻ نہ پيو ڏي، سج لھڻ کان ٿورو پھرين ھو گھر واپس آيو، امڙ سندس ڪلھي تي ڪوڏر ڏسي روئي پئي، اڳتي وڌي ھن پنھنجي پٽ جي پيشاني چمندي کيس دعائون ڏيڻ لڳي، پنھنجي پڙھيل لکيل پٽ جي ھٿ ۾ ڪوڏر ڏسي سندس ماءُ پيءُ ڏکارا ھئا.
    ان ئي رات گھر جي آڳر تي پيل کٽ تي شاهد ليٽي آسمان ۾ چنڊ کي ڏسي رھيو ھو، ٻنيءَ تي سڄو ڏينهن ڪوڏر ھڻڻ واري ٿڪاوٽ ۾ کيس سڪون محسوس ٿي رهيو هو، ڀرسان پيل سندس سمارٽ فون ۾ سرمد جو گيت گونجي رهيو هو.
    سُورَ پِٽيندي صديُون گذريون پوءِ بہ لٿا نہ پُور
    مارُوئڙا مجبُور مُنھنجا سانگِيئڙا مجبُور
    روز جيان اڄ بہ سمھڻ کان پھرين اي-ميل چيڪ ڪرڻ لاءِ ھن پنھنجو موبائل فون کنيو، تازو آيل ھڪ برقي پيغام پڙھي حيرت ۽ خوشيءَ ۾ ھو اٿي بيٺو، اھو پيغام جرمنيءَ جي ھڪ سائنسي اداري کيس موڪليو ھو جنھن ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ ھن آنلائن درخواست جمع ڪرائي ھئي، ان اداري سندس درخواست منظور ڪندي کيس مھيني اندر جرمني پھچي اداري کي جوائن ڪرڻ جو چيو ھو، سفر جو سمورو خرچ ۽ انتظام بہ اھو ادارو ئي ڪري رهيو هو، پھرين تہ شاھد کي يقين ئي نہ آيو انڪري ھن اھو پيغام ھڪ دفعو ٻيھر پڙھي ورتو، ڪجھ دير ھو خوشيءَ ۾ بيٺو رهيو ۽ پوءِ سڀني کي اھا خوشيءَ جي خبر ٻڌائي، غربت گھاڻي ۾ پِيٺل ان گھر ۾ خوشيءَ جي ھڪ لهر اچي وئي ھئي، شاھد کي وڏي جستجو، جدوجهد ۽ ڊگھي انتظار کان پوءِ وڏي خوشي حاصل ٿي ھئي.
    تقريبن ھڪ مھيني کان پوءِ شاھد ان اداري کي جوائن ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي ايئرپورٽ تان جرمني روانو ٿي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو