ناميارو شاعر، اديب، تجزيہ نگار ۽ نقاد تاج بلوچ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    تاج بلوچ جو پورو نالو تاج محمد بُلو آهي، جڏهن تہ ادبي دنيا ۾ تاج بلوچ جي نالي سان مشھور آهي. هن ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾ 25 مئي 1940ع تي جنم ورتو. تاج بلوچ سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي جنهن سوجهري جهڙي رسالي ذريعي ڪيترن ئي نون شاعرن ۽ اديبن کي روشناس ڪرايو. تاج بلوچ حسناڪين ۽ جماليات جو شاعر هو. هو بيباڪ ليکڪ ۽ تنقيد نگار هيو. ڪيترائي سال پاڪستان ٽيليوزن جي خبرن واري شعبي سان سلهاڙيل رهيو. ريڊيو پاڪستان تي شروعاتي دور ۾ آر جي طور خدمتون ڏيندو رهيو. خزاني کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾ ٽريزري آفيسر رهيو. ڪراچي ۾ ئي جڏهن سندس ملاقات اياز قادري سان ٿي تہ هو کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو، جتي هن سِکيو ۽ سيکاريو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ ٿيو. سندس شاعريءَ ۽ تخليق جا 6 مجموعا ڇپجي چڪا آهن :

    درد جو صحرا (4 ڇاپا 1970، 1987،1984 ۽ 2011ع)
    خوشبو جو زهر(4 ڇاپا 1979، 1987، 1997 ۽ 2011ع)
    لفظن جو ماتم (3 ڇاپا 1994، 1997ع ۽ 2011ع)
    دل جزيرو اداس سپنن جو (2 ڇاپا 2002ع ۽ 2011ع)
    چچريون چچريون خواب (2011ع)
    جديد ادب جو تجزيو (2014ع)

    تاج بلوچ 4 جون 2020ع تي رات جو ساڍي ڏھين وڳي دل بيھڻ سبب ڪراچيءَ جي ميمڻ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس تدفين ماڊل ڪالوني
    وڏي ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي تہ ناميارو شاعر، اديب، تجزيہ نگار ۽ نقاد تاج بلوچ دل بيھڻ سبب ڪراچيءَ جي ميمڻ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس تدفين ماڊل ڪالونيءَ جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
     
    امن ابن سنڌ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاج صاحب!
    ظرف جي ماپڻ جو ڪهڙو ماڻ آ ؟


    اقبال رند

    منهنجي دوست خان محمد لغاري، مونکي شاديءَ تي هڪ ڪتاب گفٽ ڪيو "خوشبوء جو زهر" شايد اهو ئي ڪتاب ئي اڳتي هلي منهنجي پهرئين ڪتاب جي نالي "خوشبوء جي تنهائي" جو باعث بڻيو. اهو ئي ڪتاب مونکي تاج صاحب تائين وٺي ويو هو.
    صديق ساند، لائق ٿيٻو ۽ تاج بلوچ مونکي انڪري وڻيا جو اهي وات جا ڇُوٽ هئا.

    تاج، گاريون ڏيڻ تي ايندو هو تہ مُنير لغاريء منهن ۾ ڏيئي اسين لڪي ويندا هئاسين، ڀانئڻ تي ايندو هو تہ اهو مون کان پڇو.
    2005 ع ۾، خوشبوء جي تنھائي جي مهورت ۾ ڪراچيءَ کان حيدرآباد، هڪڙي فون ڪال تي هليو آيو ۽ دل سان ڳالهايو هئائين.
    ٽنڊي باگي يا ماتليءَ جي ڪنهن شاعر سوجھرو مئگزين ۾ کيس شڪايتي خط لکيو، جواب ۾ لکيائين "ايڏانهن پڇا ڪر، متان مٿو ملندو هجي!"

    سوجهرو ۾ منهنجو ڪو شعر ايڊٽ ڪري ڇاپيائين، احتجاجي خط موڪليومانس تہ اهو اسم بنا ايڊٽنگ جي منهنجي خط ۽ وضاحتي نوٽ سان ريپبلش ڪيائين.

    2016ع کان اسين فيس بُڪ تي جُڙياسين، منهنجي غزل جي هڪ اُگهاڙي سِٽ (سندس نظر ۾) تي چِڙي پيو ۽ پوء ڪجھ ڏينهن تائين آئوٽ آف باڪس ڳالهائيندو رهيو، فون ڪري چيومانس "پاڻ هاڻ سَٺيائجي چُڪا آهيون، ليٽس هيوَ اي شارٽ بريڪ!"

    رات ٻارهين لڳي، مُنير پُرسي لاء فون ڪئي، مون ٽهڪ ڏنو ۽ هڪ مُحترمہ جو پُڇيل سوال تاج جي اسٽائل ۾ (جنهن کي هُن شدمد سان مظهر لغاريء اڳيان بيان ڪيو هو) دهرايو: ادا! هي ڇا هي!؟
    رزاق لغاري ڪانفرنس ڪال تي هجي ها تہ چوي ها: منير لغاري!
    Taj Baloch! You played well.
    تاج جهڙن ماڻهن لاء ڏُک ڪونہ ڪبو.
    تاج بلوچ ۽ ديدار بلوچ سدائين سيليبريٽ ڪري سگهجن ٿا.

    آدرش....

    مان چاهيان ٿو کلجي،
    نئين کل کلجي.

    ڪنوارن ۽ نازڪ هٿن تي لڳل،
    ٻهڪندڙ، مهڪندڙ تازي مينديءَ جي خوشبو جيان
    مرڪ ڦهلائي کلجي.

    مان چاهيان ٿو کلجي
    مگر ايئن کلجي:
    وفا ۽ وطن جي شهيدن جي پيشانين تي،
    جئين گهاءُ ٻهڪن.
    مان چاهيان ٿو کلجي
    سچي کل کلجي.

    مان چاهيان ٿو نچجي
    نئون ناچ نچجي.
    ائين جيئن دل جي تتل ڀونءَ تي
    اُڀ-اکين مان ڪو، وڏ-ڦڙو ٿي وسي
    ۽ تپش کان مسلسل نچي.
    مان چاهيان ٿو نچجي
    مگر ايئن نچجي:
    جو پيرن ۾ مُرڪن جون ڇيرون هجن،
    ۽ پنهنجي ئي ڪوسي ۽ تازي لهوء سان
    ڀريل ٿال تي پيو لڳاتار نچجي
    سچو ناچ نچجي.

    مان چاهيان ٿو کلجي
    سچي کل کلجي.
    مان چاهيان ٿو نچجي
    سچو ناچ نچجي.
    (تاج بلوچ)

    [​IMG]
    [​IMG]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لفظن جو ماتم ۽ شاعر جي دل!!

    جامي چانڊيو

    (تاج بلوچ سان هڪ عجيب ۽ گهرو ذاتي تعلق هو، بابا کي هو پنهنجو ادبي استاد ۽ روحاني پئ سڏيندو هو، منهنجو هن سان تعلق بابا جي ڪري ٻاروتڻ سان هو، هو ڪراچي ۾ چاچا منير چانڊيي جو پاڙيسري هو، منهنجي وڏي ڀاء جو گهر به ان ئي پاڙي ۾ طارق روڊ تي هو، جتي منهنجو اڪثر ٻاروتڻ گذريو. وڏو ٿيس ته تاج بلوچ سان سڌي ۽ ذاتي دوستي ٿي، جيڪو محبت جو تعلق هن سان آخر تائين قائم رهيو.
    1995 ۾ سندس شاعري جو ڪتاب “لفظن جو ماتم” شايع ٿيو، مون ان ڪتاب تي ادبي اڀياس ساڳي سال لکيو جيڪو کيس ڏاڍو وڻندو هو. هن جي وڇوڙي جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاء اهو ليک کيس ارپيان ٿو. اسانجي دلي ۽ حجائتي دوستي جو هڪ شاهد ۽ حصو Anwer Abro به آهي، جنهن کي تاج ڏاڍو ڀائيندو هو. )



    لفظن جو ماتم ۽ شاعر جي دل!!

    هونئن ته مان سدائين سفر ۾ هوندو آهيان، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي! منهنجي اهڙي رولاڪ سڀاءَ کي ڏسي اسان جو دوست پروفيسر مشتاق ميراڻي مون کي اڪثر “Flying Bird” سڏيندو آهي. پکين جي زندگي آهي به ته آئيڊيل! رڳو مستي ۽ اها به بلڪل معصوم، رڳو هوائن سان کيڏڻ، فضائن ۾ جهومڻ ۽ فطرت جي هنج ۾ پلجڻ. مان ته جيڪر هن “سماجي زندگي” جا سوين جنم پکين جي اُن لااُبالي زندگيءَ جي هڪ پل تي قرباني ڪري ڇڏيان. سو مون ڳالهه ٿي ڪئي پنهنجي رولاڪيءَ جي. گذريل ڪجهه عرصي کان مون سان سفر ۾ گهڻن خوابن سان گڏ ڪجهه ڪتاب به ڏاڍو رُليا آهن ۽ اُنهن مان هڪ اسان جي يار تاج بلوچ جي شاعريءَ جو تازو ڪتاب “لفظن جو ماتم” به آهي. تاج ۽ اسان جون پاڻ ۾ حُجتون اهڙيون آهن، جو مان هن کي پنهنجو يار سڏي سگهان ٿو ۽ جڏهن مان هن کي پنهنجو يار سڏي سگهان ٿو ته پوءِ هن جي دل “لفظن جو ماتم” ڪري ۽ مان اُن کي محسوس نه ڪري سگهان، اهو ڪيئن ممڪن آهي!
    هڪڙا ماڻهو شاعر هوندا آهن ۽ لڳندا ناهن، ٻيا وري شاعر هوندا ناهن پر پنهنجي سڀاءَ يا ڏيک مان لڳندا آهن، پر تاج شاعر آهي ۽ هو لڳندو به شاعر ئي آهي. بي فڪر ۽ بي ريا ۽ سدائين مست ملنگ، هن جو هڪ شعر آهي:
    جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور
    تاج ماڻهو عجب ڪو هوندو.
    ۽ هو سچ پچ به عجيب ماڻهو آهي. ڀلا هيءَ دنيا، هيءُ سماج جتي هر وقت ماڻهوءَ کي ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪرڻا پون ٿا، الائجي ڪيترين ناجائز خواهشن ۽ اجاين مصلحتن آڏو سربسجود ٿيڻو پوي ٿو. اتي تاج سِڌو ۽ کرو، مست ملنگ ۽ ڀير تي ڏؤنڪي جيان ٺهه پهه ۽ اُگهاڙو سچ چئي ڏيڻ وارو. هن کي سچ معصوم ٻارن جي انگن جيان اُگهاڙو ئي وڻندو آهي، اُن ڪري هن ڪڏهن به سچ لاءِ مصلحتن ۽ منافقتن جي لُنڊا بازار مان ڪپڙا وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو تاج يا ته ماڻهن کي تمام گهڻو وڻندو آهي يا بِنهه نه وڻندو آهي ۽ مان هن جي ان لااُبالي ۽ مست ملنگ سڀاءَ کي پسند به ڪندو آهيان ته انجواءِ به. جي هو شاعر نه به هجي ها، ته به هن لاءِ منهنجيءَ دل ۾ ساڳيا جذبا هجن ها، پر تاج جي شاعري به اهڙي ئي وڻندڙ آهي، جو اُن کي سنڌي ادب جي اتهاس ۾ ڪنهن طور به وساري يا نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. “لفظن جو ماتم” تاج جو ٽيون مجموعو آهي. مون سندس اڳوڻا ٻه ڪتاب “درد جو صحرا” ۽ “خوشبوءِ جو زهر” به پڙهيا هئا ۽ تاج جيان ڪنهن به مصلحت کان پاسو ڪندي مان پنهنجي اها راءِ ضرور رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس، ته سندس تازو ڪتاب “لفظن جو ماتم” فني لحاظ کان “درد جو صحرا” ۽ “خوشبوءِ جو زهر” جي معيار جو ناهي. ان جا سبب ڪجهه به ٿي سگهن ٿا، پر مون ايئن محسوس ڪيو، البته موضوعن ۽ فڪري اعتبار کان سندس هيءُ ڪتاب به نه رڳو ساڳين روايتن جو امين آهي، پر شايد اڃا ٻه وکون اڳتي آهي. اڄ جڏهن فڪري طرح هر طرف وائڙائپ جو دؤر آهي ۽ ٻيو ته ٺهيو پر شيخ اياز جهڙن ماڻهن کي دَڳُ هٿ نه ٿو اچي ۽ اُن فڪري وائڙائپ ۽ بدحواسيءَ سبب هو ڄڻ ته لغڙن جيان هوا ۾ اُڏامي رهيا آهن. تڏهن تاج جي ذهني پختگي، پنهنجن آدشن سان ساڳي ڪمٽمينٽ ۽ اُتساهه ڏسي چئي سگهجي ٿو ته واچوڙا پاڙن کاڌل وڻن کي ته ڪيرائي سگهن ٿا، پر پهاڙن کي چورڻ جو سَتُ ساري نٿا سگهن. اسان جي هڪ ٻئي يار مظهر لغاريءَ چيو آهي:
    ڌٻڻ ڌٻڻ تي جتي
    پير پير آ پنهنجو،
    ۽ اُتي سوچجي ٿو ته
    ڪير ڪير آ پنهنجو؟

    هن دؤر ۾ جتي هر شيءِ وڪامي آهي، جتي هر شيءِ پنهنجا اگهه پاڻ رکيا آهن ۽ جتي خوابن کان ساڀيائن تائين ۽ ضميرن کان انائن تائين هر شيءِ بازار جي جنس ٿي پئي آهي، اُتي ڪي اهڙا به آهن، جن کي اسان اڃا به پنهنجو سڏي سگهون ٿا ۽ تاج جو شمار اهڙن ماڻهن ۾ ٿيندو، ڇو ته انهن جا شعر اڃا به سلامت آهن ۽ سندن اکيون اڄ به وڏن آدرشن جا خواب نه ڏسڻ جي بي ايماني نٿيون ڪري سگهن. اهڙن ماڻهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، پر مادي شين سان نه، دلين سان، روحن ۽ رشتن سان، محبتن ۽ چڪندڙ چاڪن سان. “لفظن جو ماتم” پڙهڻ سان محسوس ٿيو ته اڄ جڏهن ماڻهن جا جذبا، اُتساهه ۽ آدرش سُسي ۽ سرد ٿي ويا آهن، تڏهن تاج جي اکين ۽ روح ۾ اڃا به زندهه ۽ جوان جذبن جو “جوالا مُکي” دُکي رهيو آهي. هو چئي ٿو:
    “اکين ۾ روح دُکندو رهيو
    جوالا مُکي!!
    ڪنهن به رُت ۾ ڪڏهن
    اسان نه اک جهپڪي!!
    سدائين ننڊ جي درياءَ ۾
    جاڳ هڪليندي
    عذاب شهر جا رستا
    سمورا جهاڳيندي!!
    سياهه رات جي ديوَن سان
    جنگ جوٽيندي،
    چراغ سارا جلائي ڇڏياسين پلڪن تي
    سموري درد جي رستن تي، روشنيون پوکي
    ۽ قافلن کي سفر جي سڻائي رستن تي
    روان ڪري جو ورياسين
    اها اونداهي!!
    محبتن جون سموريون،
    جي موسمون آيون
    غريب ٻار جيان
    بي ثمر رهياسين اسين!!
    فلڪ ۽ ڀونءِ جي وچ ۾
    جو درد رشتو هو
    دوام ان کي ڏنوسين
    ۽ پنهنجي قسمت ۾
    رهيون اهي ئي اڳوڻيون
    تمام دربدريون!!
    ٺري ٺري نه ٺريو سو ڪڏهن جوالامُکي.”
    تاج جي نظمن جا عنوان ۽ موضوع ٻُڌائين ٿا ته هن جي فطرت جي هر مظهر ۽ زندگيءَ جي سدا وهندڙ درياهه جي هر ڇوليءَ تي گِهري نظر آهي ۽ هو ڪنهن ناکُئي جيان خوابن ۽ تصورن جي ٻيڙين تي چڙهي زندگيءَ جي تجربن جون تخليقون ۽ مشاهدن جو جمال پسندو رهي ٿو. جيئن هن جو سڀاءُ هن جي شاعريءَ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي، تيئن هن جي نظمن جا عنوان سندس نظمن کان به وڌيڪ خوبصورت آهن. “سفاڪ آئينا”، “هاڻ قاتل کي مسيحا لکبو”، “روح گروي نه رکو”، “دردن جو احتساب” ان جا ڪجهه مثال آهن. “سفاڪ آئينا” ته نظم به خوبصورت آهي:
    “آئينا،
    بيرحم ۽ سفاڪ ڏاڍا آئينا
    ڪوجهن هٿن جي،
    خوبصورت آرزو،
    سونهن جي اظهار خاطر
    موهه مان،
    بيدرد لهجي ۾
    سچائيءَ جو ورد.
    ڪيتريون ڦَٽجي پيون
    سونهن واريون صورتون.
    آئينا،
    بيرحم ۽ سفاڪ سارا آئينا.”
    هونئن ته تاج شعر جي سخن جي هر صنف تي موهت ٿي پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منهنجي خيال ۾ غزل ۾ هن جو شاعراڻو جوڀن پنهنجي اُن نهج تي پهچي ٿو، جتي جذبا سچ پچ به شاعري بڻجي ويندا آهن ۽ شاعري به اهڙي جيڪا جذبن کي هڪ فرد جي داخلي دنيا جي قيد کان آزاد ڪري، اُنهن ۾ پکين جي مستي ۽ معصوميت ڀري ڇڏيندي آهي. سندس هن ڪتاب ۾ به مون کي غزل سڀ کان وڌيڪ پسند آيا. هن جا اُهي غزل پڙهي لڳي ٿو ته ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ کَرو ۽ تِکو تاج بلوچ اندر ۾ ته چِيڪيءَ مِٽيءَ جهڙو نرم آهي ۽ مٽي به اُها، جيڪا محبتن جي پاڻيءَ ۾ ڳوهيل هجي. فني اعتبار کان به هو غزل ۾ وڌيڪ پختو شاعر ٿو لڳي. هن جي غزلن جا ڪجهه بند آهن:
    زندگيءَ ۾ گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾،
    پوءِ ڀي سئو سئو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾.

    بند کڙڪيون مهينن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾،
    شخص ڪو رُسوا ٿيو بي دام تنهنجي شهر ۾.

    سال گذريا، ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو،
    گم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾.

    گفتگو تنهنجيءَ ته موهي تاج کي ماري ڇڏيو،
    ورنه توکان خوب ها گلفام تنهنجي شهر ۾.

    *
    عڪس باقي نه بچيو اکين ۾،
    مَڌُ ۾ پئمانا ڳري ويا آهن.

    *
    شهر بيرحم سهي پاڻ مگر،
    ٽاڪئان خواب کڻي نڪتاسين.

    *
    گهر جون کڙڪيون تو بهاني سان ڪري بند ڇڏيون،
    پنهنجي پورن ۽ گهٽيءَ مان ڪو ورڻ وارو هو.

    *
    جنهن جي چاهت جون ڪهاڻيون مشهور،
    تاج ماڻهو به عجب ڪو هوندو.

    *
    ڪو شناسا نه آهه مقتل ۾،
    ڪنڌ رولي ٿڪجي پيا آهيون.

    *

    هاڻ طوفان ڪو اچي به چڪي!!
    ونجهه کولي ٿڪجي پيا آهيون.

    رباعي/ چؤسٽو به ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ مقبول صنف آهي ۽ تاج جون رباعيون ان صنف کي شاعريءَ جي جديد دؤر تائين ڏاڍي ڪاميابيءَ سان وٺي آيون آهن. عام طرح رباعين ۾ شاعر نصيحت آموز خيال ئي پيش ڪندا آهن، پر تاج پنهنجين رباعين ۾ موضوع توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏاڍي لطافت ۽ سونهن بخشي آهي. هن جي هڪ رباعي آهي:
    خالي نظرون ۽ ريل جون پٽڙيون،
    ڏور تائين هلي ويون آهن!!
    ڪوئي ڪنهن جي خيال ۾ گم هو،
    ساريون گاڏيون ڇُٽي ويون آهن.

    بهرحال ذاتي طرح مون تاج جي هن ڪتاب کي خوب انجواءِ ڪيو. هن سان ملڻ کي به ڏينهن ٿي ويا هئا، “لفظن جو ماتم” پڙهي ڄڻ هن سان رتيءَ برابر ئي سهي پر روح رهاڻ ٿي وئي. هيءُ ڪو سندس ڪتاب تي تنقيدي ليک ناهي، جنهن ۾ مون هن جي شاعريءَ جو ڪو اڀياس ڪيو هجي. ڪڏهن اهو به ضرور ڪندس، پر هيءَ دل جي ڳالهين تي دل جي اکين جي هڪ نظر آهي، ٻيو ڪجهه به نه. منهنجي دل چوندي آهي ته ڪڏهن تاج کي چوان ته يار! جڏهن به وڻئي پر پنهنجي آتم ڪٿا ضرور لکج. اسان وٽ اديب لکڻ وقت مصلحتن ۽ مصنوعيت مان ڪم وٺن ٿا. اُن ڪري سندن ڳالهين جو اثر به گهٽ آهي. پر تاج ايڏو کرو ۽ سڌو ماڻهو آهي، جو مون کي يقين آهي ته جي هن پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين کي قلمبند ڪيو، ته هو سنڌي ادب کي نهايت سُٺو ۽ يادگار ڪتاب ڏئي ويندو. هو پنهنجي ذاتي زندگي ۽ شخصي يادگيرين وسيلي هن دؤر جي ادبي ۽ سياسي تاريخ جون ڪيتريون حقيقتون رڪارڊ تي آڻي سگهي ٿو. اها مون کي پڪ آهي، شرط رڳو اهو آهي ته اُنهن کي قلمبند ڪري. ان تجويز مان منهنجو مطلب اهو قطعي نه آهي ته ڪو هو هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهي. هو ته جسماني ۽ ذهني طرح سان اسان کان به جوان ۽ زندهه دل آهي، پر مون ڳالهه ٿي ڪئي هن جي صلاحيت ۽ سچائيءَ جي. هن کي مان سندس ئي لفظن جي ڀيٽا ڏيان ٿو:
    سدائين مست رهيو محوِ رقص تاج بلوچ،
    ڪٿي ڪٿي سو ڪٿي آهه شخص تاج بلوچ.
    هو نفرتن جي حوالي صليب تي لڙڪيو،
    جو چاهتن جو سراپا عڪس هو تاج بلوچ.



    (تاج بلوچ جي ڪتاب “لفظن جو ماتم” تي لکيل ٻه اکر،
    پندرنهن روزه “عبرت مئگزين”، 15 مارچ 1995ع)
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حسن مجتبيٰ

    مونکي خبر ناھي ته تاج بلوچ ويجھڙ واري ماضي ۾ ڪيئين هو. پر جيڪو تاج مان سڃاڻان سو هڪ ۡدلبر انسان، کرو سچو منهن تي ڦھڪئي ڏيندڙ، سھڻو پر ڪڙو جھڙو ٽوُھ انسان دوست زبردست سنڌي شاعر ۽ فيمنسٽ ماڻھوهو. ان تاج سان مان آخري ڀيرو اڻويهه سو اسي جي آخري سالن ۾ مليوھوس. اھو به ته تاج بلوچ ۽ انجي جي شاعري جي ذڪر کانسواءُ جکانسواء جديد سنڌي ادب ۽ سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي تاريخ اڻپوري ھوندي. اهو تاج جيڪو پنهجني وقت ۾ دولت مھتاڻي جي سرپرستي ھيٺ نڪرندڙ عورتازاد واری سنڌي رسالي "سوجهرو" جي ايڊيٽوريل بورڊ تي واحد مرد هو. ان رسالي سوجھرو ۾ ڪم ڪندڙ هڪ کان هڪ فیمنست ۽ معرڪتہ الآرا خواتين ڪم ڪندیوں هيون. ارشاد سومرو (جيڪا پوء ارشاد قمر ٿي) سحر بلوچ، شايد سشيلا مھتاڻي،، شرين شورو ۽ ٻيون.ھنن خواتين ۽ تاج گڏجي سوجھري ۾ سنڌ توڻي ھند جو شاھڪار سنڌي ادب ۽ شاعري پيش ڪيئي. سوجھري ۾ ڪلا پرڪاش ۽ گوبند مالھي جا ناول قسطورا ٿي ۽ زاھد مخدوم جا "دوزۡخ مان خط "مھتاب محبوب سمیرا زرين افسانا ڇپيا ه شيخ اياز، امداد حسيني، قمر شھباز،انور پيرزادي جي شاعري، امر جليل جون ڪھاڻيون جن ۾ "منھنجو ڏس آسمان کان پڇيو ۽ امداد حسيني جا ٻه نظم "رات بيگاه آخري ويگن" ۽ "رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن" اڄ بھ یاد آھهن خود انهي ۾ تاج جو پنهنجو شاندار ڪالم "اکيون آرسيون" ڇپجندو هيو. اها ۱۹۷۰ جي ڏُھاڪي واري ڪراچي هئي جيڪا انور پيرزادي ۽ امداد حسينی جی شاعري ۾ پڻ آھي. جي
    ڀٽل شھيد جي سرڪار هئي جنھن چاليھ سنڌي رسالا بند ڪري ڇڏيا نه ڏني نه ورتي انھن ۾ ماهوار "سوجھرو" به شامل ھو. دولت مھتاڻي پنهنجو بنگلو ٿاڻي بولا خان ۾ جبل تي هڪ خيراتي اسپتال لاء وقف ڪيو جنهن تي ٻڌو اٿم ته طاقتور (طاقتير تڇھن جڏھن ھر حڪومتي پارٽي ۾ هون دو آهيي)ملڪ اسدسڪندر قبضو ڪري ورتو آھي.

    تاج جنھن اسان وڏ گھراڻا ماڻھو ڪالھ منهنجي وڏور ڀيڻ ٻن ٽڪن جي نوڪر ساان ڀڃي ويئي" جھڙي عورتازازاڪنظم لکي. تاج اُڻويھ سو اسي جي ڏھاڪي ۾ نوڪري سانگي حيدرآباد ۾يو هو ۽ ھو سايد سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به ھو. سنگت جي ھڪڙي گڏجاڻي ۾ مان ززلف سان گڏجي ويو ھوس جتي مون تڏھن پنهنجي ناول جا ڪٍجھ ۽ فقط شروعاتي صفحا پڙھيا هئا. اھا منحنجي تاج سان پھرين ملاقات هئ. پو مون زلفي ۽ اعجاز منگي تاج سان سندس گھر تي ڪيتريون راتيون اڇا سبح ڪيا هئا. مونکي خبر آھي ه پو تاج حيدر۾باد جي سمورن سنڌي اديبن واريي سنگت سان جھيڙا ڪيا هئا. هو جھيڙاڪ گاريال ۽ ڦڏو ته مڙس جڏو تي ته ويساه رکندو ھو. غلط ۽ بي اصولي ڦڏا به ڪيا هئس. زوار نقوي، روشن سندر چانڊيو ۽ امير علي چانڊيي سان سنگت سندس پڪي هئي. ھو منهنجي پيارن دوسن ابوبڪر بلي، مومن بلي ۽ زاڪر بلي وارن جو رشتي ۾ چاچو پڻ ھو. ڪجھ سال اڳ سندس نياڻي ڪراچي ۾ بيدردي سان پنھنجي دوست سان گڏ قتل ڪئي وئي هئي ۽ تاج اھو تاج نه رھيو ھو. تڏهن منهنجي دوستن عطييہ۽ خدا بخش ابڙي انهي ۡونن خلاف انصاف لا پاڻ پيتوڙيو مون ٻڌو اٿم تڏھن به ھن "سوجھرو" جاري پئ رکيو جنهن ۾ ھن لڇمڻ ڪومل جو سنڌي ادب ۾ شاهڪار آتم ڪٿا "وھي کاتي جا پنا" قسطورا ڇاپي جيڪا پو ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿي. مونکي واقعي خبر ناهي ته تاج پنھنجي پڇاڙي وارن سالن ۾ ڪهڙا گل کلايا. پر مونکي الائجي ڇو تاج جي لاڏاڻي ۽ انکانپو کيس لوئڻ تي اردو جو اهو شعر ٿو ياد اچي ڄڻ تاج رمندي چوندو هجي

    ہم جیئے بھی دنیا میں اور جان بھی دیدی
    مگر یہ نہ کھل سکا کہ آپ کی خوشی کیا تھی
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين تاج، اوهان جي بدن مٿان وڌل مِٽي اڃا آلي آ ته ڪي ماڻهو اوهان کي لوئڻ لاءِ نڪتا آهن.... اڄ اوهان جو ناهيو! پر اوهان سڀني عيبن سميت اسان جا آهيو... سڏڪن واري ٻن لڙڪن جي منهنجي ڀيٽا قبول پوي سائين تاج!
    (تصوير: 1993ع ۾ تاج بلوچ صاحب کان گلشن اقبال واري اريڪا اپارٽمينٽ ۾ سندس فليٽ تي روح رهاڻ رسالي لاءِ انٽرويو ڪندي)
    جمع، 5 جون 2020ع

    انور ابڙو


    [​IMG]
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ڪيترا شعر لکيئي تاج بلوچ
    درد ڪنهن جي جو مداوا به بڻيا...

    گل حسن ڪلمتي

    مون جو استاد، مون جو گرو تاج بلوچ به اسان کان موڪلائي ويو..

    مرتضي بلوچ جڏھن ۲ جون تي اسان کان موڪلائي ويو،2 جون کان وٺي اڄ تائين سوشل ميڊيا کان پري ھئس،اڄ ڏھين وڳي جڏھن فون آن ڪيم ته ڪنھن دوست جو ميسج آيو ھو،پڙهيم ته پيرن ھيٺان زمين ڄڻ نڪري وئي،ترقي پسند ادب جو وڏو نالو،پيارو دوست،استاد،نقاد ۽ شاعر تاج بلوچ اسان کان ھميشه لاء موڪلائي ويو،
    اھا سال 1982 جي ڳالھ تازو ئي ايم اي ماس ڪام(صحافت) ۾ ڪري روزاني مشرق جوائن ڪيم،مشرق پاران هر هفتي سنڌ جي حوالي سان ھڪ ڪلر چار صفحن تي ٻڌل سلسلو ھلندو ھو،
    اخبار پاران مون هن سلسلي لاء مضمونن ۽ انٽرويوز لاء رکيو ويو.
    مون جي پھرئين اسائنمنٽ جيڪا ڏني وئي ته مان تاج بلوچ کان انٽرويو ڪيان.
    هن وقت سنڌي سان گڏ اردو ۽ ترقي پسند ادب ۾ تاج جو وڏو نالو ھو،مون جي ترقي پسند سياست ڪري تاج سان عليڪ سليڪ هئي.
    تاج سان مليس هن پھرئين مون جو انٽرويو وٺڻ شروع ڪيو،دنيا جي ترقي پسند ادب کان وٺي سياست تائين ھن سوال ڪيا مون جي وس آھر جواب ڏنا،
    انٽريو ڪيم مشرق ۾ ڇپيو ته اخبار کڻي تاج جي آفيس ويس هن وقت ھو فناس کاتي جي ڪنھن بيرڪ ۾ وھندو هو جتي اڳ ۾ مون جا سوٽ بھرام خان،گاجان بلوچ،۽ غلام حسين واڍيلو ڪم ڪندا ھئا،
    انٽرويو پڙھي تاج مون جي ڪم کي پسند ڪيو ،ائين اھا دوستي جيڪا ھڪ انٽرويو کان شروع ٿي سندس مرڻ گھڙي تائين جاري رھي.
    طارق روڊ تي لطيف رسالي جيڪو علي احمد بروهي جو ھو ،پر تاج جي حوالي هو،ھن ۾ گڏجي ڪم ڪيوسين.
    موهن ڪلپنا جي هڪ ڪھاڻ مکتي آشرم جي ڇپجڻ کان پوء علي احمد بروھي رسالو وٺي ڇڏيو،
    تاج بلوچ ،بروھي صاحب کي چاچو ڏڪ ڏڪ چوندو،
    تاج ٻيھر سوجھرو شروع ڪيو،ضلع ڪائونسل جي آفيس،گلشن ۾ تاج جو گھر،آخر ۾ صفوران ۾ گل ھائوس اسان جي بيٺڪن ۾ شمار ھئا.
    تاج سان ڪچھري ۾ وقت جو ڪو احساس نه ٿيندو ھو ۽ نه ئي بوريت جو ڪو احساس ٿيندو ھو.
    تاج سان آخري ڀيرو فد ملاڻي جي پرگرام موھن جو دڙو ايوارڊ ۾ ٿي،جتي ٻين سان گڏ اسان ٻنھي کي به ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    ڊسمبر 2019 ۾ جڏهن ملير جي دوستن گڏاپ ۾ مون سان ڪچھري رکي ته پروگرام جي صدارت تاج بلوچ
    ڪئي،اهو مون جي لاء وڏو اعزاز هو.
    يار ته موڪلائي ويو هاڻي بس هن جون يادون آھن ،ڳالھيون آھن ۽ اسان آيون.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لڏيو لطيفن پلاڻي پنڌ پيا
    هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهين..

    سنڌ کيس سوجهرو ڏيندڙ صدوري پٽ کان محروم ٿي وئي. تاج بلوچ شاعريءَ جو ته وڏو نالو هو ئي پر سندس جهڙي چوٽيءَ جي نقاد لاءِ سنڌ سڪندي.
    واڪا ڪندي ووءِ! صديون تولاءِ سنڌڙي!
    هو مارڪيٽ ۾ موجود حاجي قاضي اديبڙن جي گهڻائي واري ٽولي کان بلڪل نرالو ۽ انوکو هو. سندس ادبي عظمت ۽ اوچي ڏات توڙي مني صديءَ تي محيط خدمتن سبب ڪيترائي وڏا نالا انتهائي احترام ۽عقيدت سان کيس پنهنجو ادبي گرو مڃيندي بابي ۽ ابو ڪري مخاطب ٿيندا هئا. سنڌي ادب جي جرڪندڙ تاج ۾ سوجھري وسيلي تاج جيڪي هيرا سجايا تن ان جي حسن کي نکاري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سوجھرو ڪيترن ئي ڪچن ڦڪن ڏتڙيل ليکڪن شاعرن لاءِ هڪ سگهارو پليٽ فارم هئڻ سان گڏ شاعريءَ ۽ادب جي سکيا جو گهر به آهي.تاج جي ان ادبي نرسري ڪيترن تي تخليقڪارن اديبن جي ادبي پورهئي کي رندا هڻي سوڌي سنواري کين ادب ۾ الڳ مقام ماڻڻ ۾ سوڀارو ڪيو. ڊاڪٽر شير مهراڻي, عبيد راشدي جهڙا ادب جا وڏا نالا تاج بلوچ جي علمي سخاوت، پرخلوص رهنمائي ۽ اتساهيندڙ ڪردار تي ناز ڪندي ان جي عظمت جا اقراري آهن. تنهنجي ڪمهلي وڇوڙي درد جي صحرا ۾ اڇليو آهي لفظن ۾ هن سوڳ جي ماتم جو دم نه آهي. دل جي اداس جزيزي ۾ سڏڪن جا ڀريل سپنا خوشبو جو زهر ٿا لڳن. تنهنجي ابديت ڏانهن اڏام تي دل جي تتل ڀونءِ تي اکين مان وڏ ڦڙو پيو وسي.

    اي هند توکي الوداع!
    اي سنڌ توکي الوداع!
    الوداع! الوداع!
    ابديت جا راهي
    ادب جا سوجھرا
    اي تاج توکي الوداع!

    ڪاڪا زاهد
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاج بلوچ هميشه زنده رهندو

    طارق عزيز شيخ

    سنڌي شاعريءَ ۾ ھر صنف تي عبور رکندڙ برک شاعر، اديب، نقاد ۽ ايڊيٽر تاج بلوچ، گذريل رات 4 جون تي ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪري ويو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ ھاڃيڪار ته رھندو پر ان جو خال به نه ڀرجي سگھندو. تاج بلوچ سچو ۽ کرو انسان هو. بيباڪ انداز سان گفتگو ڪندو ھو، اسان سندس اولاد جي ڄمار جا ھئڻ باوجود ائين سمجھندا ھئاسين ڄڻ ڪنھن بي تڪلف دوست سان ڪچھري ڪندا ھجون. ھو مضمون يا ڪھاڻيءَ جي اسلوب کي سلوڻو ڪرڻ جو ماھر ته ھو پر ايڊيٽنگ جو فن به سھڻي طريقي سان ڄاڻندڙ ھو. تاج بلوچ بنيادي طور تي جيئن ته شاعر ھو، انھيءَ ڪري سندس شاعريءَ تي سرسري نظر وجھون ٿا.
    تاج بلوچ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سڀني صنفن ۾ پاڻ مڃرايو. دوها، نظم، غزل، گيت، وايون، نثري نظم، بي قافيا نظم ۽ قطعا وغيره چيا. پنهنجن چئن شعري مجموعن “درد جو صحرا”، “خوشبوءَ جو زهر”، لفظن جو ماتم”، “دل جزيرو اُداس سپنن جو” ۾ تاج بلوچ بي بيشتر شاعري “رومانوي” نظر اچي ٿي. هونئن ته هُن مختلف موضوعن تي به ڪلام چيو آهي، پر سندس شاعريءَ تي مجموعي طرح رومانوي رنگ جو غلبو محسوس ٿيو پوي.
    هتي اهو واضح ڪرڻ لازمي ٿو سمجھان ته تاج بلوچ سياسي ۽ انقلابي لٽريچر جو سگھارو قلمڪار آهي ۽ ڪالم، مضمون توڙي نثر جي ٻين صنفن تي به عبور رکي ٿو. پر جهڙو اظهار هن پنهنجي دلنشين شاعريءَ جي وسيلي ڪيو آهي، تهڙو ٻئي نموني نٿو ڪري سگھي.
    “درد جو صحرا” 1970ع ۾ ڇپيو ۽ هيل تائين ان جا ٽي ايڊيشن اچي چڪا آهن. پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران 1970ع جو “بهترين ڪتاب” هن ئي مجموعي ئي قرار ڏئي ساليانو ايوارڊ ڏنو ويو. “درد جو صحرا” ۾ دوها، وايون، گيت، نظم، غزل ۽ قطعا آيل آهن. هيءُ شعري مجموعو 1962ع کان 1970ع تائين شاعري تي مشتمل آهي. هيءُ اهو زمانو آهي جڏهن سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو ڀرپور طرح سان پنهنجي حساس حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. سنڌ جو اديب ۽ صحافي ايوبي آمريت جي خلاف نظرياتي توڙي سياسي ويڙهه ڪري رهيو هو. انهيءَ بقا جي ويڙهه ۾ تاج بلوچ به ڌرتي ماءُ جي ٻين سچن سپوتن جيان پنهنجي حصي جو ادبي فرض خوب نڀايو ۽ پوري ڏات ۽ ڏانءُ سان آواز بلند ڪيو:

    هُو سرفروش مٿي سان ڪفن ٻڌي جو هليا،
    هزار هوشو ۽ هيمون گھٽيءَ گھٽيءَ مان اٿيا،

    ڏمر جا، ڏاڍ جا، ڪنگرا ڇڏيائون ڪيرائي،
    لهوءَ سان جن جي ٿيا سُرخ چوڪ ۽ رستا.

    هن زماني ۾ جديد، ترقي پسند، وطن دوست سنڌي ادب تي زنجير پيا. سنڌي شاگردن ۽ شاگرد تنظيمن تي تشدد ٿيو، کين جيلن ۾ واڙيو ويو. ٻوليءَ جي مسئلي تي حق جو آواز بلند ڪندڙ عام توڙي خاص ماڻهوءَ کي ظلم جو نشانو بڻايو ويو. سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن ڪري لاتعداد غير سنڌين کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ آباد ٿيڻ ۾ آسانيون مليون. ايوب خان پنهنجي مارشل لا جي ويجھن ساٿين جنرل موسيٰ، اصغر خان ۽ ٽڪا خان جهڙن سوين ڌارين کي سنڌ جي زمين “مال مفت” طور ڏني. سنڌ جو دانشور اهڙي موقعي تي ڪُڇي ته ڪافر پئي ٿيو، پر ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿاريندڙ سنڌ جي باغيرت ۽ باشعور شاعر اهڙي ڪيفيت ظاهر ڪرڻ لاءِ خاموش رهي نه سگھيو. ان موقعي تي تاج بلوچ چيو:

    باهه ڀنڀور ۾ ڀڙڪائي سگھان ٿو
    منهنجي تو ناهه ڏٺي شعله نوائي

    سنڌ جي سينڌ ۾ سِندُور ڀرڻ ڏي
    ورنه ڏوراپا اچي ڏيندو ڀٽائي.

    هن زماني ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو اهڙي ڀرپور مزاحمت هلي هئي جو هر سنڌي پڙهيل خواهه اڻ پڙهيل پنهنجي ڀرپور سگهه سان ايوبي آمريت خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ علمي توڙي سياسي جاکوڙ ۾ وِک وِک سان ملايائين. 9 فيبروري 1962ع تي “سنڌي ٻولي جو ڏينهن” ملهايو ويو هو. هن ڏينهن تي سنڌي اخبارن غيرن جي آبادڪاري، سنڌين کي بيروزگار ڪرڻ، سنڌ جي وسيلن تي مارشل لائي ڇاڙتن جي قبضن ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ کي نصابي دائري مان ڪڍڻ جهڙن ٻين ڪيترن ئي نازڪ قومي مامرن سنڌ جو ڪيس اُڀاريو. سڄي سنڌ ۾ “ڪارو ڏينهن” ملهايو ويو. اديبن ۽ عالمن احتجاجي نشستون منعقد ڪيون. سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ دانشورن هڪ گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، مخدوم طالب الموليٰ، مير رسول بخش ٽالپر جو خاص ڪردار رهيو. سنڌ جي نمائنده شاعر شيخ اياز جي پهرئين شعري مجموعي “ڀونر ڀري آڪاس” تي پابندي مڙهي وئي. اظهار جي آزاديءَ لاءِ هڪ به شعر چوڻ دشمن جي اک ۾ ڪنڊو هو. اياز جي مجموعي تي پابندي پوڻ تي تاج بلوچ متاثر ٿي وقتائتو نظم چيو:

    روايت

    واري دار سينگار جي ٿي
    اجھو ڪوئي منصور ڦاهيءَ چڙهيو
    وري حق پرستيءَ تي الزام آيا
    ثنا خوان حسن و جواني جي تهمت لڳي
    وري دار سينگار جي ٿي
    اجھو ڪوئي منصور ڦاهيءَ چڙهيو
    اها ڪائي نئين ڳالهه ناهي
    هي دستور آهي پراڻو
    ائين ئي ٿيو آ
    ازل کان ابد تائين ٿيندو ئي رهندو
    اڳي ڀي ته منصور ڪيئي
    ڌري حق پرستيءَ جي تهمت
    سدا دار تي چاڙهيا ويا.

    سهي ڏنگ ڏاهپ سندا
    ائين ئي هي ڪونڌر ته ڪسندا رهيا
    مگر حق پرستيءَ ۾ اڳرن کان اڳرا رهيا
    ڪري ٿا سگھو بند جسمن کي بيشڪ
    مگر روح تي
    حسن ۽ حق جي رهندي حڪومت
    ڀلي دار سينگاريو
    ڳڻي ڳولي منصور ڦاهيءَ تي چاڙهيو
    اوهان کي به دنيا مڃيندي
    اسان کي به دنيا مڃيندي.

    تاج بلوچ انهيءَ سموري مزاحمتي تحريڪ ۾ اڳرو ۽ اڳڀرو رهيو. هن مٿان کاٻي ڌر جي سياسي نظريي جي غالب هئڻ ڪري سندس مزاج ۽ اظهار ۾ اڃا به تشنگي ۾ اضافو محسوس ٿيو. تاج بلوچ سنڌ جي تحريڪ ۾ ٻن ادبي ڌڙن ۾ هڪجيترو سگھارو قلمڪار مڃيو ويندو آهي. هڪ کاٻي ڌر وارن (ڪامريڊن) ۾ ۽ ٻيو ترقي پسند اديبن ۾. البت مذهبي ڪٽرپڻي يا انتها پسند ليکڪن لاءِ تاج بلوچ “اکين ۾ مرچن” مثل آهي.
    جديد سنڌي شاعري جي سرجڻ ۾ وقت بوقت تبديليون اينديون رهنديون آهن. 1947ع کان پوءِ سنڌ جي شاعريءَ ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن يا سنڌي شاعريءَ جو جيڪو مزاج بڻيو آهي، تاج بلوچ انهيءَ رفتار ۽ انهيءَ انداز سان ڪلام چيو آهي. هن وٽ “لڪير جو فقير” هئڻ واري ڪٿ ڪونهي، نه وري سندس مزاج ۾ قديم شاعريءَ جي زبردستي مروج ڪرڻ جو ڪو خيال آهي. هن جي ڪلام ۾ اظهار جو سڌو سنئون بيان ملي ٿو. شيخ اياز جيان هر صنف ۾ تجربا ڪرڻ ۽ صنفن کي نون گھاڙيتن سان استعمال ڪرڻ جو تاج بلوچ ماهر آهي. تاج جيڪڏهن نقاد جي نظر ۾ اڌي ته، هو قديم صنف کي به جديد انداز ۾ چوڻ وارو شاعر ڪوٺبو. مثال طور سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل صنف “ دوهو” تاج بلوچ جي اظهار ۾ هن ريت ملي ٿو:

    قدم قدم تي سُور سهون ٿا گھڙيءَ گھڙيءَ تي گھاءُ
    آهه حياتي ٿوهر جو وڻ، ناهه جيئن جو ساءُ.

    دوهو قاضي قادن جي دور کان وٺي سنڌي شاعريءَ جا مختلف دور ڏسندو تاج بلوچ جي تخيل تائين پهتو آهي. تاج جي ڪنهن به شعري صنف ۾ هڪ جھلڪ دکائڪ ضرور نظر ايندي. سندس دوها اهڙي صورت ۾ سندس حساس اظهار کان خالي ناهن. خاص طور تي هن مجموعي جا سمورا دوها انهيءَ انداز ۾ ملن ٿا، جيئن هي مثال آهن:

    سمنڊ به ڪنهن جي ياد ۾ پاڻ پيو تڙپائي
    اهڙيءَ ريت اسان جي دل کي درد اوهان جو کائي

    ڪنهن به نه ڄاتو ڪنهن نه سڃاتو منهنجي من جو گھاءُ
    چانڊوڪي ٿي چُهنڊيون پائي، آءُ پريتم آءُ.

    تاج جي دوهن ۾ رومانوي رنگ سان گڏ التجا ۽ محبوب کي شڪايت ضرور ملي ٿي. هُو پنهنجي اندر جو درد پنهنجي پياري کي ٻڌائڻ چاهي ٿو. هن وٽ جيڪڏهن خوشيءَ جو اظهار آهي ته لازمي آهي ته ٿورو درد جو به سيڪ ملندو. هن جي شعر ۾ مٺاڻ سان گڏوگڏ ٿوري ڪوڙاڻ به آهي، سُڪون سان گڏ ٿورو سور به آهي، بهار سان گڏ خزان به آهي. انهيءَ جو اندازو مٿي آيل دوهن مان ٿيو هوندو، پر خاص طور تي هي نمونو حاضر آهي:

    ڦوڳ ڦُلاريا چئني پاسي وسي پيو اڄ نُور
    آس جي وڻ کي خزان وڪوڙيو ڪيئن جھلي سو ٻور.
    سنڌي شاعريءَ جي ٻي قديم صنف وائي آهي. جنهن کي پڻ تاج بلوچ سٺي انداز ۾ نباهيو. وائيءَ جي لغوي معنيٰ روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ آهي. تاج بلوچ وٽ انهيءَ مفهوم جو تُز نمونو ملي ٿو. رومانوي انداز جي هن شاعر وٽ وائي ۾ جيڪا وڏي سونهن آهي سا لفظن جي چونڊ آهي. تاج بلوچ جي شاعريءَ ۾ وائي سميت هر صنف ڀرپور انداز ۾ ملي ٿي.
    تاج بلوچ اڄ اسان ۾ ناھي پر سندس شاعريءَ کيس امر بڻائي ڇڏيو. شاعر صدين کان وٺي اسان جي ھر ٽھيءَ جي نظر مان گذري ٿو ۽ لبن تي اچي ٿو. تاج بلوچ به ائين ئي اسان وٽ موجود رھندو.
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاج بلوچ جو وڇوڙو: هڪ عھد جي پڄاڻي

    ڊاڪٽر شير مھراڻي


    سنڌي شاعريءَ جو وڏو نالو، ايڊيٽر، صحافي ۽ لڇمڻ ڪومل جي لفظن ۾ “آتنڪواد نقاد” ڪالهه اسان سڀني کي سوڳوار ڪري ڪراچيءَ جي ماڊل ڪالوني واري قبرستان ۾ نمن جي ڇانو ۾ مٽيءَ جي چادر پائي سمهي رهيو. مونکي اڃان تائين يقين نٿو اچي ته واقعي تاج بلوچ اسان کان وڇڙي ويو آهي. مونکي هيءُ هڪ ڀوائتو خواب لڳي رهيو آهي ۽ دل پاڻ ئي پاڻ کي آٿت پئي ڏئي ته اجهو تاج صاحب جي ڪال آئي ۽ چوندو: “ابا منهن ئي ڪونه ٿا ڏيکاريو، سڪ لڳي آهي، پنهنجو ڪو فوٽو موڪل ته ڀت تي هڻي ڇڏيان” ۽ آئون پاٻوهه مان جواب ڏيندس: “بابا اڄ شام ئي ملون ٿا، مختيار صاحب جي اوطاق تي ٺيڪ آهي، يا توهان وٽ؟” وري آئون ئي چوندس: “بابا آئون ڇهين وڳي ايندس توهان وٽ ضياءَ سائين وارن سان به رابطو ٿيو آهي، شوڪت اڄڻ به حيدرآباد مان پيو اچي، ڊاڪٽر قدير به آهي، توهان جو نمازي ڳوٺائي زبير ڪلوڙ به آهي، سجاد ظهير به اچي ٿو، باقاعده ڪچهري ٿا ڪيون”، مختصر جواب ملندو: “اوڪي بابو” فون ڪٽجي ويندي ۽ آئون ڇهين وڳي جو انتظار ڪرڻ ويهي رهندس. شام جا ڇهه ته ٿيندا روز جيان پر غفار ڀٽي صاحب چواڻي، “تاج صاحب کان سواءِ”. پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ويٺو ڏيان. ساڻس ڪو اهڙو تهڙو تعلق ته نه هو. ويهه ٻاويهه سال اڳ جڏهن “سوجهري” جو نئون دور شروع ٿيو هو ته آئون ساڻس گڏيو هئس. ايڏو پيار ۽ پاٻوهه ڏنائين جو منهنجي لاءِ ڄڻ ته منهنجو پيءُ ٿي ويو. مون کيس ڪڏهن “بابا” ڪري سڏ ڪيو اهو ياد ناهي. پر اهو ياد اٿم ته کيس هميشه “بابا” ڪري سڏيم ۽ هو به ته اهڙو ئي پيار ڏيندو هو. ڪنهن جي خلاف سخت کان سخت بيان ڏيندو هو پر آئون رڳو ايترو چوندو هوس، “بابا هلڪو هٿ” کلي چوندو هو، “ڇا ڪيان يا ڇا ڪيو اٿم” چوندو هئس، “اهو ڪمينٽ ڊاهيو مناسب ناهي” ٽهڪ ڏئي چوندو هو “ڊهي ويو” ڪڏهن ڪڏهن کلي چوندو هو “تو مونکي ڀاڙي ڪري وڌو آهي”، آئون چوندو هوس “بابا ڇڏيو”. ڪي ماڻهو اعتراض پيا وارين ته تاج بلوچ صاحب “اڪيڊمي آف ليٽرس جو لطيف ايوارڊ” ۽ “پرائيڊ آف پرفارمنس” ڇو ورتا. جيڪڏهن اهي ايوارڊ وٺڻ ڏوهه آهن ته اهو ڏوهه تاج صاحب جو ناهي بلڪه منهنجو آهي. مون ئي سندس ڪتاب ۽ پروفائيل کانئس پڇڻ کانسواءِ ڪجهه مهربانن معرفت “اختيارين” تائين پهچايا هئا.منهنجو خيال آهي ته اسان جتي رهون ٿا ۽ جي ڪو ڳڻائڻ جوڳو ڪم ڪيون ٿا ته ان تي “مڃوتي” اسان جو حق آهي ۽ حق وٺڻ ڏوهه ناهي. اڄ تاج صاحب اسان سان گڏ ناهي، پر سندس معصوميت ۽ يادگيريون اسان سان گڏ آهن.
    تاج صاحب جي وڇوڙي تي سوچيندي سندس سٽون تري ٿيون اچن،
    ويٺي ويٺي جو تنهنجو پُور پيو
    منهنجي دل ۾ بلا جو سور پيو
    تاج صاحب صرف هڪ ڏينهن اڳ ئي ته فيس بوڪ تي لکيو هو،“دل ۾ انجائينا جو سور پيو آهي” اهو ئي سور اسان سڀني دوستن کي سُور ڏئي هليو ويو.
    آئون ماضي ڏانهن موٽان ٿو:
    تاج بلوچ صاحب 25 مئي 1942ع تي پني عاقل جي ڪوٽ بلا ۾ تر جي چڱي مڙس نور محمد جي گهر ۾ ڄائو. سنڌي ادب، صحافت ۽ شاعريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جي اهم اڌ صدي ڏيندڙ تاج بلوچ ٻاراڻي وهيءَ ۾ “ٽپيڪل ٻروچڪو ۽ وڏيرڪو ٻار” ٿي رهيو. ون يونٽ وارو دور سندس جوڀن ۽ جواني جو دور هو، ۽ جوانيءَ ۾ فرد جو سمورو وجود سراپا سرڪش هوندو آهي، هن به سرڪشي ڪئي، سرڪشي به ڪا اهڙي تهڙي، مائٽن اسڪول وڃڻ لاءِ کيس ڀلو گهوڙو ڏنو ۽ هو پنهنجا سڀ هم ڪلاسي ان گهوڙي تي کڻي پيو ڪڏهن هتان وڃي ته ڪڏهن هتان وڃي. پل ۾ ئي ڀلي تازي گهوڙي کي ‘ڊڊي’ ڪري ڇڏيائين. ڪوٽ بلا ۾ جهڙو ڪر رڻ ٻاري ڏنائين، وڏيرڪو ٻار، پنهنجي تي اچي ته چڱن ڀلن سان نه ڳالهائي وري جي اڃان پنهنجي تي اچي ته ڀيلن، باگڙين جي ٻارن سان کجين جي باغن ۾ نوريئڙا ۽ ڳوهون ڊوڙائيندو ۽ ماريندو وتي، گگدامن جو رت ڏسي ته ڏسي نه سگهي اتان بان ڪري اٿي ته وري وڃي اوڏن جي ٻارن سان ويٺو مٽيءَ جا جانور ٺاهي ۽ ڊاهي. ڪٿي ٻروچڪي رڳ تي اچي ته ڪٿان پاڻ ڦٽيو اچي يا وري ڪنهن کي ڦٽيو اچي، بلڪل والٽيئر وانگر، جيڪو الائي ڪيترا ڀيرا مارون ۽ موچڙا کائي ۽ هڻي وڏو ٿيو ۽ جي وڏو ٿيو ته اهڙو جو هن جي جنازي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪوئي سوچي به نه پئي سگهيو ته اهو اهو ئي والٽيئر آهي جيڪو چوندو هو “هر وقت جي سنجيدگي به عذاب آهي، ماڻهو ڪجهه ڪجهه هلڪڙو به ٿئي.” سو تاج بلوچ به ڪوٽ بلا ۾ جهڙو ڪر رڻ ٻاري ڏنو. مائٽن ميئٽرڪ ڪرائڻ لاءِ ڪراچي ۾ داخلا ڪرايس. هو ويچارا خوش ته پٽ اجهو ٿو “ايمي” چڙهي ۽ هيءَ يار وري مائٽن کان مليل ڏوڪڙ پنجڙ پئسا کڻي فلمي هيرو ٿيڻ جي شوق ۾ لاهور هليو ويو. “شايد لاهور ڄمڻ ويو هو، جو کيس ڪنهن چيو هو، جنهن لاهور جو شهر ناهي ڏٺو اهو ڄڻ ته ڄائو ئي ڪونهي.” هيءُ يار اتي ڄميو الائي ڪونه پر اتان جي سوڙهين گهٽين جا چڪر ڪاٽي سڀ پئساکپائي ويٺو، اتي ڪو اهڙو ڪنڀر به ڪونه هو جو هيءُ همراهه ان جا ٿانو کپائي پنهنجي سهڻي جو منهن ڏسي، سو نامراد شهر مان نامراد موٽي اچي ڪراچي وسايائين. ڪراچي اهڙي وسايائين جو “ڳوٺ مان نڪتل ڳڀرو ڇوڪرو ڄڻ ته هتي گم ٿي ويو”. ڪجهه پڙهيو، ڪجهه ڪڙهيو، پر شڪر جو شاعر ٿي پيو. شاعر به اهڙو تهڙو، الائي ته ڪهڙا ڪهڙا مشاعرا لٽيائين، داد ماڻيائين، دادلو ٿي ويو، ڏنگو ته اصل کان هو، ويتر ڏنگو ٿي پيو. هڻي چڱن ڀلن انشا پردازن ۽ ڪهنه مشق شاعرن جا کنڌا کڻي ڇڏيائين. “اصيل شاعر” مٿس ڪاوڙيا! پر هن کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه هيءُ ته “پنهنجي گهران پيو کائي”، ٻه ٻه ٽي ٽي نوڪريون ٿي ڪيائين، ريڊيو ڌار، ٽي وي ڌار، اخباري صحافت الڳ، ناڻي کاتي ۾ “ٽريزري آفيسري” الڳ!
    تاج بلوچ ڪير سڏائي؟
    جي اَٿئِي سَڌ سُرڪ جي، ته وَنءُ ڪَلاڙَڪي هَٽِ،
    لاهي رک لطيفُ چئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
    سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيج ڪي پِياليون.
    هن سُرڪ جي سڌ ڪئي، ڪلاڙڪي هٽ به ويو، ماٽيءَ وٽ مٿو به ٽيڪيائين ته پياليون به پيتائين! سندس ڪتابن ۾: درد جو صحرا، خوشبوءِ جو زهر، لفظن جو ماتم، دل جزيرو اداس سپنن جو، چچريون چچريون خواب (ڪُليات)، سندس شاعريءَ جو لطيف نوناري پاران ڪيل انگريزي ترجمو (گريف ان ٽيٽرس)، جديد ادب جو تجزيو شامل آهن. هو شروع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو. بلڪه ادبي سنگت جي ڏکئي وقت ۾ به ثابت قدم رهيو. تاج بلوچ صاحب بنيادي طور تي رومانوي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. هو پنهنجن شعرن ۾ “سنڌ جو نوحه گر” محسوس ٿيندو آهي. سندس نظم “طويل نظم جو ڪئنواس” ڪو هڪ نظم ناهي بلڪه هن دور جو ڪيڏارو آهي، جيڪو تاج بلوچ لکيو آهي. اهو ڪيڏارو جنهن ۾ هر فرد پنهنجي پنهنجي ڪردار سان چٽو ٿيندي نظر اچي ٿو، مظلوم؛ مظلوم آهي، ظالم؛ ظالم آهي. ڦورو؛ ڦورو آهي، مسڪين جي ماڻڪين ۾ لڪل درد جي ڪٿا ڌار آهي. “شهرن مان کڄندڙ لاشن” جو نوحو الڳ آهي. بيشڪ تاج بلوچ هن عهد جو وڏو شاعر آهي، جنهن وٽ زندگي هڪ نئين معنيٰ سان آهي، عشق جو استعارو الڳ آهي، معصومن جو درد ٻي معنيٰ کڻي بيٺل نظر اچي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هو پر اميد آهي، هو اونداهي رات جو سفر ڪري چڪو آهي، کيس سوجهري ۾ يقين ۽ پڪو ويساھ آهي، هو لکي ٿو.
    سوجهرو ڏاڍو سگهارو آهي
    هاڻ سفاڪ نگاهن جا اشارا پڙهبا
    هاڻ بي نوريءَ جي چرپر تي ڪي پهرا هوندا
    عڪس اوجهل نه اکين کان ٿيندا
    ڪين ٻاڪاريندي ڪٺل ڪائي هتي.
    سوجهري جو سفير تاج بلوچ صاحب جسماني طور ته اسان کان پري هليو ويو آهي. ۽ ساڻس رهاڻ ملهائڻ ۽ پني عاقل جي ڪميونٽي هال کي سندس نالي پويان ڪرائڻ جو اسانجو خواب رلي ويو آهي.
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    افسوس تاج بلوچ گذاري ويو ـ سنڌي ادب لاء ھن جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو ـ تاج بلوچ سوجھرو ۾ منهنجيون چاليهه ڪھاڻيون ۽ ٽي ناول قسطوار شايع ڪيا ـ ھن مونکي لکڻ لاء اتساھيو ـ جيڪڏهن "سوجھرو" نہ ھجي ھا تہ شايد مان ايڏو لکي نہ سگھان ھا ـ ھن جي وڇوڙي تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي ـ
    ھڪ مضمون پيش ڪيان ٿو
    جيڪو تاج بلوچ جي فن تي لکيل آهي ـ

    (رسول ميمڻ)
    ـــــــــــــــــــــــــــــ

    زهر قاتل جو جام ڀري پيئاريو يارو،
    ڇوٽڪارو ڏاهپ کان مونکي ڏياريو يارو.

    واقعي ئي ڏاهپ انسان کي مونجهارو عطا ڪيو آهي، ڏاهپ جي وصف مڪمل نه آهي، ڏاهپ معنا بدلائي ٿي، ڪڏهن سچ ڏاهپ جي اڳواڻي ڪري ٿو، ڪڏهن ڪوڙ ڏاهپ جو علمبردار آهي، سچ ۽ ڪوڙ جاڙا ڀائر آهن، جيڪي همشڪل آهن، هڪ کي ڳولهيو ٻيو ملي ٿو، ٻئي کي ڳولهيو پهريون ملي ٿو، چوراهي تي بيٺل انسان ڏاڍو منجهيل آهي، رستن جي رهنمائي ڪندڙ تير جي نشان جا نٽ ڍِلا ٿي چڪا آهن، اهو هوا تي رخ بدلائي ٿو.
    تاج بلوچ جي شاعري حقيقت جي ڳولها ۾ هيت بدلائي ٿي، جستجوءَ جي جاکوڙ ۾ ان کي چار مغز آهن، اٺ اکيون سورنهن ڄنگهون ۽ ٻارنهن ٻانهون، تاج جي شاعريءَ پويان لاتعداد فانوس ٻرن ٿا جنهن ڪري ڌرتيءَ تي ان جا ارڙهن عڪس ٺهن ٿا، هن جي شاعري علامتن جو روپ ڌاري سچ ۽ ڪوڙ کان مٿي هڪ نئون روپ اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي نئون لفظ ڏيڻو پوندو، جنهن لاءِ نئون اچار تخليق ڪرڻو پوندو.

    آئينا چور ٿيا، ڪوئي چهرو،
    پنهنجو نه پرائو ٿو لڳي.

    يا

    هر عڪس ۾ ملندوسانءِ،
    ڪنهن شخص ۾ ملندوسانءِ
    يا رقص ۾ ملندوسانءِ.

    تحرير انفرادي سوچ ۽ سمجهه جي حد اندر پنهنجو ڏيکاءُ ڏئي ٿي، هر سوچ جي سگهه ساڳي نه آهي، ساڳي تحرير هر الڳ ذهن ۾ منفرد عڪس اڀاري ٿي، تجريد گهڻ رخو ڏيک آهي، جيئن خدا ۽ ان جا الڳ روپ.
    تجريد پوءِ به سچ نه آهي، اسين مونجهارن کي سهل بنائڻ لاءِ علامتون ايجاد ڪيون ٿا، جيئن ڪو صوفي مذهب جي ڊهندڙ عمارت کي ٿوڻيون ڏئي ٿو، دراصل اسين جيئري رهڻ لاءِ صورتحال يا وايو منڊل جي تبديلين جي زيراثر حيت بدلايون ٿا، جيڪا وس کان ٻاهر خودبخود نازل ٿيندڙ فطرتي عمل آهي، حالتون انسان کي بدلائي وجهن ٿيون ۽ انسان جيئرو رهي ٿو.
    خدا انسان جي تخم (Gene) ۾ موجود آهي، اسين تخم (Gene) جا غلام آهيون، جيڪڏهن سچي دل سان خدا جا انڪاري ٿيون ته پوءِ هزارين سال انتظار ڪرڻو پوندو جيسين انڪاري نسلن جي تخم (Gene) مان خدا صاف نه ٿي وڃي، خدا جو انڪاري ٻارهين منزل تان پاڻ کي اڇلائي ٿو، موت جي خوف کان رڙيون ڪندو خدا کي ٻاڏائيندو پٽ تي ڪري ٿو، بي ڌيانيءَ ۾ رب جو نانءُ زبان تي چڙهي ٿو، ڇا ڪيون مجبور آهيون.

    ساقي تنهنجي اک لڳي هوندي،
    ميڪشن جا رنگ ساڳيا آهن.

    ڪنهن ساقيءَ کان پڇيو:

    “ڪڏهن پاڻ به پيتو ٿي يا ٻين کي پيئاريندو ٿو وتين؟”

    ساقيءَ خماريل نيڻ کڻي چيو:

    “اسين پيتي بنا پرباش آهيون”
    مون کي ننڍي هوندي پاڙي مان لنگهيندڙ جيٺمل پنساريءَ جي ڪپڙن مان هريڙن جي بوءِ ايندي هئي ۽ جمعي جي نماز کانپوءِ موتي مجسد ٻاهران نياز ورهائيندڙ ويئشيا جي چانورن مان شرم گاهه جي بوءِ، ساڳي طرح ساقيءَ جا ڪپڙا مڌ ڀنل آهن ۽ شهيد جا رت رنگيل، ميڪشن جا رنگ ساڳيا آهن، باقي اک لڳيءَ جا مطلب گهڻا آهن، جيڪڏهن ساقي سمهيو ته سرمستيءَ جا ڪم لٿا ۽ ڪنهن جي اک لڳي ته ان جهڙو خوشقسمت ڪير؟
    مڌ ۾ ٻوٽل اکيون،
    ڄڻ وڙهي پرتل اکيون.
    اهڙا شعر پڙهڻ سان خمار طاري ٿئي ٿو، لفظن جا چپ چمڻ تي دل چوي ٿي.
    آئينا چور ٿيا،
    ڪوئي چهرو پرائو نه پنهنجو لڳي ٿو.
    دنيا شيشي جي ٺهيل آهي ۽ اسين پاڇا آهيون، اسان جي چهرن جا عڪس شيشن ۾ ٺهن ٿا، آئيني جو ٽٽجڻ شناخت جو مٽجڻ آهي، وجود پاڇي ۾ بدلجي وڃي ٿو، پاڇو نٽهڻ اس ۾ بيٺل آهي، ان جي چهري کي ڪا تشبيهه نه آهي، وجود پاڇن جي ڇانوَ ۾ لڪيل آهن.
    ننڊ ۾ هلندي تاج نيڻ ڦٽيا
    عشق ارتقا جو عروج آهي، جڏهن ماڻهو مڪمل ٿيندو ته عاشق سڏائبو، ننڊ ۾ هلڻ جي جاکوڙ ڪنهن کي ڏسڻ جي جستجو آهي، اهڙي حسرت تصور ۾ محبوب جو چهرو تخليق ڪري ٿي ۽ چهري ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ اکيون جنم وٺن ٿيون، نيڻ ڦٽن ٿا، جستجو جيئرو رکي ٿي، وڇوڙي جي خوف کان دل جي ڌڙڪن جاري آهي، توڏانهن پهچڻ جي ارادي تي رت جي گردش روان آهي، مان جيئرو آهيان، تون مون ۾ جيئرو آهين.
    جام نه آهي سر ٽڪرايو،
    ڪنهن نموني دل وندرايو.
    فرار حرارت بخشي ٿو، ڀڄي نڪتل قيدي جي نرڙ تي پگهر جون بوندون چمڪن ٿيون، فرار نئون رستو ڏيکاري ٿو، جام نه هوندي سر ٽڪرائڻ ۽ دل وندرائڻ زندگيءَ جو پيغام آهي، مدهوشيءَ جي سرور ۾ سڀ ڏک خودڪشي ڪن ٿا، دنيا ۾ مست جي دل سڀ کان وڌيڪ خوشي ماڻي ٿي، سرمستي نجات آهي.
    تنهنجي زلفن سان جن جو ڪم آهي،
    تن جي دنيا ۾ پيچ وخم آهي.
    اسان جي عقل جون آڱريون زماني جا زلف سلجهائي نه سگهيون آهن، اسين واٽون وڃائي ويٺل شخص آهيون، ترين تي سج رکيل آهن، تيز روشنيءَ ۾ انڌا ٿي چڪا آهيون، انا ۽ ڏاهپ جا سج، دعويداري ۽ Perfection جا سج، ڇاتين سان چنبڙيل، ٻار جيڪي زلفن سان کيڏن ٿا ۽ محبوبا جنهن جي چميءَ جو ذائقو کٽي کير جهڙو آهي.
    رت جي درياهه ۾ ٻڏي ويا رنگ
    ڏاڍو ڏکيو آهي سٽ کي سمجهڻ ۽ وضاحت ڪرڻ، سمجهه احساس آهي، جيڪو شعور جي پهچ جو حاصل آهي، احساس ساڳيا نه آهن، سمجهه جي وصف ناممڪن آهي، هرڪو پنهنجي رنگ ۾ محسوس ڪري ٿو، جيترو محسوس ڪري سگهي، پر ايترو ضرور آهي ته رت جي درياهه جو منظر باهه جي ٻوڏ کان گهٽ نه آهي.
    حرف حرف جي بيهڪ بگڙي،
    جذبي جو اتساهه مئو،
    لفظ لفظ جي معنا بدلي،
    لهجي جو ويساهه مئو.
    ڪجهه به حتمي نه آهي، هر شيءِ مڪمل ٿيڻ جي آرزوءَ ۾ بگڙجي تبديليءَ جا مرحلا طئي ڪري ٿي، ايتري پڪ آهي ته ڪائنات جي بقا تائين ڪا به شيءِ مڪمل ٿي نه سگهندي، مون هڪ دفعي ڪهاڻي لکي مڪمل ڪئي، ڏاڍو خوش ٿيس.
    ان ۾ سڌارو ڪرڻ لاءِ جڏهن پين کڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته جملن تي لڪيرون پائيندو ان حد تائين هليو ويس جو پوري ڪهاڻي ڪٽي ڦٽي ڪيم، سوچيم ان ڪهاڻيءَ جو سڀ کان سٺو عنوان آهي “اڇا پنا، ڪارا پنا”
    سوچن جا وار به سفيد ٿين ٿا، اتساهه ۽ ويساهه مرڻ کان اڳ پوڙها ٿين ٿا، لفظ جيڪي ليکڪ جا غلام آهن، بگڙجي بغاوت ڪن ٿا، تفسيرون رت وهائين ٿيون.
    دل جي اجلي چادر تي ڪا،
    البيلي پائي ويٺي ليڪا.
    چون ٿا دنيا جي وڏي ۾ وڏي ايجاد ڦيٿو آهي، پر مان چوان ٿو ته وڏي ۾ وڏي ايجاد ليڪ آهي، ڪائنات جي هر شيءَ ليڪ جو بگاڙ آهي، جڏهن پيغمبرن الله کي ڳولهڻ جي دعوا ڪئي ته ليڪ پاتي، جڏهن سائنسدان ليڪ کي ڦيرايو ته ڦيٿو ايجاد ٿيو، انسان جي جسم تي پنج سو ٻارنهن ليڪون آهن، قسمت جون ليڪون هٿ تي نه آهن ڪنهن ٻئي هنڌ آهن، پر دل جي چادر اجري آهي، جنهن تي ليڪ جو اختيار محبوب کانسواءِ ڪنهن وٽ نه آهي.
    نت نئون زخم نئون درد مليو،
    هٿ هٿ سان جو مليو سرد مليو.
    سردخاني تي موسم جو اثر نه هوندو آهي، جسم بي حس ۽ چرپر کان عاري هوندا آهن، روين جي لحاظ کان دنيا تي هڪ موسم طاري آهي، هٿ سرد ٿي چڪا آهن، جذبا سيءَ ۾ سڙي چڪا آهن، اسين اڪيلا آهيون.
    جيڪي ٽانڊاڻا سيه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان،
    محض اهڄاڻ جيان هاڻ ڳڻجن ٿا ستارا جانان.
    ٽانڊاڻا سيه رات ۾ سوڀارا ٿي ستارن جا اهڄاڻ ٿي وڃن ٿا، بودليئر چيو “دنيا علامتن جو جهنگ آهي” ڪائنات جي هر شيءِ علامت کانسواءِ ڪجهه نه آهي، چوڪنڊا، مستطيل، گول ۽ ٽڪنڊا هر هنڌ وکريا پيا آهن، ڪائنات فطرت جي هٿ سان لکيل مورتي الفاظ آهن، Cubism مدي خارج ٽٽل علامتن جو ڍير آهي، تجريد جي ديو کي لاتعداد منڍيون آهن، ڪائنات ۾ موضوعن جيان شبيهن جي ڪا کوٽ نه آهن، پير هيٺان پيل ڪک ڪائنات جي نمائندگي ڪري ٿو، ڳوڙهي ۾ سمنڊ جو ذائقو آهي.
    ايڏو جلد ڪراڙو ڪيئن ٿيو؟
    سنڍ عورت وانگيان
    سمنڊ هاڻي سمنڊ بدران
    سنڍ عورت لڳي ٿو
    سمنڊ جي سطح تي پيدا ٿيندڙ لهرون چهري جا گهنج آهن، سمنڊ مرگهيءَ جو مريض آهي، جنهن جي وات مان گج نڪري ٿي، حياتي ڏيندڙ سمنڊ جون ٻچيدانيون خالي ٿي چڪيون آهن، کير ختم ٿي چڪو آهي، تمر جا وڻ ڪٽجي چڪا آهن، فطرت سمنڊ مان جنم ورتو، سمنڊ جيو گهرڙن جو جهان آهي، اسين ايمفوبيا جو بدليل وجود آهيون، اسان جي رڳن ۾ سمنڊ جو پاڻي آهي ۽ ڳوڙهن ۾ نمڪيات، سمنڊ جو سنڍ ٿيڻ ان دروازي جو بند ٿيڻ آهي، جتان زندگي داخل ٿئي ٿي.
    جسم تي روح جي ڪنهن جاءِ تي
    ڪا جاءِ بچي نه آهي
    عشق آکيرو ڪٿي جوڙيندو
    گلن جا ٽوڪرا توهان کڻو، عيسيٰ جي ڪلهن تي صليب آهي، زخم ڏيڻ لاءِ جاءِ ڳولهيو ڇو جو وجود وڍيل آهي، روح جسم ۾ ائين سمايل هوندو آهي جيئن حرف ۾ مس، روح ڦاٽل ڪتابن جا ورق آهن، پکي جي وات ۾ ڪک آهي، ڪک جيتري جاءِ ڪٿي نه آهي.
    هو مسيحا ڪٿي موٽي نه وڃي،
    زخم دل جا جي ڇٽي ويا آهن،
    تن کي سوچيان ٿو اڊيڙي ڇڏيان.
    تندرست کي به مسيحا جو ساٿ گهرجي، مسيحا آهي ته آٿت آهي، بيماري ته بهانو آهي، عيادت کي اهميت آهي، منهنجو زخم سيني تي رکيل تنهنجي تريءَ هيٺان تازو نه آهي پر سڀ سور ڍڪيل آهن. اي ڌڻي زخم کي گهرو ڪر جيئن پرينءَ جو ساٿ سلامت رهي.
    هٿ سڙي ويا آهن،
    خط بچي ويا آهن،
    چپ سڙي ويا آهن،
    ڳل بچي ويا آهن.
    توکي چمندي چپ سڙي ويا پر تنهنجا ڳل ائين بچي ويا، جيئن هٿ ساڙيندي خط بچي ويا، يقين ڪيو عاشق مٽيءَ مان ۽ محبوب باهه مان ٺهيل هوندا آهن، اسين خاڪ ٿي محبوب کي ڳولهي لهندا آهيون.
    يا ته ڪوئي ڊوهه هو يا اکين جو ڏوهه هيو،
    واٽ ۾ جيڪا ملي سرسبز آبادي ملي.
    واٽ ۾ سرسبز آباديءَ جو ملڻ ڊوهه آهي، اکين جو ڏوهه آهي، پر انهن اکين کي شابس جن واٽ تي سرسبز آبادي ڏٺي، نظارا ناياب ٿي ويا آهن، ساوڪ سڙي چڪي آهي، منظر ويران آهن، اکين تي اعتبار نه آهي، ندين جو پاڻي اڃايل آهي، پوکن ۾ نيڻ ڦٽن ٿا، ٻرندڙ جبل تي برف چمڪي ٿي، خبر نه آهي ڪڏهن يقين ڪرڻو پوندو ته اڀرندڙ دونهون جنگ جي ميدان مان نه پر ڳوٺ جي رنڌڻن مان اڀري رهيو آهي.
    ڪيڏانهن اڏائي خوشبو،
    اجڙيل گهر گل ۽ گلدان،
    ڀت تي ماڻهوءَ جي تصوير،
    گهر ۾ رهي ٿو پر حيوان.
    تاج جو ڪتاب Grief in Tetters جيڪو پڻ ساڳي ئي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو آهي، تنهن باري ۾ ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي ته سنڌ کي لطيف نوناريءَ جهڙن ترجمي نگارن جي سخت ضرورت آهي.
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاج بلوچ وڏو ھو. وڏو ڏڍ ھو...

    مٺل جسڪاڻي

    ڳولڻ بنا به اھڙا انيڪ حوالا ملي وڃن ٿا، جن جي روشنيءَ ۾ اطمينان سان چئي سگهجي ٿو، ته تاج بلوچ وڏو ھو. وڏو ڏڍ ھو. سندس وڇوڙي جو، لکيل پڙھيل، نظم ۽ نثر سرجيندڙن کي، ويجهي مائٽ جي وڇوڙي برابر ڏک ٿيو آھي...
    اڃان سال ئي نه ٿيو آھي، تاج بلوچ بوسٽن امريڪه ۾ ھو، اتي ھڪ غزل لکيائين، جيڪو اڻويهين جولاءَ 2019ع تي، فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيائين، ته مون سميت ٻين به گهڻن کي ڏندين آڱريون اچي ويون...
    ڏندين آڱريون ڇو نه اينديون؟ اھڙي ڪا به شاھدي نه آھي، جنھن مان ظاھر ٿي سگهي ته تاج بلوچ ۽ مٺل جسڪاڻي، پاڻ ۾ ملندا، ڪچھريون ڪندا ھئا، گڏ گهمندا ھئا...
    آئون تاج بلوچ جو رسالو ”سوجهرو“ خريد به ڪندو ھئس، پڙھندو به ھئس، پر مون کي ياد نه آھي، ته مون ڪڏھن ڪو خط، ڪا چٺي، پنھنجي ڪا تحرير سوجهري لاءِ موڪلي ھجي. ان جو مطلب، اسان ۾ اھڙو به ڪو رشتو نه ھو. البت مون کي جيستائين ياد پوي پيو، آئون ساڻس صرف ھڪ دفعو، اٽڪل چوٿائي صدي اڳ، سندس آفيس ۾، ڪم جي ھڻ وٺ دوران، ڪجهه منٽن لاءِ مليو ھئس. ان ملاقات ۾، اسان ھڪ ٻئي سان تعارف نه ڪرائي سگهيا ھئاسين، ڪچھري به ڪا نه ٿي ھئي. ان کانسواءِ ڪو رابطو نه رھيو.
    عالمي اوطاق (فيس بوڪ) جو جھانُ آيو، ان دنيا ۾ رابطو ٿيو، آخر تائين ساٿ رھيو. مون ڏٺو ته تاج بلوچ سڀني سان ساڳئي انداز ۾، ساڳئي رويي سان، بنا حجاب مخاطب ٿيندو ھو. فيس بوڪ تي سڀ شاھديون موجود آھن. ھر ڪو ڏسي، پڙھي، پنھنجي سوچ، سمجهه ۽ عقل مطابق نتيجا اخذ ڪري سگهي ٿو، پر منھنجي اھا ئي ساڳئين راءِ آھي، ته تاج بلوچ وڏو ھو. وڏو ڏڍ ھو. سندس وڇوڙي جو، ويجهي مائٽ جي وڇوڙي برابر ڏک ٿيو آھي. ڏک جي ڪيفيت ۾، فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيل مذڪورہ غزل مون کي آٿت ڏيندو آھي. سندس اھو غزل، جيئن جو تيئن حاضر آھي، اوھان به پڙھو:

    غزل... تاج بلوچ
    (مٺل جسڪاڻي جي نذر...)

    جنهن کي مستي وڏي مڳي آھي،
    مون کي ان لاءَ سڪ لڳي آھي.

    ڪو مسيحا ڪٿي ملي ئي نٿو،
    دل اسان جي پئي ڌڳي آھي.

    سمنڊ جيڪر سڄو ڇڏيان سرڪي،
    اڃ ڪا قهر جي لڳي آھي.

    ساه سرها ٻرن ٿا چوڌاري،
    هن جو ڇوڙي ڇڏي سڳي آھي.

    اوپري اوپري ۽ نا واقف،
    سوٽ حالانڪ ھوءَ سڳي آھي.

    ڪوئي منظر سهاڳ رات جيان،
    چوڙي ويجهي ڪٿي وڳي آھي.

    عشق ۾ تاج ڌڪ وڏو کاڌو،
    سونهن هن سان ڪئي ٺڳي آھي.
    (اڻويهين جولاءَ بوسٽن امريڪه)

    تاج بلوچ ھڪ دفعي ”سنڌياڻي مائي“ عنوان سان، ٿورڙن لفظن ۾، تمام گھڻي سٺي ۽ مُنڊيءَ تي ٽڪ جھڙي حقيقت قلمبند ڪندي لکيو ته ”جيڪا مائي غربت ۾ گهر ڀاتين جي ڦاٽل ڪپڙن کي نظر نه ايندڙ چتي ۽ رفوگري جو هنر ڄاڻي ٿي. اهائي اقتصادي انقلاب آڻينيدي. جنهن کي ٽوپو نٿو اچي اها اوسر جي راه ۾ رنڊڪ آھي.“ سندس اھو سچ پڙھي ڪير نه چاھيندو ته: ان ڪري پنھنجي ھر عمر جي ھر ٻار جي بھتر تربيت تي، جيترو به ممڪن ٿي سگھي، نه صرف ڌيان ڏيڻ گھرجي، پر گھربل تربيت لاءِ وسان نه گھٽائڻ گھرجي.
    ھڪ دفعي مون فيس بوڪ تي سوال پوسٽ ڪيو ”ھڪ غزل ۾ ڪيترا بند ھجڻ گهرجن؟“ ان سوال جي جواب ۾ مانائتي شاعر تاج بلوچ لکيو ته ”5، 7، 9، 11، 17، 21، گهٽ ۾ گهٽ 5، پر غزل مٿي ڄاڻايل بندن جيترو لکيو ويو. اسان وٽ سعيد سومري 100 بند. منگهاڻي صاحبه سوجهري ۾ 250 شعر لکيا. ڪو بند ڀرتي جو نه هو سڀ شاه بند ۽ تغزل ۽ معنويت سان لبريز ها.“
    ٿورو يا گهڻو لکڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. سچ اھو ئي آھي، ته تاج بلوچ وڏو ھو. وڏو ڏڍ ھو. سندس وڇوڙي جو، ويجهي مائٽ جي وڇوڙي برابر ڏک ٿيو اٿم.

    (مڊ ويڪ اسپيشل، روزاني عبرت حيدرآباد، اربح 10 جون 2020ع)
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    جيڪڏهن "سوجھرو" نہ ھجي ھا تہ شايد مان ايڏو لکي نہ سگھان ھا

    رسول ميمڻ

    افسوس تاج بلوچ گذاري ويو ـ سنڌي ادب لاء ھن جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو ـ تاج بلوچ سوجھرو ۾ منهنجيون چاليهه ڪھاڻيون ۽ ٽي ناول قسطوار شايع ڪيا ـ ھن مونکي لکڻ لاء اتساھيو ـ جيڪڏهن "سوجھرو" نہ ھجي ھا تہ شايد مان ايڏو لکي نہ سگھان ھا ـ ھن جي وڇوڙي تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي.

    ھڪ مضمون پيش ڪيان ٿو
    جيڪو تاج بلوچ جي فن تي لکيل آهي ـ (رم)
    ـــــــــــــــــــــــــــــ

    زهر قاتل جو جام ڀري پيئاريو يارو،
    ڇوٽڪارو ڏاهپ کان مونکي ڏياريو يارو.

    واقعي ئي ڏاهپ انسان کي مونجهارو عطا ڪيو آهي، ڏاهپ جي وصف مڪمل نه آهي، ڏاهپ معنا بدلائي ٿي، ڪڏهن سچ ڏاهپ جي اڳواڻي ڪري ٿو، ڪڏهن ڪوڙ ڏاهپ جو علمبردار آهي، سچ ۽ ڪوڙ جاڙا ڀائر آهن، جيڪي همشڪل آهن، هڪ کي ڳولهيو ٻيو ملي ٿو، ٻئي کي ڳولهيو پهريون ملي ٿو، چوراهي تي بيٺل انسان ڏاڍو منجهيل آهي، رستن جي رهنمائي ڪندڙ تير جي نشان جا نٽ ڍِلا ٿي چڪا آهن، اهو هوا تي رخ بدلائي ٿو.
    تاج بلوچ جي شاعري حقيقت جي ڳولها ۾ هيت بدلائي ٿي، جستجوءَ جي جاکوڙ ۾ ان کي چار مغز آهن، اٺ اکيون سورنهن ڄنگهون ۽ ٻارنهن ٻانهون، تاج جي شاعريءَ پويان لاتعداد فانوس ٻرن ٿا جنهن ڪري ڌرتيءَ تي ان جا ارڙهن عڪس ٺهن ٿا، هن جي شاعري علامتن جو روپ ڌاري سچ ۽ ڪوڙ کان مٿي هڪ نئون روپ اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي نئون لفظ ڏيڻو پوندو، جنهن لاءِ نئون اچار تخليق ڪرڻو پوندو.

    آئينا چور ٿيا، ڪوئي چهرو،
    پنهنجو نه پرائو ٿو لڳي.

    يا

    هر عڪس ۾ ملندوسانءِ،
    ڪنهن شخص ۾ ملندوسانءِ
    يا رقص ۾ ملندوسانءِ.

    تحرير انفرادي سوچ ۽ سمجهه جي حد اندر پنهنجو ڏيکاءُ ڏئي ٿي، هر سوچ جي سگهه ساڳي نه آهي، ساڳي تحرير هر الڳ ذهن ۾ منفرد عڪس اڀاري ٿي، تجريد گهڻ رخو ڏيک آهي، جيئن خدا ۽ ان جا الڳ روپ.
    تجريد پوءِ به سچ نه آهي، اسين مونجهارن کي سهل بنائڻ لاءِ علامتون ايجاد ڪيون ٿا، جيئن ڪو صوفي مذهب جي ڊهندڙ عمارت کي ٿوڻيون ڏئي ٿو، دراصل اسين جيئري رهڻ لاءِ صورتحال يا وايو منڊل جي تبديلين جي زيراثر حيت بدلايون ٿا، جيڪا وس کان ٻاهر خودبخود نازل ٿيندڙ فطرتي عمل آهي، حالتون انسان کي بدلائي وجهن ٿيون ۽ انسان جيئرو رهي ٿو.
    خدا انسان جي تخم (Gene) ۾ موجود آهي، اسين تخم (Gene) جا غلام آهيون، جيڪڏهن سچي دل سان خدا جا انڪاري ٿيون ته پوءِ هزارين سال انتظار ڪرڻو پوندو جيسين انڪاري نسلن جي تخم (Gene) مان خدا صاف نه ٿي وڃي، خدا جو انڪاري ٻارهين منزل تان پاڻ کي اڇلائي ٿو، موت جي خوف کان رڙيون ڪندو خدا کي ٻاڏائيندو پٽ تي ڪري ٿو، بي ڌيانيءَ ۾ رب جو نانءُ زبان تي چڙهي ٿو، ڇا ڪيون مجبور آهيون.

    ساقي تنهنجي اک لڳي هوندي،
    ميڪشن جا رنگ ساڳيا آهن.
    ڪنهن ساقيءَ کان پڇيو:
    “ڪڏهن پاڻ به پيتو ٿي يا ٻين کي پيئاريندو ٿو وتين؟”
    ساقيءَ خماريل نيڻ کڻي چيو:
    “اسين پيتي بنا پرباش آهيون”

    مون کي ننڍي هوندي پاڙي مان لنگهيندڙ جيٺمل پنساريءَ جي ڪپڙن مان هريڙن جي بوءِ ايندي هئي ۽ جمعي جي نماز کانپوءِ موتي مجسد ٻاهران نياز ورهائيندڙ ويئشيا جي چانورن مان شرم گاهه جي بوءِ، ساڳي طرح ساقيءَ جا ڪپڙا مڌ ڀنل آهن ۽ شهيد جا رت رنگيل، ميڪشن جا رنگ ساڳيا آهن، باقي اک لڳيءَ جا مطلب گهڻا آهن، جيڪڏهن ساقي سمهيو ته سرمستيءَ جا ڪم لٿا ۽ ڪنهن جي اک لڳي ته ان جهڙو خوشقسمت ڪير؟

    مڌ ۾ ٻوٽل اکيون،
    ڄڻ وڙهي پرتل اکيون.

    اهڙا شعر پڙهڻ سان خمار طاري ٿئي ٿو، لفظن جا چپ چمڻ تي دل چوي ٿي.

    آئينا چور ٿيا،
    ڪوئي چهرو پرائو نه پنهنجو لڳي ٿو.

    دنيا شيشي جي ٺهيل آهي ۽ اسين پاڇا آهيون، اسان جي چهرن جا عڪس شيشن ۾ ٺهن ٿا، آئيني جو ٽٽجڻ شناخت جو مٽجڻ آهي، وجود پاڇي ۾ بدلجي وڃي ٿو، پاڇو نٽهڻ اس ۾ بيٺل آهي، ان جي چهري کي ڪا تشبيهه نه آهي، وجود پاڇن جي ڇانوَ ۾ لڪيل آهن.

    ننڊ ۾ هلندي تاج نيڻ ڦٽيا

    عشق ارتقا جو عروج آهي، جڏهن ماڻهو مڪمل ٿيندو ته عاشق سڏائبو، ننڊ ۾ هلڻ جي جاکوڙ ڪنهن کي ڏسڻ جي جستجو آهي، اهڙي حسرت تصور ۾ محبوب جو چهرو تخليق ڪري ٿي ۽ چهري ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ اکيون جنم وٺن ٿيون، نيڻ ڦٽن ٿا، جستجو جيئرو رکي ٿي، وڇوڙي جي خوف کان دل جي ڌڙڪن جاري آهي، توڏانهن پهچڻ جي ارادي تي رت جي گردش روان آهي، مان جيئرو آهيان، تون مون ۾ جيئرو آهين.

    جام نه آهي سر ٽڪرايو،
    ڪنهن نموني دل وندرايو.

    فرار حرارت بخشي ٿو، ڀڄي نڪتل قيدي جي نرڙ تي پگهر جون بوندون چمڪن ٿيون، فرار نئون رستو ڏيکاري ٿو، جام نه هوندي سر ٽڪرائڻ ۽ دل وندرائڻ زندگيءَ جو پيغام آهي، مدهوشيءَ جي سرور ۾ سڀ ڏک خودڪشي ڪن ٿا، دنيا ۾ مست جي دل سڀ کان وڌيڪ خوشي ماڻي ٿي، سرمستي نجات آهي.

    تنهنجي زلفن سان جن جو ڪم آهي،
    تن جي دنيا ۾ پيچ وخم آهي.

    اسان جي عقل جون آڱريون زماني جا زلف سلجهائي نه سگهيون آهن، اسين واٽون وڃائي ويٺل شخص آهيون، ترين تي سج رکيل آهن، تيز روشنيءَ ۾ انڌا ٿي چڪا آهيون، انا ۽ ڏاهپ جا سج، دعويداري ۽ Perfection جا سج، ڇاتين سان چنبڙيل، ٻار جيڪي زلفن سان کيڏن ٿا ۽ محبوبا جنهن جي چميءَ جو ذائقو کٽي کير جهڙو آهي.

    رت جي درياهه ۾ ٻڏي ويا رنگ

    ڏاڍو ڏکيو آهي سٽ کي سمجهڻ ۽ وضاحت ڪرڻ، سمجهه احساس آهي، جيڪو شعور جي پهچ جو حاصل آهي، احساس ساڳيا نه آهن، سمجهه جي وصف ناممڪن آهي، هرڪو پنهنجي رنگ ۾ محسوس ڪري ٿو، جيترو محسوس ڪري سگهي، پر ايترو ضرور آهي ته رت جي درياهه جو منظر باهه جي ٻوڏ کان گهٽ نه آهي.

    حرف حرف جي بيهڪ بگڙي،
    جذبي جو اتساهه مئو،
    لفظ لفظ جي معنا بدلي،
    لهجي جو ويساهه مئو.

    ڪجهه به حتمي نه آهي، هر شيءِ مڪمل ٿيڻ جي آرزوءَ ۾ بگڙجي تبديليءَ جا مرحلا طئي ڪري ٿي، ايتري پڪ آهي ته ڪائنات جي بقا تائين ڪا به شيءِ مڪمل ٿي نه سگهندي، مون هڪ دفعي ڪهاڻي لکي مڪمل ڪئي، ڏاڍو خوش ٿيس.
    ان ۾ سڌارو ڪرڻ لاءِ جڏهن پين کڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته جملن تي لڪيرون پائيندو ان حد تائين هليو ويس جو پوري ڪهاڻي ڪٽي ڦٽي ڪيم، سوچيم ان ڪهاڻيءَ جو سڀ کان سٺو عنوان آهي “اڇا پنا، ڪارا پنا”
    سوچن جا وار به سفيد ٿين ٿا، اتساهه ۽ ويساهه مرڻ کان اڳ پوڙها ٿين ٿا، لفظ جيڪي ليکڪ جا غلام آهن، بگڙجي بغاوت ڪن ٿا، تفسيرون رت وهائين ٿيون.

    دل جي اجلي چادر تي ڪا،
    البيلي پائي ويٺي ليڪا.

    چون ٿا دنيا جي وڏي ۾ وڏي ايجاد ڦيٿو آهي، پر مان چوان ٿو ته وڏي ۾ وڏي ايجاد ليڪ آهي، ڪائنات جي هر شيءَ ليڪ جو بگاڙ آهي، جڏهن پيغمبرن الله کي ڳولهڻ جي دعوا ڪئي ته ليڪ پاتي، جڏهن سائنسدان ليڪ کي ڦيرايو ته ڦيٿو ايجاد ٿيو، انسان جي جسم تي پنج سو ٻارنهن ليڪون آهن، قسمت جون ليڪون هٿ تي نه آهن ڪنهن ٻئي هنڌ آهن، پر دل جي چادر اجري آهي، جنهن تي ليڪ جو اختيار محبوب کانسواءِ ڪنهن وٽ نه آهي.

    نت نئون زخم نئون درد مليو،
    هٿ هٿ سان جو مليو سرد مليو.

    سردخاني تي موسم جو اثر نه هوندو آهي، جسم بي حس ۽ چرپر کان عاري هوندا آهن، روين جي لحاظ کان دنيا تي هڪ موسم طاري آهي، هٿ سرد ٿي چڪا آهن، جذبا سيءَ ۾ سڙي چڪا آهن، اسين اڪيلا آهيون.

    جيڪي ٽانڊاڻا سيه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان،
    محض اهڄاڻ جيان هاڻ ڳڻجن ٿا ستارا جانان.

    ٽانڊاڻا سيه رات ۾ سوڀارا ٿي ستارن جا اهڄاڻ ٿي وڃن ٿا، بودليئر چيو “دنيا علامتن جو جهنگ آهي” ڪائنات جي هر شيءِ علامت کانسواءِ ڪجهه نه آهي، چوڪنڊا، مستطيل، گول ۽ ٽڪنڊا هر هنڌ وکريا پيا آهن، ڪائنات فطرت جي هٿ سان لکيل مورتي الفاظ آهن، Cubism مدي خارج ٽٽل علامتن جو ڍير آهي، تجريد جي ديو کي لاتعداد منڍيون آهن، ڪائنات ۾ موضوعن جيان شبيهن جي ڪا کوٽ نه آهن، پير هيٺان پيل ڪک ڪائنات جي نمائندگي ڪري ٿو، ڳوڙهي ۾ سمنڊ جو ذائقو آهي.

    ايڏو جلد ڪراڙو ڪيئن ٿيو؟
    سنڍ عورت وانگيان
    سمنڊ هاڻي سمنڊ بدران
    سنڍ عورت لڳي ٿو

    سمنڊ جي سطح تي پيدا ٿيندڙ لهرون چهري جا گهنج آهن، سمنڊ مرگهيءَ جو مريض آهي، جنهن جي وات مان گج نڪري ٿي، حياتي ڏيندڙ سمنڊ جون ٻچيدانيون خالي ٿي چڪيون آهن، کير ختم ٿي چڪو آهي، تمر جا وڻ ڪٽجي چڪا آهن، فطرت سمنڊ مان جنم ورتو، سمنڊ جيو گهرڙن جو جهان آهي، اسين ايمفوبيا جو بدليل وجود آهيون، اسان جي رڳن ۾ سمنڊ جو پاڻي آهي ۽ ڳوڙهن ۾ نمڪيات، سمنڊ جو سنڍ ٿيڻ ان دروازي جو بند ٿيڻ آهي، جتان زندگي داخل ٿئي ٿي.

    جسم تي روح جي ڪنهن جاءِ تي
    ڪا جاءِ بچي نه آهي
    عشق آکيرو ڪٿي جوڙيندو

    گلن جا ٽوڪرا توهان کڻو، عيسيٰ جي ڪلهن تي صليب آهي، زخم ڏيڻ لاءِ جاءِ ڳولهيو ڇو جو وجود وڍيل آهي، روح جسم ۾ ائين سمايل هوندو آهي جيئن حرف ۾ مس، روح ڦاٽل ڪتابن جا ورق آهن، پکي جي وات ۾ ڪک آهي، ڪک جيتري جاءِ ڪٿي نه آهي.

    هو مسيحا ڪٿي موٽي نه وڃي،
    زخم دل جا جي ڇٽي ويا آهن،
    تن کي سوچيان ٿو اڊيڙي ڇڏيان.

    تندرست کي به مسيحا جو ساٿ گهرجي، مسيحا آهي ته آٿت آهي، بيماري ته بهانو آهي، عيادت کي اهميت آهي، منهنجو زخم سيني تي رکيل تنهنجي تريءَ هيٺان تازو نه آهي پر سڀ سور ڍڪيل آهن. اي ڌڻي زخم کي گهرو ڪر جيئن پرينءَ جو ساٿ سلامت رهي.

    هٿ سڙي ويا آهن،
    خط بچي ويا آهن،
    چپ سڙي ويا آهن،
    ڳل بچي ويا آهن.

    توکي چمندي چپ سڙي ويا پر تنهنجا ڳل ائين بچي ويا، جيئن هٿ ساڙيندي خط بچي ويا، يقين ڪيو عاشق مٽيءَ مان ۽ محبوب باهه مان ٺهيل هوندا آهن، اسين خاڪ ٿي محبوب کي ڳولهي لهندا آهيون.

    يا ته ڪوئي ڊوهه هو يا اکين جو ڏوهه هيو،
    واٽ ۾ جيڪا ملي سرسبز آبادي ملي.

    واٽ ۾ سرسبز آباديءَ جو ملڻ ڊوهه آهي، اکين جو ڏوهه آهي، پر انهن اکين کي شابس جن واٽ تي سرسبز آبادي ڏٺي، نظارا ناياب ٿي ويا آهن، ساوڪ سڙي چڪي آهي، منظر ويران آهن، اکين تي اعتبار نه آهي، ندين جو پاڻي اڃايل آهي، پوکن ۾ نيڻ ڦٽن ٿا، ٻرندڙ جبل تي برف چمڪي ٿي، خبر نه آهي ڪڏهن يقين ڪرڻو پوندو ته اڀرندڙ دونهون جنگ جي ميدان مان نه پر ڳوٺ جي رنڌڻن مان اڀري رهيو آهي.

    ڪيڏانهن اڏائي خوشبو،
    اجڙيل گهر گل ۽ گلدان،
    ڀت تي ماڻهوءَ جي تصوير،
    گهر ۾ رهي ٿو پر حيوان.

    تاج جو ڪتاب Grief in Tetters جيڪو پڻ ساڳي ئي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو آهي، تنهن باري ۾ ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي ته سنڌ کي لطيف نوناريءَ جهڙن ترجمي نگارن جي سخت ضرورت آهي.
     
  13. امن ابن سنڌ

    امن ابن سنڌ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2023
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    توهان وٽ سوجھرو ميگزين جا 1997 کان 2001 تائين جا شمارا ھجن ونڊ ڪجو انھن شمارن ۾ منھنجو مواد آھي ۽بدقسمتي سان مون وٽ ھاڻي ڪوبه مواد نہ رھيو آھي مونکي اميد آھي ته اوھان منھنجي مدد ضرور ڪندا عادل لغاري
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وٽ ماھوار سوجهري جا رڳو 2012 کان 2014 جا رسالا موجود آھن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو