محمد ابراهيم گنب: هڪ يگانو استاد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    محمد ابراهيم گنب: هڪ يگانو استاد

    عزيز ڪنگراڻي

    سائين محمد ابراهيم گنب، گل محمد گنب جي گهر ۾ 1933ع ۾ ڳوٺ گل محمد گنب ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي فائينل ۽ پي ٽي سي جي تعليم حاصل ڪئي. هيءُ 1951ع ۾ ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. استاد طور دادو ۽ جوهي تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ علمي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1980ع ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو.
    هن پنهنجي دور جي نهايت ماهر استاد طور سڃاڻپ پيدا ڪئي. سندس علم ادب سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو. اڳي سنڌي فائينل ۾، سنڌي ٻولي، شاعريءَ ۽ ان جي اصولن سان گڏ نثر بابت تربيت شامل هوندي هئي جنهنڪري اڪثر استاد شاعري يا مضمون نويسي ۾ به ڀڙ هوندا هئا. اهوئي سبب هو جو سائين محمد ابراهيم گنب پڻ سٺو نثر نگار هوندو هو ته شاعريءَ جي پڻ وٽس پرک هوندي هئي پر شايد هن جو مواد محفوظ نه رهيو.
    منهنجون ساڻس اڪثر ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. منهنجي نهايت گهڻي عزت ڪندڙ هو. جنهن جا ٻه وڏا ڪارڻ هئا. هڪ ته منهنجي بابا سائين جو استاد هو. ٻيو ته منهنجو ادب ڏانهن لاڙو هو. هيءُ پڙهڻ ۽ پرائڻ لاءِ مونکي همٿائيندو ۽ اتساهيندو هو. سندس ڪتابن جي دڪان تي ويندو هوس ته رسالا وغيره پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو.
    سائين محمد ابراهيم گنب استاد طور نياڻين جي تعليم لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون. هيءُ جت به استاد رهيو اتي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هن پنهنجي نياڻين کي اهڙي ماحول ۾ اعلي تعليم ڏياري جنهن ۾ تر ۾ نياڻين جي تعليم جهڙوڪر عيب سمجهي ويندي هئي.
    ادبي لڳاءُ سبب رٽائرمينٽ کانپوء جوهي ۾ ڪتابن جو دڪان کوليائين. جتي مختلف ادبي، اسلامي تاريخ جي موضوع وارا ڪتاب رکيائين. خاص طور تي ٻاراڻي ادب ۽ ماهوار گل ڦل جا رسالا پڻ گهرائيندو هو. اڪثر گل ڦل پاڙي ۽ آسپاس جي ٻارن ۾ مفت ۾ ورهائي ڇڏيندو هئو سندس انهيءَ نيڪ عمل پٺيان صرف ئي صرف ٻارن ۾ پڙھڻ جو شوق پئدا ڪرڻ ۽ ادب سان لڳاء پئدا ٿيڻ وارو جذبو ڪارفرما هو. ٻاراڻي ادب جي نامياري ليکڪ اڪبر جسڪاڻي جي نالي سان قائم ٿيل جوهيءُ ۾ لائبريري ۾ پڻ سندس سٺو سهڪار رهيو. اڪبر جسڪاڻي سان پڻ سندس رغبت رهي.
    سندن طبيعت نهايت ماٺيڻي ۽ درگذر ڪرڻ واري هوندي هئي هر ڪنهن سان پيار پاٻوھ سان ملندو هو ته هر ڪنهن سندس ٻه عزت ڪئي. هن پنهنجي ڳوٺ ،جوهي توڙي تڙ ۾ بهترين استاد طور سڃاڻپ پيدا ڪئي.
    1996ع ۾ هاء بلڊ پريشر سبب فالج جي مرض ۾ مبتلا ٿيو پر هن بردبار ماڻهو نهايت دليري سان مرض کي منهن ڏنو. وقت جو هيءُ يگانو استاد 12 جون 2002ع ۾ پنهنجي خالق حقيقي سان مليو پر سندس يگانگي، علم ۽ ادب دوستي کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو