گورک ھل: سنڌ جي ڪوھ مري

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    بينظير ويو پوائنٽ کان گورک هل جو منظرجنهن ۾ ريسٽورنٽ.هٽس ۽ ريسٽ هائوس نظر اچي رهيا آهن.​

    گورک ھل: سنڌ جي ڪوھ مري


    تحرير: سيد اعجاز شيرازي

    گورک ھل اسٽيشن الله پاڪ جي خلقيل نعمتن مان ھڪ نعمت آھي، جيڪا اسان جي سٻاجھڙي سنڌ جي حصي ۾ آئي آھي،.گورک ھل جيڪا سنڌ جي کيرٿر پھاڙي سلسلي جو ھڪ مقام آھي جنھن جي باري ۾ مختلف خيال، رايا ۽ خبرون ڪافي عرصي کان ٻڌندا ۽ پڙھندا پيا اچون پر صحيح چوندا آھن ته ”ڪم پوي ته ڪل پوي“ سو اسان به سوچيو ته ان محاذ تي به وڃي ڏسجي ته خبر پوي ته حقيقت ڇا آهي. آخرڪار اھو وقت به اچي ويو جڏنهن سوٽ سڳورن ھر ھڪ مظھر علي شاھ ۽ مقبول حسين شاھ سان گڏجي آگسٽ جي ٻئي ھفتي ۾ گورک ھل اسٽيشن گھمڻ جو پروگرام ٺاھيو، گوگل ارٿ (Google Earth) ۽ يارن دوستن جي ذريعن کان معلومات وٺڻ مان خبر پئي ته سنڌ جو اِھو جنت جھڙو ٽڪرو ڪل 25 اسڪوائر ڪلوميٽر تي مشتمل آھي ۽ سطح سمنڊ کان 5688 فوٽ اوچو آھي يعنى ڪوئٽه ۽ ڪولپر جي اوچائي جي برابر آھي يا ان کان به سئو يا ٻه سوفٽ وڌيڪ اونچو ٿيندو جتي ٿڌ به ڪوئيٽا جيتري پوي ٿي، هت گرمين جي موسم ۾ وڌ ۾وڌ 20 کان 24 ڊگري تائين ۽ گھٽ ۾ گھٽ 15کان 16 ڊگري تائين، جڏنهن ته سردين ۾ درجه حرارت 0کان منفي 3 ڊگري تائين وڃي ٿو ۽ هت ساليانه 120 ملي ميٽر بارش ٿئي ٿي، ۽ هوا سراسري طرح سان 20 کان 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتارسان گھلي ٿي، ھي ھل اسٽيشن دادو شھر کان اولھندي طرف 93 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي. جتي پھچڻ لاءِ تقريبهً 2½ڪلاڪ لڳن ٿا ڇو ته ھڪ ته جوھي کان واھي پانڌي روڊ سٺو نه آھي ٻيو ته واھي پانڌي کان اڳتي پھاڙي سلسلي ھجڻ ڪري گاڏي پوري رفتار سان ھلي نه ٿي سگھي ۽ آخري 6 ڪلو ميٽر جو رستو Steep چڙھائي ھجڻ ڪري گاڏي کي 4x4 گيئر لڳائڻ کانسواءِ طئي ڪري نه ٿو سگھجي. مٿي موسم سرد ھئڻ ڪري ھلڪي ڦلڪي گرم ڪپڙي جي ضرورت پڻ محسوس ٿئي ٿي ۽ رات گذارڻ لاءِ ڪمبل واري بستري جي ضرورت پوندي. باقي ماني، چانھ وغيره لاءِ اعلى قسم جو ريسٽورنٽ ۽ رھائش لاءِ ھٽس Huts ۽ ريسٽ ھائوس،Rest House پڻ موجود آھن.


    [​IMG]

    مليل معلومات مطابق ضرورت جون شيون ساڻ کڻي سوٽن سڳورن ۽ سندم فرزند ھر ھڪ جان محمد شاھ، فيض محمد شاھ، زين العابدين شاھ، عرفان احمد شاھ ۽ حسيب احمد شاھ سان گڏ روانا ٿياسين، منجهند جي ماني جو بندوبست دادو ۾هڪ دوست ڪيو هيو اتان ماني کائي 2½ بجه منجھند جو نڪري جڏھن جوھي کان اڳتي ڪاڇي وارو علائقو ڪراس پئي ڪيوسين ته روڊ جي حالت انتھائي خراب ھئي گاڏي (20) کان (30) ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان وڌيڪ ھلي نه پئي سگھي، روڊ سمورو ٽُٽل ڦِٽل ھيو گائيڊ ٻڌايو ته ھت اگر روڊ ٺھي به ويندو آھي ته نئين (پهاڙن مان برساتي پاڻي جي نيڪال واري نالي کي نئين چوندا آھن) مان ٻوڏ وارو پاڻي ھن کي ٻوڙي ڇڏيندو آھي ۽ نتيجي ۾ روڊ وري ڀڄي ڀري انھيءَ حالت ۾ ٿي ويندو آھي جيڪو ھينئر توهان ڏسي رھيا آھيو، سياحن جي لاءِ پھرين رڪاوٽ اُن جاءِ تي ئي نظر اچي وئي ۽ ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته دادو کان گورک ھِل تائين سفر اڍائي ڪلاڪن ۾ ڇوٿو تئي ٿئي جڏھن ته فاصلو ڪل 93 ڪلو ميٽر آھي يعني عام رستي يا ھاءِ وي تي اھو پنڌ ھڪ ڪلاڪ ۾ آساني سان طئي ٿيو وڃي. بحرحال ”مرتا کيا نه کرتا“ وارو مثال ته گورک ته ھر حال ۾ وڃڻو ھيو سو وقت ٿورو لڳي يا گھڻو سفر آساني سان ڪٽجي يا جھاڪن جھوڪن اسان کي گورک گھمڻ جو شوق آھي سو ڀل پيون اھڙيون رڪاوٽون پيش اچن پر انشاالله وڃي پار پونداسين. جو چوندا آھن ته شوق جو ڪو ملھ ئي ڪونھي.
    واھي پانڌي کان اڳتي وڌياسين ته پھاڙي سلسلو شروع ٿي ويو، ھو بهو بلوچستان جي سبي شھر کان ڪوئيٽا ويندڙ رستي جھڙو منظر ھيو يعني خشڪ پھاڙ، ور وڪڙ ۽ سوڙھو رستو. انھيءَ پھاڙي سلسلي ۾ ڪجھ عاليشان خالي پيل عمارتون به نظر آيون خبر پئي ته اُھي پھرين مرحلي ۾ سياحن جي حفاظت لاءِ پوليس چوڪيون ٺاھيون ويون ھيون پر ھاڻي پوليس اتي نه ٿي رھي جو ھڪ ته امن امان جو ڪو اھڙو خاصو مسئلو نه آھي ۽ ٻيو ته آس پاس ۾ آبادي نه ھجڻ ڪري روز مره جون شيون ۽ پاڻي ڪانجھي ملڻ يا موجود نه ھجڻ به ھڪ مسئلو آھي.
    گورک ھل اسٽيشن کان تقريبه 8 ڪلو ميٽر پهريان ٽي سر سبز پھاڙ نظر اچڻ لڳا ۽ چڙھائي يڪلخت وڌڻ شروع ٿي، گائيڊ ٻڌايو ته سامھون واري پھاڙ کي ڪراس ڪرڻ کان پوءِ ٻه ٻيا پھاڙ ٽپنداسين ته گورک ھل اسٽيشن پھچي وينداسين، پھاڙ جي چوٽي ڏانھن نظر ڪئي ته روڊ نانگ وانگر وڪڙ کائيندو نظر آيو ۽ ڊرائيور پنھنجو ماھرانه فيصلو ٻڌايو ته سائين گاڏي 4x4 لڳائڻ کانسواءِ ڇڙھي نه سگھندي، ھوا ۾ تبديلي اُت ئي محسوس ٿيڻ شروع ٿي وئي جو جوھي، واھي پانڌي ۽ دادو واري گرم ھوا نه پئي لڳي بلڪ موسم تمام خوشگوار محسوس ٿي.
    آءُ ۽ سوٽ مظھر علي شاھ ننڍي لاءِ کان سير و سياحت جو موقعو اڪثر ھٿن مان وڃڻ نه ڏيندا آھيون سو ان حوالي سان ڀيٽا پئي ڪئي سون ته ھن چڙھائي ۽ سوات کان مالم جبا ويندڙ رستي واري چڙھائي (جنھن تي عام ننڍي گاڏي ۽ ڪار آرام سان مالم جبه تائين پھچي سگھي ٿي حالانڪ مالم جبه 9200 فوٽ اوچائي تي آهي) اگرچه ان کان زياده نه آھي پر ڀوائتي اھڙي آھي جو ھيٺ نظر ڪرڻ سان احساس ٿئي پيو ته ڪيترو مٿي ڪھڙي ڏکئي رستي تان ھت پھتا آھيون ۽ اڃان وڌيڪ مٿي چڙھڻو آھي. ڊرائيور گاڏي سائيڊ تي بيھاري، ڪجھ ساھي پٽڻ ۽ ڪجھ قدرتي نظارن کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ھيٺ لٿاسين، ته زبان مان سبحان الله جو وِرد خود بخود شروع ٿي ويو، چند منٽ اڳ برپٽ بيابان ۽ گرم ھوائن ۾ ھياسين ۽ ڪئين الله رب العزت ٿوري ئي فاصلي تي ھي حسين منظر ۽ سرد ھوائون خلقيون آھن جيڪي اندر کي خوشين سان سيراب ڪن ٿيون. ايتري ۾ ڊرائيور گاڏي کي چيڪ ڪري 4x4 گيئر لڳائي ڇڏيو نوجوانن ڦوٽو گرافي ڪئي ۽ پنھنجي منزل تي اسھڻ لاءِ تيار ٿي وياسين.
    قارئين کي اھو ٻڌائيندا ھلون ته جتي پاڻ وقفو ڪيو اتي پاڻي جي ٽينڪ ۽ پمپنگ جو سسٽم لڳل ھيو گائيڊ ٻڌايو ته گورک ھل اسٽيشن اٿارٽي جيڪا 2008 ۾ قائم ٿي آھي تنھن روڊ، رستا ۽ پاڻي گورک ھل تائين پھچائي مٿي ريسٽورنٽ، ريسٽ ھائوس ۽ Huts ٺھرائڻ جو ڪم ڪري ورتو آھي تازو اپريل 2014 ۾ گورک ھل اسٽيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (G.H.D.A) جي چيئرمين محترم رفيق احمد جمالي MNA ۽ شرميلافاروقي Vice Chairman اتان جي ھٽس Huts ريسٽورنٽ ۽ گيسٽ ھائوس(Guest House) جو افتتاح ڪيو آھي.
    دراصل ان خطي ۽ ان جي خوبين کي برطانيه جي دُورِ حڪومت ۾ ئي دريافت ڪيو ويو ھيو ۽ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ پھريون دفعو 1989 ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بحيثيت پرائيم منسٽر Prime Minister ان منصوبي جو سنگ بنياد رکيو يعني ان کي ھل اسٽيشن يا تفريحي مقام ٺاھڻ جو منصوبو جوڙيو. بعد ۾ مختلف وزيرن ڪبيرن مختلف مراحلن تي ٺھندڙ بلڊنگس جا سنگ بنياد رکيا. ۽ ھن وقت گورک ھل اسٽيشن مختلف تعميرات جا مراحل ۽ منزلون طئي ڪندو رھي ٿو.
    آخر ۾ ٽي چڙھايون ڪجھ Adventure انداز ۾ پاس ڪيون سين يعني ڪجھ خوف ۽ ڪجھ مزو جڏھن آخري چڙھائي کانپوءِ ھڪ سڌي ميدان تي ٺھيل خوبصورت ريسٽورنٽ، ريسٽ ھائوس ۽ ھٽس تي نظر پئي ۽ سرسبز وادي جو مڪمل حسن ڏٺو سون ته اکيون خيرا ٿي ويون سڀ ٿڪ لھي ويا ۽ سڀني ھڪ راءِ چيو ته ادا ھن سفر لاءِ جيترا به خفا بندوبست ۽ تڪليف برداشت ڪئي سين تن سڀن جو ڄڻ مُلھ وصول ٿي ويو. سبحانالله الله پاڪ پنھنجي قدرت سان ڪيئين نه ھن ٽڪري کي سينگاريو آھي.
    شام جا تقريبهً پنج ٿي رھيا ھئا گاڏي مان لھي نئين ماڊرن قسم جي ڪشادي ريسٽورنٽ جي لائونج ۾ اچي ويٺاسين ته ٿڌ جو احساس ٿيو، گرما گرم چانھن پيئڻ لاءِ دل چاھيو. ريسٽورنٽ جي بلڊنگ ته نئين ۽ خوبصورت ٺھيل ھئي پر صفائي ۽ سروس جو معيار لائن جي ٽرڪ واري ھوٽل کان ڪنھن به طريقي سان وڌيڪ نه ھيو. چانھن جو لطف وٺڻ کانپوءِ نماز لاءِ مسجد ۽ رھائش لاءِ اڳواٽ بڪ ڪرائيل ڪمرن جي معلومات ڪئي ته خبر پئي مسجد ته خير سان اڃان تعمير نه ٿي آھي باقي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪنھن لوڪل مولوي صاحب ريسٽورنٽ کان اولھندي پاسي جاءِ مقرر ڪري ڪجھ نکون وڇائي ڇڏيون آھن ۽ مٿان اُس جي بچاءَ لاءِ ھڪ ڪپڙو ٽنگيو آھي جيڪو ڇت جو نشان پيو ڏي، نماز کان فارغ ٿي ڪمرن جي جانچ ڪئي سين ته ٻڌايو ويو ته اڃان صفائي پئي ھلي ڪافي انتظار کان پوءِ به جڏھن واھر نه ٿي ته پاڻ گڏجي فيصلو ڪيو ته شام جو سُھانو ٽائيم آھي ان کي ضايع ڪرڻ جي بجاءِ مٿي گائيڊ جي ٻڌايل بينظيرView Point تي ھلجي جتان وادي جي اصل نظارو نظر اچي ٿو ۽ ھر ھِڪُ اھا ئي تعريف ڪري ٿو ته گورک ھل اسٽيشن جو اصل مزو بينظير ويو پوائنٽ تي آھي جيڪو ريسٽورنٽ کان تقريبهً 1 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي اتر طرف سئو سوا سئو فٽ وڌيڪ اوچائي تي آھي. جتان اوسي پاسي وارا ٻيا پھاڙي سلسله سڀ ھيٺ نظر اچن ٿا يعني کيرٿر پھاڙي سلسلي جو ھي سڀ کان مٿاھون مقام آھي، گائيڊ جي مشوري تي سڀني گاڏي تي ھلڻ جي ھاڪار ڪئي ڇاڪاڻ ته پيدل ھلڻ ۾ ڪجھ وقت لڳندو ۽ سج اتي ئي لھي وڃڻ ڪري اھڙو مزو نه ايندو ٻيو ته ڇڙھائي ٿڪائي وجھندي ۽ ٿڪل ماڻھو کي مزو مڙئي گھٽ ايندو آھي.
    گاڏي زرراٽ ڀريندي پنجن منٽن ۾ بينظير ويو پوائنٽ ٿي پھچائي ڇڏيو سبحان الله وادي جو حسن ڏسي عقل دنگ رھجي ويو........
    ڪيئن نه الله پاڪ پھاڙن کي سرسبز بڻائي ھڪ ترتيب ۾ بيھاريو آھي جو ائين محسوس پيو ٿئي ته ڄڻ ٻيا پھاڙ گورک جي اوچائي ۽ شان کي تسليم ڪندي سندس ادب ۾ ھيٺ ٿي ھڪ باقاعده ترتيب ۾ بيٺا آھن ۽ گورک انھن کان الڳ ٿلڳ پنهنجي ھڪ شان ۽ مان سان بيٺو آھي، ھيٺ نظر ڪرڻ سان وادي تمام خوبصورت پئي لڳي جو ان ۾ وھندڙ نئين گاج ندي ۽ چوڌاري بيٺل سرسبز پھاڙ لھندڙ سج جي ورشني ۾ تمام خوبصورت منظر پيا پيش ڪن، گورک جي خوبصورتي جي منظر کي بيان ڪرڻ لاءِ شايد مون وٽ لفظ نه ھجن باقي ھر ڏسندڙ ان کي محسوس ڪري سگھي ٿو. بينظير ويو پوائنٽ واري پهاڙ ۽ ان جي اولهندي ۽ اتر پاسي واري پهاڙن جي وچ ۾ هڪ ندي وهي پئي اها ئي شايد گاج ندي هئي يا ان جو پاڻي گاج ندي ۾ وڃي پئي مليو، اهڙي وضاحت سرِ دست نه ملي سگھي، باقي اهو ٻڌايو ويو ته اولهندي پاسي وارو پهاڙ بلوچستان جي حد ۾ ٿو اچي ۽ ڪافي عرصو پهريان بلوچستان جي رند قبيلي ڪنهن جي اشاري تي گورک هل تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيا.
    گورک هل اسٽيشن جو بينظير ويو پوائنٽ وارو پهاڙ 90 ڊگري جي ڪٽائي سان هجڻ ڪري دنيا جي پيرا گلائيڊنگ ۽ فري فال ايڊونچر اسپورٽس Paragliding & Free fall Adventure Sports لاءِ انتهائي موزون جڳھ آهي جت ان اسپورٽس جي ڊيولپمينٽ جو بندوبست ڪري دنيا جي سياحن جي توجھ ڇڪرائي سگھجي ٿي ۽ ان مان ڪثير زرمبادله حاصل ڪري سگھجي ٿو، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جا نوجوان پڻ تيار ٿي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ ان اسپورٽس ۾ حصو وٺي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگھن ٿا،
    انهيءَ ڏينھن به ھر ھڪ سياح / گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻھون جي منھن تي خوشي ڏسڻ وٽان ھئي ۽ سندن اندر جي خوشي جو اظھار سندن چھرن تي نمايان نظر پئي آيو، اھڙن موقعن تي ھر فرد جو خوشي مان چھڪڻ، کل ڀوڳ ڪرڻ ۽ چھرن جو ٻھڪڻ ڄڻ ته واضع ۽ نروار ٿي پوندو آھي ھر آيل جي خوشي کي ڏسي گورک جي خوبصورتي ۽ موسم جي مستي جو احساس پل پل نمايان پيو ٿئي. پاڻ به کل مذاق ڪندي پنھنجي بڪ ڪرايل ھٽس Huts تائين واپسي جو سفر پيادل ڪرڻ ۽ موسم جو مزو وٺڻ لاءِ روانه ٿياسين لاھي تمام گھڻي ۽ گھري ھئي جو روڊ تي پاڻ کي روڪڻ مشڪل پيو لڳي، بريڪون ھڻندا گوڏن کي آزمائيندا اچي ھٽس تي پھتاسين خبر پئي ته ڪمرن جي صفائي ۾ اڃان ڪنھن ھٿ به نه وڌو آھي ڪم وارن جو حال ٻھراڙي ۾ ٿيندڙ شادي جي موقعن جھڙو ھيو يعنى ڪنھن کي ڪا خبر ناھئي ته ڪنھن کي ڪھڙو ڪم ڪرڻو آ. صرف ھڪ ٻئي کي پيا رڙيون ڪندا ته ھي ڪري ڇڏ، ھو ڪري ڇڏ، باقي عملي ڪم اُتي جو اُتي، مجبورن ھڪ ڪمري کي پاڻ سيٽ ڪيوسين ۽ خبر پئي ته ٻن ڪمرن بجاءِ ھڪ ئي ڪمرو ڏنو اٿائون ۽ ان ۾ به پاڻي جو مسئلو آھي يعنى واش روم ۾ پاڻي نه پيو اچي....... وٺ وٺ ڪري کانئن ڪمرو تبديل ڪرايو. مطلب ته ڪنھن به طرح سان ھوٽل مينيجمينٽ جو ڪو اھڃاڻ نظر نه پيو اچي.
    [​IMG]
    سوٽ مقبول حسين شاھ کي آرمي ۾ رھڻ ۽ اتان جي ميس (Mess) وغيره جي انتظام سنڀالڻ جو تجربو ھجڻ ڪري کاڌن ٺاھڻ ۾ مھارت حاصل ٿي وئي آھي سو سندس ھٿ جي شيري کي آزمائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي کيس سوٺو کڻايو ھيوسين ته گورک تي ھلي پنھنجي ھٿن جا ٺاھيل Bar B.Q کارائيندو سودو سڙھو ته دادو مان ئي خريد ڪري آيا ھئاسين سوٽ سڳوري کي ان ڪم ۾ اڳڀرو ڪري پاڻ ريسٽورنٽ تي چانھن پيئڻ لاءِ ھليا وياسين ڏاڍو چھچٽو لڳو پيو ھيو ھڪ ته مڪمل چانڊوڪي (فل مون نائيٽ ھئي(Full Moon Night هئي ٻيو ته رات جي ٽائيم پھاڙن جي ڪارائپ ۾ ھوٽل جو لائيٽون ۽ ڪشادو صحن ۽ ورانڊو، ماڻھن جي اچ وڃ، کل ٽھڪڙو تمام سٺو پئي لڳو، مٽن ڪڙھائي ۽ چڪن ڪڙھائي پچائڻ لاءِ ريسٽورنٽ وارن شام جو ئي 2 ٻڪرا ۽ ڪافي سارا ڪڪڙ شھيد ڪري ڇڏيا ھئا. جن کي کائڻ لاءِ سياح اوتاولا پيا نظر اچن. ترتيب سان ٽيبل ڪرسين تي ويھڻ جو سلسلو خال خال پيو نظر اچي جنھن کي جتي مناسب پيو لڳي چاھي فرش ھجي يا ڏاڪڻ پٽ ھجي يا صندل ھرڪو چانھن پيئڻ ۽ ڪڙھائي کائڻ جي انتظار ۾ ويھي مست ٿي خوش گپين ۾ مصورف لڳو پيو ھيو.
    ڪي دلبر ته پاڻ سان ساڻ آندل بسترا وڇائي ڪاريڊور ۽(Dinning Hall) ۾ ئي تاس لڍو کيڏڻ يا ڊاڙن ڊشن ھڻڻ ۾ مصروف ٿي ويا ھيا. بعد ۾ خبر پئي ته هوٽل انتظاميه انهن کان پئسه وٺي کين اهو ڪڌو ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.
    اسان به چانھن پي ريسٽ ھائوس ڏانھن واپس اچي سڳوري مقبول حسين شاھ جيڪو امڙ وڏي وانگي ويهي Bar B.Q ٺاھڻ ۾ مصروف هيو ان کي ڏسڻ ۽ چانڊوڪي رات جو مزو وٺڻ لڳاسين.، سامھون ھيلي پيڊ جيڪو اولھ پاسي واري پھاڙ جي پاڙ ۾ ھيو ان ۾ ڪاليج جي شاگردن جي لڳايل ڪئمپ کي پيا ڏسون جو اُت شاگردن پنھنجا رونشا شروع ڪري ڏنا ھيا ۽ انھن کي ڏسندڙ انهن جي رونشن مان لطف اندوز ٿي رھيا ھئا، Bar B.Qجي خوشبو بک کي ھيڪاندو تيز ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي صبر جو پيمانو به وڃي پيو لبريز ٿيندو، اردو جي ھڪ محاوري وانگر ته ” کفر ٹوٹا خدا خدا کرکے“آخر اھو وقت به اچي ويو جو سوٽ مقبول حسين شاھ BarB.Q تيار ڪري سجائي اچي سامھون رکيو ۽ اسان به دشمن جي فوج تي حملي وانگر ان تي ٽُٽِي پياسين ۽ اُنهيءَ مان ھٿ ان وقت ڪڍياسين جڏھن دسترخوان مڪمل صاف ٿي ويو، ھڪ ته چانڊوڪي رات، ٻيو سيءُ جي مھل ۽ گورک جبل ۾ مدهم لائيٽن جو انتظام ۽ بُک جو پنھنجو عروج تي ھجڻ جي ڪري رات جي ماني ۾ ھن Bar B.Q جي بندوبست اصل زندگي جولطف ڏئي ڇڏيو. ان فرض کان فارغ ٿي وري اچي ريسٽورنٽ ڀيڙا ٿياسين جو اصل چھچٽو لڳو پيو ھو (جيئن مٿي بيان ڪيل آھي). ڪراچي کان آيل مھمانن جو تعداد به ڪافي ھيو شايد ڪو وڏو ٽولو گروپ جي صورت ۾ سياحت جي سڀني سامانن سان لبريز ٿي لطف اندوز ٿيڻ لاءِ آيو ھيو، گروپ جي صورت ۾ ڦوٽو گرافي ھلڪو ڦلڪو راڳ رنگ ۽ ڊانسون ھلي رھيون ھيون، رنگين روشينيون تاڙين جا ڦھڪا ماحول کي خوشگوار بڻائن پيا. ھو ڏانھن ڪڙھاين جي خوشبو ھر چھري تي خوشي جو احساس ماحول کي مست رکيو ويٺو ھيو، باوجود سفر جي ٿڪ جي ننڊ جو ڪو به خواب خيال نظر نه پئي آيو. ڪافي دير ٿي ويئي آخرڪار نوجوانن ھڪ دفعو وري چانڊوڪي رات ۾ بينظير ويو پوائنٽ جو لطف وٺڻ جو پروگرام ٺاھيو ۽ اسان ٽئي سوٽ اچي ڪمري ڀيڙا ٿياسين ته ڪجھ آرام ڪري وٺجي ۽ پوءِ وري صبح جو نئين سنئين ڪجي، رات بجلي جي اک ٻوٽ ۾ گذري صبح جو تمام ٿڌي پاڻي سان تڙ تيل ڦليل ڪري اچي ريسٽورنٽ ڀيڙا ٿياسين ته جينئن خنڪ ھوا ۽ ڪشاده وراندي ۾ ويھي نيرن مان لطف اندوز ٿِجي، رات جو دير تائين جاڳڻ ۽ ڪمري جي ھڪڙي سڪيلڌي واش روم ھجڻ ڪري سڀ ته جلدي تيار ٿي نه سگھيا پر ھڪ ھڪ ڪري آخر 10 بجه تائين سڀ جمع ٿي وياسين.
    ريسٽورنٽ جي بئرن پنھنجي ٻاڪڙي ھوٽل جھڙي سروس جو معيار برقرار رکندي يعني اڌ چانھن ڪوپ ۾ ته اڌ ڊش ۾ پاڻي جو گلاس ٺھڪي سان ٽيبل تي سَٽڻ ۽ اڌ پاڻي جو ٽيبل تي ڪِرڻُ، ڳالھائين ھڪ گراهڪ سان ته ڌيان ڪنھن ٻئي پاسي وغيره وغيره اسان به ٽرڪن واري ھوٽل جي سروس جي معيار مان پئي مزو ورتوسين اتان فارغ ٿي گورک جي پھاڙن تي الوداعي طائرانه نظر وجھندي رھيل کھيل ڦوٽو گرافي مڪمل ڪندي اچي گاڏي ۾ ويٺاسين مون ڊائيونگ سيٽ سنڀالي ته آخر ۾ پھاڙن ۾ گاڏي ھلائڻ (ڊارئيونگ (Driving جو شوق کي هڪ دفعو وري تازو ڪجي، ڊارئيور پئي ماھرانه مشوره ڏنا ته سائين واپسي تي گاڏي 4x4 کانسواءِ نه ھلائجو جو لاھي تمام گھڻي آھي ڪٿي رفتار وڌي نه وڃي ۽ گاڏي ڪنٽرول مان نڪري نه وڃي سو ڊارئيور جي ھا ۾ ھا ملائيندي واپسي جي سفر جي شروعات ڪئي الحمد لله، ڪوئٽه، زيارت، ناران، ڪاغان، سوات، مالم جبا، جھڙن رستي تي ڊرائيو ڪرڻ ۽ ايران جي شھر تھران کان درياءِ خزر ويندڙ (Caspian Sea) جھڙن رستن تي سفر ڪرڻ کان پوءِ گورک ھل جي چڙھائين ۽ لاھين ڪو گھڻو ڏکيو يا متاثر نه ڪيو ان ڪري گاڏي 4x4 کان سواءَ فرسٽ ۽ سيڪنڊ گيئر جي سھاري ھلائيندو جلدي اچي ھيٺ پھتاسين، وچ مان نئين گاج ندي ڏي رستو وڃي رھيو ھيو پھريان سوچيوسين ته اتان به چڪر لڳائجي پر پوءِ گاڏي مان ٻاھر نڪرڻ سٽ ئي سج پنهنجي اک جو ڏيکاري ته اُھو خيال پکيءَ جيان اڏامي ويو، ۽ سوچڻ تي مجبور ٿياسين ته هت اگر اهو حال آهي ته ھيٺ گرمي ڇا ھوندي ؟ سو ڪنھن ٿڌي موسم جھڙوڪ نومبر، ڊسمبر ۾ انشاالله نئين گاج تي تفريح (Picnic) جو پروگرام ٺاھڻ جو پاڻ کي دلاسو ڏيئي اڳتي وڌياسين،. منجھند جي ماني جو بندوبست دادو جي ريسٽ ھائوس ۾ ٿيل ھيو سو وقت سر پھچي منجھند جي ماني کائي 2، 3 ڪلاڪ آرام ڪيوسين شام جو سيوھڻ شريف جي درگاھ تي فاتحه پڙهندي رات جو اچي ڄامشورو ۾ گھرڀيڙا ٿياسين، گورک ھل اسٽيشن جي سفر مان حاصل جمع ھي ٿيو ته الحمدلله الله پاڪ ويجھڙائي واري علائقن جي رھواسين (ڪراچي کان ڪشمور تائين) جيڪي مري، سوات، ناران ڪاغان، آزاد ڪشمير، بحرين ڪالام ۽ ڪوئٽه زيارت تائين پھچي نه ٿا سگھن. تن لاءِ گورک ھل اسٽيشن ھڪ بھترين نيمل بدل اھي، جتي پھچڻ ۾ ٽائيم به گھٽ لڳي ٿو ۽ خرچ به تمام گھٽ ٿئي ٿو. جڏھن ته مزو اُھڙي جو اُھڙو.
    بحيثيت مئنيجمينٽ جي شاگرد جي رڳ ڦڙڪي پئي ته ھتان جي مئنيجمينٽ ۽ اختياري وارن کي ڪجھ مشورا ڏجن جيئن ھي حسين وادي بھتر طريقي سان ترقي ڪري ۽ ان جو مستقبل شاندار ٿئي، نه ڪي ڪوٽ ڏيجي، رني ڪوٽ، موھن جي دڙي جھڙا حال ٿين جتي تاريخي جايون ته موجود آھن سياح ڏسڻ به چاھين ٿا پر سھولتن جو فقدان، صحيح رھنمائي ۽ Proper مئنيجمينٽ نه ھجڻ جي ڪري اُھي جايون ترقي ڪرڻ بجاءِ اِداري مٿان ٻوجھ بڻجي چڪيون آھن، جڏھن ته اھي جايون سنڌ کي سياحت جي مد ۾ڪروڙين رپيا ڪمائي ڏئي سگھن ٿيون، سوئيزرلينڊ، ۽ سينگاپور جو مثال وٺجي ته سڄو ملڪ صرف سياحت جي آڌار تي نه صرف ھلي پيو بلڪ ڏينھن رات ترقي به پيو ڪري سينگاپور جي ته اھا حالت آھي ته کيس پنھنجو پيئڻ لاءِ پاڻي به ڪونھي جيڪو 30 فيصد ملائيشا مان دارآمد ڪيو ٿو وڃي ۽ باقي 10 سيڪڙو Desalination يحنى سمنڊ مان حاصل ڪيو ٿو وڃي حالانڪ تمام مھانگو پئي ٿو باقي 60 سيڪڙو برسات جو پاڻي جمع ڪري استعمال ڪيو ٿو وڃي ۽ استعمال ٿيل پاڻي کي پلانٽس ذريعي صاف ڪري ٻيھر استعمال ڪرڻ جي لائق بڻايو ٿو وڃي، جتي نه گئس نه تيل نه پاڻي ۽ ئي وري ايتري زمين ئي آھي جنھن تي ڪا پوک پاڙي ڪري سگھجي، پر تنھن ھوندي به سياحت ۽ سٺي مئنيجمنيٽھجڻ ڪري اھو ملڪ ڏينھن رات ترقي پيو ڪري ۽ دنيا جي 20 ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آھي، ان جي ترقي ڪنھن کان به ڳجھي ڪانه آھي، ھڪ سال اسانجي ڊپارٽمينٽ اسان کي محض انھيءَ لاءِ سينگاپور موڪليو ته اتان جي مئنيجمينٽ کي ڏسي اچو ته ڪيئين پيا ڪم ڪن، انشاالله ارادو آھي ته سينگاپور جي مئنيجمنيٽ تي الڳ سان ڪو مضمون لکبو ، ھت توھان کي فقط ھڪ جھلڪ ٻڌائيندو ھلان ته اتان جي گند ڪچري کي ڪھڙي نموني استعمال ڪري ملڪ کي ڪيترو فائدو ڏنو ٿو وڃي، سينگاپور کي گاربيج ڪليڪشن جي لحاظ کان 6 حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي ۽ ھر حصي جي ڪم کي ٺيڪي تي ڏنو ٿو وڃي جتان ٺيڪيدار جي ڪمپني. گند ڪچرو ڪٺو ڪري ھڪ سارٽنگ زون(Sorting Zone) ۾ آڻي ٿي جتي، ھر ھڪ استعمال ٿي سگھڻ جھڙي شئي يعني ڪاغذ، پلاسٽڪ، شيشو، لوھ، ۽ ٻيون شيون آٽو ميٽڪ پلانٽ تي ان ڪچري مان جدا ڪيون ٿيون وڃن ۽ ھر ھڪ آئيٽم کي ري سائيڪلنگ لاءِ ان ڪارخاني ۾ بطور را ميٽريل (Raw Material) جي استيمال ڪرڻ لاءِ موڪليو پيو وڃي يعني شيشو ششي جي ڪارخاني ۾ ۽ ڪاغذُ ڪاغذَ ٺاھڻ واري ڪارخاني ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ باقي بچيل Residue کي بجلي ٺاھڻ لاءِ پاور ھائوس ۾ بطور ايندھن استعمال ڪيو پيو وڃي يعني ان ڪچري کي ساڙي ان مان بوائلر ۾ ٻاڦ تيار ڪئي پئي وڃي ۽ ان ٻاڦ جي ذيعي مشينو ھلائي MW130 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي جنھن کي ٿرمل پاور پلانٽ چوندا آھن، ڳالھ اتي ختم ڪا نه ٿي ٿئي جو ان سڙيل ڪچري جي خاڪ کي گڏ ڪري سمنڊ جي ڪناري کي ڀريو پيو وڃي جنھن سان سينگاپور کي اضافي زمين پئي ملي ۽ ھن وقت تاءِ ھو صرف ھڪ پاور پلانٽ کان گڏ ڪيل رک يا خاڪ مان سمنڊ کي پوريندي 6 اسڪوائر ڪلو ميٽر جيتري زمين تيار ڪري چڪا آھن ان کي چوندا آھن مئنيجمينٽ يعني صرف گند ڪچري مان ئي ملڪ کي ڪيترو فائدو مليو، سڀ کان پھريائين سمورو ملڪ يا شھر گند ڪچري کان پاڪ صاف ٿي ويو، مونسپل کي ان گند ڪچري کي نيلام ڪرڻ يا ٺيڪي تي ڏيڻ سان چڱي خاصي آمدني ٿي وئي، ٺيڪيدار ملڪ جي ماڻھن کي روزگار ڏنو ۽ گورنمينٽ کي ٽيڪس جي صورت ۾ پئسه ڏنا ۽ پاڻ به ڪمايا، ۽ انتھائي قيمتي زمين ٺھي تيار ٿي، ڪاغذ، شيشي ۽ پلاسٽڪ جي ڪارخانن کي سستي اگھ ۾ خام مال(Raw Material) مليو. ٽرانسپورٽر ڪچري جي ڍوئائي مان ڪمايو، ملڪ لاءِ سستي بجلي پيدا ٿي ان ۾ ماڻھن کي زورگار مليو ۽ زمين وڌي پئي جنھن جو ملھ تمام گھڻو آھي جو اُت زمين ايتري آھي ئي ڪانه ، سڄو ملڪ فقط 46 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي. جتِ ايتري مئنيجمينٽ ھجي اتي ملڪ ڇو ترقي نه ڪندا ۽ ملڪ جا ماڻھو ڇو ڪين خوشحال ٿيندا.
    بحرحال ڳالھ پئي ھلي گورک ھل اسٽيشن جي مئنيجمينٽ جي ته رکي رکي دل ۾ خيال پيو اچي ته جت حڪومت ايڏا خرچ ڪري روڊ رستا، ريسٽورنٽ، ھٽس ۽ ريسٽ ھائوس پاڻي ۽ لائيٽنگ جو بندوبست ڪيو آھي سي سٺي مئنيجمينٽ نه ھجڻ ڪري شايد زياده عرصو ھلي نه سگھن، ھڪ ته سھوليات ۽ صحيح نظم و ضبط يعني مئنيجمينٽ نه ھجڻ ڪري زياده پئسي خرچ ڪرڻ وارو طبقو جيڪو تفريح لاءِ سوات، مري، ڪاغان، ڪوئٽه، زيارت جي علائقن جو سفر ڪري ٿو سو ھيڏانھن اچڻ کان بد دل ٿيندو نتيجي ۾ گورک ھل اسٽيشن اٿارٽي کي سٺو روينيو نه ملي سگھندو، ٻئي طرف گھٽ خرچ ڪرڻ واري طبقي جو رجحان وڌندو جنھن مان روينيو(Revenue) ته نه ملندو البته روز مره ٺھيل شيون به پئي خراب ٿينديونوينديون، يعني گند ڪچرو وڌندو، ٺھيل عمارتن تي بڇڙي چاڪنگ پئي ٿيندي لائيٽون پيو ڀڄنديون ٽٽنديون جيڪو اسانجي شھري ڪلچر (Culture) ۾ عام آھي. ڇو ته اھڙا اڃاڻ ھاڻ سان ئي گورک ھل تي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آھن يعني مڙس ماڻھن چاڪنگ شروع ڪري خوصورت عمارتن جو ٻيڙو ٻوڙڻ شروع ڪيو آھي ۽ عام پبلڪ تي ڪو به ڪنٽرول نه ھجڻ ڪري گند ڪچرو خالي دٻه ڪاغذ پلاسٽڪ جون ٿيھليون جاءِ جاءِ تي نظر پيون اچن حاجت رفح جو معقول انتظام نه ھجڻ ڪري ماڻھن ھر جاءِ کي جاءِ ضرورت (فراغت جي جاءِ) بنائڻ شروع ڪيو آھي، دل جي شديد تمنا آھي ته الله پاڪ سنڌ جي ھن خوبصورت خطي کي ايترو ته وڌيڪ خوبصورت ۽ منظم بڻائي جو ھي مقام ڪوھ مري کان وڌيڪ اهميت جو حمل بڻجي وڃي ۽ سياح دور دراز جي سفر ڪرڻ کان ھت تفريح لاءِ اچڻ کي ترحيح (Priority) ڏين. ان لاءِ ڪجھ تجويزون اتان جي ريسٽورنٽ جي مئنيجر جمالي صاحب کي ريسٽورنٽ جي سروس بهتر ڪرڻ لاءِ ڏنيون ته جيئن ڪا بھتري اچي ۽ قاريئن لاءِ به عرض رکجن ٿيون ته اھي به ان کي سوچي وس وارن کي بھتر مشورو ڏيئي سگھن ته جيئن ھي مقام وڌيڪ طرقي ڪري، هوٽل هلائيندڙ جمالي صاحب کي به ڳالھ دل سان لڳي ان شڪريو ته ادا ڪيو پر ڏسجي ته ان تي عمل ڪڏھن ٿو ٿئي. منھنجي ذاتي راءِ ۾ ھيٺ ڄاڻايل شين تي توجھ ڏجي جيڪي گورک ھل اسٽيشن کي وڌيڪ ڪامياب ڪرڻ ان کي وڌيڪ پرڪشش(Attractive)بڻائڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگھن ٿيون.

    1. جوھي کان گورک تائين روڊ جو ٺيڪ ٿيڻ
    2. گھٽ ۾ گھٽ 3 اسٽار جي معيار جي ھوٽل مئنيجمينٽ کي ريسٽورنٽ ھٽس ،۽ ريسٽ هائوس جو انتظام هلائڻ لاءِ ٺيڪي تي ڏنو وڃي.
    3. واھي پانڌي کان گورک تاءِ رستي تي پرائيويٽ سيڪورٽي جي موجودگي.هجي،
    4. ھل اسٽيشن جو نظم و ضبط ڪنهن پرائيويٽ سيڪورٽي جي حوالي ڪجي.
    5. عام پبلڪ لاءِ ننڍن ھوٽلن، دڪانن ۽ باٿ رومن جو انتظام ڪرڻ گھرجي
    6. ھل اسٽيشن تي داخلا جي ٽڪيٽ وٺڻ ۽ پارڪنگ في ڀرڻ جي پابندي.هجي
    7. ھل اسٽيشن جي ڪنھن به شئي کي نقصان پھچائڻ جي صورت ۾ جرمانو ڏوھ ڏنڊ چٽي جو موثر نظام جو بندوبست هجي
    8. پارڪ ٺاھڻ، گل ٻوٽن جو لڳائڻ، رنگ روغن جو استعمال ڪندي شين کي خوبصورت بنائڻ وغيره

    1. گورک ھل کان پھريان 6 ڪلوميٽر انتھائي اوچائي وارو روڊ
    گورک ھل تي پھچڻ تاءِ آخري 6 ڪلو ميٽر جو رستو انتھا درجي جي Steep چڙھائي آھي جتي گاڏي کي 4x4 گيئر لڳائڻو ٿو پوي، منھنجي نظر ۾ ان ٽڪر ۾ اگر روڊ ويڪرو ڪري نئين سر ٺاهيو وڃي ۽ ٽرن يا وڪڙ واري جاءِ کي زياده ويڪرو ڪجي ته عام گاڏي پنهنجي رفتار گھٽ ڪرڻ بجاءِ عام پهرين ۽ ٻئي گيئر جي مدد سان پنهنجو موشن برقرار رکندي مٿي چڙهي سگھي ٿي، جينئن مالم جبه تي عام گاڏيون وڃن ٿيون حالانڪه ان جي بلندي 9200 فوٽ آهي جڏنهن ته گورک هل صرف 5688 فوٽن جي بلندي تي آهي، روڊ جو ٺيڪ ٿيڻ سان سياحن جو پنهنجي گاڏي تي اچڻ وڌيڪ آسان ٿي پوندو انهيءَ ڪري گورک تي ايندڙ سياحن جوتعداد وڌي سگھي ٿو جو ھر سياح 4x4 گاڏي جا ڳاٽي ڀڳا ڪرايا ادا ڪري نه ٿو سگھي انهيءَ سان گورک هل جو روينيو پڻ وڌنڌو، ،

    2. Huts،Rest house ۽ ريسٽورنٽ جيManagement:
    مٿي ڄاڻايل شين جو نظم و ضبط (Management) گھٽ ۾ گھٽ 3 يا 4 اسٽار ھوٽل ھلائڻ واري ڪنھن تجربيڪار ڪمپني کي ڏنو وڃو جيڪا انھن جي رک رکاءُ، تھذيب، صفائي سٺائي، نظم و ضبط ۽ کاڌن پيتن جي Variety سان گڏ تربيت يافته ۽ ينيفارم Dress code واري سروس عملي جو بندوبست ڪري. جنھن ۾ سياح آساني، عزت، سھولت محسوس ڪرڻ سان گڏ سان پنھنجي پسند جي کاڌي جو شيون واپرائي سگھن ۽ ھوٽل مئنيجمنيٽ کي به چڱي خاصي بچت ٿئي جيئن ھو نت نيون شيون پنھنجي ريسٽورنٽ ۾ متعارف ڪرائي سگھن، اھڙي طرح Huts جو انتطامي نظام به ڪنھن 3 اسٽار ھوٽل جي تجرييڪار ڪمپني کي ڏنو وڃي جيئن سياحن کي ايڊوانس ۾ پنھنجي بڪنگ ڪرائڻ جي سهولت هجي ۽ ڪنفرم بڪنگ ھجڻ جو احساس ھجي جينئن ھو اطمينان سان گورک جو رخ ڪري سگھن.

    3.پوري ھل اسٽيشن جي علائقي کي صاف سٿرو رکڻ
    ھل اسٽيشن جي تمام علائقي کي ھر وقت صاف سٿرو رکڻ جو انتظام ڪنھن تجريبڪار ڪمپني کي ڏنو وڃي، جنھن جا ملازم يونيفارم Dress code ۾ ھوندي ات ھر وقت جي صفائي گند ڪچري وغيره ميڙڻ سان گڏ مختلف جڳھين تي Dustbin جو لڳائڻ ۽ مناسب وقت تي انھن کي صاف ڪرڻ جو معقول انتظام ڪن.

    4. اندروني سيڪورٽي جو انتظام.
    گورک ھل اسٽيشن جي مخصوص علائقي ۾ سيڪورٽي ۽ سنڀال جو انتظام به ڪنھن پرائيويٽ باوردي سيڪورٽي ڪمپني کي ڏنو وڃي جنھن سان سياحن / گھمڻ ڦرڻ لاءِ اچڻ وارن کي ھڪ تحفظ جو احساس ٿيندو ۽ سيڪورٽي ڪمپني جي ذمي اھا ڳالھ به ھجي ته ھو گاڏين جي پارڪنگ ۽ Huts ۽ ريسٽورنٽ جو نطم و ضبط سھڻي طريقي سان سرانجام ڏيڻ لاءِ ھر وقت موجود ھجن جيئن ڪنھن بد نظمي جو امڪان نه رھي اڳ ذڪر ڪيل پوليس اسٽيشن جي خالي عمارتن تي اگر پرائيويٽ سيڪورٽي مقرر ڪئي وڃي ته اھا گورک ھل تي ايندڙ سياحن لاءِ وڏي اطمينان جو باعث ٿيندو ۽ عام طرح سان سيڪورٽي رسڪ جي باري ۾ ڦھليل افواھن جو بخود خاتمون ٿي ويندو.

    5. گلن ڦلن، باغيچن يا لان وغيره جي فزائش
    ضروري آھي ته ھل اسٽيشن جي مختلف جاين تي خوبصورت پارڪ ٺاھيا وڃن ۽ ان ۾ گلن ٻوٽن جي افزائش ڪئي وڃي جھڙي طرح ايران جا شھر شيراز ۽ اصفهان پنھنجي باغن جي خوبصورتي لاءِ مشھور آھن ۽ دنيا جا سياح صرف انھن باغن جي خوبصورتي کي ڏسڻ لاءِ ڪاھي اچن ٿا، اھڙي طرح ته گورک ھل اسٽيشن جي ٿڌي موسم ۽ ٻيو خوبصورت باغن جي موجودگي سياحن جي دل موھي رکندي ۽ تمام گھڻا سياح ان پاسي جو رخ ڪندا.

    6. کليل ميدان ۾ Tents جو بندوبست
    گورک ھل تي ڪجھ حصا اھڙا سڌا ميدان به آھن جتي اگر ٽينٽ نصب ڪري پبلڪ کي ڪرائي تي ڏنا وڃن جن سان گڏ پبلڪ باٿ جو انتظام پڻ ٿيل ھجي، اھڙو بندوبست سياحن جي لاءِ تمام گھڻي ڪشش جو باعث ٿيندو جو ھڪ ته انھن کي سستي رھائش فراھم ٿيندي ۽ ٻيو پڪنڪ جو صحيح لطف ٽينٽ لائيف ۾ ئي ايندو آھي.

    7. ھيلي پيڊ جي علائقي کي ڊي اينڊ نائيٽ ڪرڪٽ ميچ يا ڪنھن اسپورٽس لاءِ مخصوص ڪرڻ.
    اگر ھيلي پيڊ واري ميدان ۾ لائيٽون لڳائي ڪرڪيٽ ميچز ڪرايون وڃن ته سياح/ پبلڪ ان ۾ تمام گھڻي دلچسپي وٺندا رانديگرن جي حوصله افزائي ٿيندي ۽ سياحن کي شام جو ھل اسٽيشن گھمڻ ۽ رات جي ماني ٽڪي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڪا خاص مصروفيت نه آھي رات جو ٽائيم ھڪ سٺي ايڪٽوٽي ۾ تمام سھڻي نموني پاس ٿي سگھي ٿو، جنھن سان گورک ھل تي ماڻھن جو رجحان تمام گھڻو وڌي سگھي ٿو. پر شايد ائين به ٿئي ته هت ٿڌ هجڻ ڪري مختلف ٽيمون ھڪ ٻئي سان مقابلي لاءِ گورک جي ميدان کي ترجيح ڏين، ۽ انهن جي في مقرر ڪرڻ سان گورک هل اسٽيشن اٿارٽي کي چڱو خاصو روينيو پڻ ملي سگھي ٿو.

    8.عام پبلڪ لاءِ معياري سستي کاڌي پيتي جو ريسٽورنٽ ۽ ھوٽل.
    مناسب ٿيندو ته عام واھپري لاءِ ڪجھ معياري پر سستا ھوٽل روڊ جي ڀرپاسي تي ٺاھيا ۽ ھلايا وڃن جيئن عام پبلڪ پنھنجي واھپري جون شيون اتان خريد ڪري استعمال ڪري سگھي.

    9. گورک هل اسٽيشن لاءِ گيٽ ڪيپنگ جو انتظام هجڻ
    گورک ھل اسٽيشن جي اينٽري پوائنٽ تي گيٽ لڳائي ان تي ٽڪيٽ ۽ پارڪنگ في مقرر ڪئي وڃي، ان سان گڏوگڏ گورک ھل اسٽيشن جي ڪنهن به املاڪ کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهچائڻ تي ڪجھ ڏنڊ ڏوه پڻ مقرر ٿيل هجي، جنهن سان هڪ طرف ته گورک ھل اسٽيشن اٿارٽي کي روينيو ملندو ۽ ٻئي طرف سياحن کي هڪ طرح سان تحفظ جو احساس ٿيندو ته ڪنهن نظم وظبط واري علائقي ۾محفوظ آهيون، ان سان گڏوگڏ انهن کي پاڻ به نظم وضبط سان هلڻو پوندو ته اسين ڪنهنجي نظر ۾ آهيون انڪري هو ڪو گند ڪچرو، ڀنڃ ڊاه يا ڀتين تي چاڪنگ وغيره نه ڪندا.

    اگر مٿي ڄاڻايل شين جو بھتر انداز ۾ انتظام ڪيو وڃي ته ڪو سبب نه آھي ته گورک ھل اسٽيشن سنڌ جي ڪوھ مري کان وڌيڪ خوبصورتي جو رتبونه ماڻي ۽ ڪراچي کان ڪشمور جي عوام کي ھڪ معياري ۽ ۽ سستو تفريح گاھ ملي، خدشو آھي ته مٿي ڄاڻايل انتظامن کي اگر سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته گورک ھل اسٽيشن جو مستقبل تا بناڪ نه ھوندو ڇاڪاڻ ته ان جو روينيو(Revenue) نه وڌندو ۽ ڪنھنبه مھل ڪا به سرڪار ان کي غير منافع بخش ڪاروبار جو درجو ڏئي پنھنجي گرانٽ بند ڪري سگھي ٿي، (ياد گيري لاءِ لکجي ٿو ته اٿارٽي جو مطلب يا مقصد آهي ته هو پنهنجن ريسورسز مان خود ڪمائي ۽ خرچ ڪري ان کي گورنمنٽ ڪنهن به گرانٽ يا ايڊ جي ضرورت نه پوي) نتيجي ۾ سنڌ جو ھي جنت جھڙو ٽڪرو وس وارن جي اوطاق کان وڌيڪ جو منظر پيش ڪري نه سگھندو.( جنھن جا اھڃاڻ ھاڻ سان شروع ٿي ويا آھن جيئن هتان جو ريسٽ هائوس ريسٽ ھائوس وَس وارن جي مڪمل اوطاق بڻيل آھي ۽ ھٽس ۽ ريسٽورنٽ به صرف پنھنجي قربت وارن کي صرف ڪمائي ڪرڻ جي حد تائين ھلائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن، جن ۾ انهن کي ترقي وٺرائڻ يا بھترهلائڻ جي صلاحيت Capacity خال خال نظر پئي اچي.
    خدشو آھي ته اگر گورک ھل اسٽيشن جو انتظام ڪنھن مناسب ھٿ ۾ نه ويو ته اندازو آھي ته ان جو حشر به ڪوئٽه جي عسڪري پارڪ کان مختلف نه ٿيندو جيڪو 2008 واري دور ۾ ڪوئٽه ۾ رھندڙ ۽ ٻين علائقن مان گھمڻ لاءِ ايندڙ فيملين لاءِ هڪ اعزاز جھڙي ڳالھ ھوندي ھئي ته ھنن کي ڪوئٽه جي عسڪري پارڪ جھڙي خوبصورت، پرسڪون، محفوظ ترين، ۽ بھترين نظم و ضبط واري ماحول ۾ ٿڌي موسم ۽ گلن ٻوٽن جي ھٻڪار ۾ چند ڪلاڪ گذارڻ جو موقعو مليو آھي. ۽ ھاڻ جڏھن ساڳئي پارڪ جو انتظام غلط ماڻھن جي ھٿ چڙھيو آھي ته ات نشين، پتين جا ونھوار ۾ گند ڪچري جا ڍھير آھن عام ماڻھو ۽ سياح وڃڻ لاءِ ته ٺھيو پر رستي ويندي ان تي نظر وجھڻ به گورا نه ٿا ڪن.

    [​IMG]
    سيد جان محمد شاه گورک هل جي بينظير ويو پوائنٽ تي


    [​IMG]
    گورک هل اسٽيشن جي ريسٽورنٽ جي ورانڊي مان ورتل سرڪارهٽس Huts جو منظر جنهن ۾ سياحن جي رهائش لاءِ 8 ڪمرا ٺهيل آهن.۽ ان کان مٿي بينظير ويو پوائنٽ نظر اچي رهيو آهي


    الله رب العزت کان دعا آھي ته سنڌ جي ھن جنت جھڙي ٽڪر جي حفاظت فرمائي ۽ کيس وڌيڪ ترقي جا موقح عطا فرمائي آمين.


    خاص نوٽ:
    منهنجو هي سفرنامو هن کان اڳ ڪاوش اخبار جي هفتيوار ميگزين ۾ ڇپجي چڪو آهي، پر ڪاوش جي پاليسن ۽ ميگزين ۾ مخصوص ۽ گھٽ جگھ هجڻ ڪري ان ۾ ڪافي ڪاٽا پيٽا ڪئي وئي هئي ان ڪري مون سوچيو ته پڙهندڙن کي هي مضمون يا سفر نامو پنهنجي اصلي واري حالت ۾ پڙهايو وڃي، وڌيڪ توهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

    E.mail: sherazisaas2@yahoo.com
     
    آخري ترميم: ‏12 جون 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو