ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي

    عزيز ڪنگراڻي

    ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي جو تعلق مَرِي قبيلي جي پاڙي ڪُنگراڻي (Kungrani) سان ڄاڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪُنگراڻي پاڙي جا مري ٻئي هنڌ به هوندا پر نوابشاھ ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ هن پاڙي وارن مرين جي اڪثريت رهي ٿي. سانگهڙ ضلعي جي ٻوٻِيءَ ۾ منهنجو بي ايڊ جو ڪلاس ميٽ دوست محمد حيات (ڪُنگراڻي) مري مونکان ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي بابت پڇندو رهندو آهي ۽ کيس ڏاڏو سڏيندو آهي. ڪنگراڻي (Kingrani) هندو ڪميونٽي ۾ به آهن ته ايران ۾ به ڪَنگراڻي (Kangrani) آهن انڪري ڪنگراڻي برادري بابت ڪا حتمي راءِ قائم ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي ۽ نه ئي هت اهو موضوع آهي.
    هت ذڪر هليو پئي ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي جو جنهن لاءِ خيرپور ناٿن شاھ سان تعلق رکندڙ پروفيسر نزاڪت علي گاڏهيءَ پنهنجي عقيدت منجهان ٻُڌايو هو ظاهر سهراب ڪنگراڻي هڪ ڀزرگ هو. سندس چواڻي ته اسان جا وڏڙا سندس مريد ۽ عقيدت مند رهيا آهن ۽ ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي جون ڪيئي ڪرامتون بيان ڪندو آهي.
    مان انهيءَ راءِ جو آهيان ته ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي جي دور ۾ ٿي گذريو آهي جنهن کي خليفي حڪيم عبدالحميد چانڊيو ڪنگراڻي (مري) لکيو آهي ۽ سندس دور تمام آڳاٽو ڄاڻايو آهي پر منهنجي ڄاڻ مطابق ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي جو تعلق ميانوال تحريڪ سان رهيو. سندس زندگيءَ بابت تفصيل سان احوال نه ٿو ملي. سندس مدفن دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھ ۾ ڄاڻايو وڃي ٿو. مدفن يا مقبرر جا صرف نشان وڃي بچيا آهن. ڪاڇي جي ماڳن جي مهم جوئي دوران انهيءَ مدفن جي فوٽو گرافي ان ڪري نه نه ڪري سگهيس جو سونهون نه هوس ۽ مزار کان واقف نه هوس. پروفيسر عبدالصبور گاڏهي مزار جي مجاور سان رابطو ڪيو پر اهو علائقي کان ٻاهر ويل هو. بعد ۾ سندس تباھ ٿي ويل مقبري جا نشان مليا آهن جنهن جي فوٽو گرافي ڪندي محسوس ٿيو ته ڪاڇي ۾ ڪيئي ماڳ ايئن گم ٿي ويا هوندا.
    سنڌ جي نامياري حڪيم ۽ محقق خليفي حڪيم عبدالحميد چانڊيو پنهنجي 2000ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو پرڳڻو“ جي صفحي 303 ۽ 304 تي ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي لاءِ لکيو آهي ته ”هي شاھ شمس تبريز رحمته الله عليه جو مريد ۽ خليفو هو. ڪاڇي جي ڪنڌي سان ظاهر سهراب جا تڪيا ڪيترين ئي جاين تي آهن. هن جي وفات ۽ قبر جو پتو نٿو پوي ته ڪڏهن وفات ڪيائين ۽ سندس قبر ڪٿي آهي . باقي تڪيا ۽ مصنوعي قبرون سندس نالي ڪيترين جاين تي آهن . چون ٿا ته هيءُ وڏي ڪاني ڪرامت وارو بزرگ هو. اناج نه کائيندو هو ۽ هميشه ٻڪري جو کير پيئندو هو ۽ مجرد هو. هن شادي ڪان ڪئي. جڏهن اسان جي علائقي معنيٰ مصنف (خليفي صاحب) وارن جو ڪاڇو ڪاري کبڙ ۽ شمس ڪنڊي وت شاھ شمس تبريز چلا ڪڍيا، جنهن جو احوال اوهان مٿي (سندس ڪتاب ۾) پڙهي آيا اهيو ته ظاهر سهراب ڪنگراني ساڻس (شمس تبريزي) سان ساڻ (گڏ) هو. ظاهر جو خطاب به شاھ شمس تبريز رحمته الله عليه ڏنس ۽ فرمايو ته :اي سهراب شماءِ حق و باطل را ظاهر می کنيد،هنوز شماءِ ظاهر سهراب است. يعني: اي سهراب فقير تون حق ۽ باطل کي ظاهر ڪندو آهين ، هاڻي تون ظاهر سهراب جي نالي سان مشهور ٿيندين ۽ هاڻي تنهنجو نالو ظاهر سهراب آهي“.
    مان خليفي صاحب جي هن بيان کي تسليم ڪرڻ کان قاصر آهيان ڇاڪاڻ ته شمس تبريزي ايران جو صوفي شاعر ۽ مولانا جلال الدين رومي جو استاد چيو وڃي ٿو. سندس جنم 1185ع ۽ وفات 1248ع ڄاڻايل آهي جيڪو سومرن جو دور بيهي ٿو. جيڪڏهن سومرن جي دور جو شمس تبريزي جو مريد ۽ ايڏو وڏو بزرگ هجي ها ته تاريخ طاهري، تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام ۾ سندس ذڪر ضرور ملي ها! سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا شمس تبريزي سنڌ آيو هو؟ اهو به حوالو نه ٿو ملي نه ئي حڪيم صاحب ڪو حوالو درج ڪيو آهي. ٻيو صوفي شمس الدين سبزواري به آهي جيڪو ايران ۾ 1165ع ۾ ڄائو ۽ 1276ع ۾ ملتان ۾ وفات ڪري ويو جتي سندس مزار به آهي. سندس دور به سومرا دور کي ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ بابت به خليفي صاحب ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي حوالو درج ڪيو آھي.
    بهرحال ظاهر سهراب فقير ڪنگراڻي جو تاريخي طور دور ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو دور سمجھ ۾ اچي ٿو. سندس تڪيو جوهي تعلقي جي ڳوٺ راڄو ڳنڍو لڳ اڄ به موجود آهي. هن سلسلي ۾ وڌيڪ مستند تحقيق جي ضرورت آهي جيئن سندس دور ۽ زندگي بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو