رسول الله صلي الله عليه وسلم تي ايمان جون تقاضائون

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ Ma Halepoto طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2020۔

  1. Ma Halepoto

    Ma Halepoto
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 جون 2020
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    خطيب
    ماڳ:
    اسلام ڪوٽ
    رســول الله صلي الله عليه وسلم تــي ايـمان جـون تـقـاضـائـون،

    ھن دنيا۾ الله جي دين ۽ ان جي ھدايت جو اڪيلو ماخذ ھاڻ قيامت تائين محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي ذات گرامي آھي جيڪڏھن انسان الله جي ھدايت ۽ ھن جي پسند ۽ نا پسند ڄاڻڻ چاھي ٿو ته ان وٽ ان کان سواءِ ڪو به رستو ناهي ته ھو محمد عربي جي طرف رجوع ڪري،
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تي ايمان محض علمي يا نظري شيء ناھي بلڪہ ان جون ڪجھ تقاضائون آھن،
    جيڪڏهن اھو تقاضائون پوري طرح سان پوريون نٿيون ڪيون وڃن ته ان جي معني آھي تہ جنھن شيءِ کي ايمان جو نالو ڏنو پيو وڃي اھو حقيقت ۾ ايمان ئي ناھي،
    قرآن مجيد ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ارشادات جي رو سان مٿن ايمان آڻڻ جي نتيجي۾ جيڪي تقاضائون پيدا ٿين ٿيون انھن کي مختصرًا ھيٺ ڏجي ٿو،

    (۱) اعتقاد ۽ يقين

    ايمان جي پھرين تقاضا يقين آھي نبي جي ذات ۽ سندس تعليمات جي باري ۾ اھو اعتقاد ئي در اصل پاڻ ڪريمن تي سچي ايمان جو حتمي ثبوت آهي.

    (۲) عطاعت ۽ اتباع

    ايمان جي ٻئي تقاضا ڪامل عطاعت آھي قرآن مجيد ۾ الله جي عطاعت سان گڏ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي عطاعت جو ذڪر لازم ۽ملزوم جي حيثيت سان ٿيو آھي الله جي عطاعت جو واحد رستو ئي الله جي حبيب جي عطاعت آھي.

    (۳) نصرت ۽ مدد

    ايمان جي ٽين تقاضا نصرت ۽ مدد آھي الله تعالي ھن دنيا۾ انسان جي آزمائش جو جيڪو قانون جاري ڪيو آھي ان ۾ عام حالات ۾ اھو پسند ناھي فرمايو ته حق کي خد بخود غلبو ملي وڃي ان مقصد لاءِ الله جيڪو طريقو پسند فرمايو آهي ان جي مطابق ھڪ طرف باطل کي زنده رھڻ ۽ پنھنجيون ڪاروائيون ڪرڻ جي مھلت ڏني ويئي آهي ٻئي طرف حق جي نصرت۽ مدد جي لاءِ مؤمن جي قرباني ۽ مدد جي بہ ضرورت پيش ايندي رھندي آھي.

    (۴) محبت ۽ احترام

    ايمان جي چوٿين تقاضا پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ احترام آھي
    توهان مان ڪو به شخص ان وقت تائين ايمان نٿو رکي جيستائين آئون ھن جي ويجھو ھن جي پئُ اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان محبوب ٿي نہ وڃان،
    ھڪ ٻئي روايت۾آهي تہ ايمان جي حقيقي لذت کان اھو ئي آشنا ٿئي ٿو جيڪو سڀ کان وڌ الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم سان محبت رکندو ھجي، اھڙي طرح
    نبي جي اھل بيت سان محبت جو حڪم ڏنو ويو آهي
    الله تعالي کان دعا آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم تي ايمان جي تقاضائن کي صحيح شعور سان سمجھڻ جي توفيق عطا فرمائي
    آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو