پنجٽيھين بھار

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2020۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    پندرهن فيبروريءَ جي خوبصورت جھڙالي صبح ھئي، ماحول ۾ راتوڪي وٺل مِينھَن جي دل کي ڇهندڙ خوشبوءِ رچيل ھئي، وڻ ٽڻ ۽ پکي خوشيءَ ۾ جھومي ٻڌائي رهيا هئا تہ بھار جي شروعات ٿي چڪي آهي، دل کي وڻندڙ اتر جي ھوا گُھلي رھي ھئي، کيتن ۾ سرِنھن بہ پيلا گل جھلي ورتا ھئا، ھر طرف ڄڻ تہ سونھ جو سيلاب آيل ھو، ڳوٺ جا ڪجھ ٻار گھرن جي ڇتين تي لغڙ اڏائڻ ۾ مشغول ھئا تہ ڪجھ وري وڻ ۾ پينگھ تي لُڏيا پئي.
    مُومل گھر جي اڱڻ تي ڄمُون جي وڻ ھيٺان پنھنجي پوڙھي امڙ سان گڏ نيرن ڪري رھي ھئي.
    "مومل ڌيءَ!"، نيرن ڪندي مومل کي پنهنجي ماءُ چيو، "اڄ ڪجھ مھمان اچڻا آھن، تون گھر جي صفائي ڪري نوان ڪپڙا پائي ڇڏجانءِ".
    "ڪير ٿا اچن امان؟"، مومل تڪڙ ۾ ماءُ کان پڇي ورتو پر سندس امڙ ڪا ورندي نہ ڏني، ماءُ جي سنجيدگي ۽ اداسيءَ کي ڏسي مومل ڳالھ کي سمجھي ورتو ۽ خاموشيءَ سان کٽ تان اٿي خالي ٿانوَ کڻي رڌڻي ۾ ھلي ويئي.
    ڪجھ دير بعد مومل گھر جي صفائي ڪري وھنجي نوان ڪپڙا پھريا جيڪي ڪجھ ڏينهن اڳ سندس وڏو ڀاءُ شھر مان ھن جي لاءِ وٺي آيو ھو، مومل کي ان خوبصورت نيري وڳي ۾ ڏسي سندس ماءُ مرڪي پئي پر ھڪدم اھا مرڪ اداسيءَ ۾ گم ٿي وئي، ھوءَ سوچن ۾ گم ھئي ۽ دل ئي دل ۾ پنهنجي اڪيلي ڌيءَ مومل جي شاديءَ جون دعائون گھري رھي ھئي.
    منجھند جي مھل سندن گھر پڪِي عمر جون ٻہ عورتون پھچي ويون، مومل جي ماءُ ۽ ٻنهي ڀاڄائين کين آڳر تي وڻ ھيٺان پيل کٽن تي ويھاريو، مومل ڪمري اندر ھلي ويئي، ڪجھ دير ويھي چانھ پيئڻ کان پوءِ آيل عورتون مومل جي ماءُ ۽ ھڪ ڀاڄائيءَ سان گڏ اندر آيون جتي مومل ويٺل ھئي، آيل عورتن مان ھڪڙي ڪمري جي سجاوٽ کي ڏسي رھي ھئي جڏهن تہ ٻي مومل سان ڳالهائڻ لڳي، ٿوري دير کان پوءِ اھي سڀئي ڪمري کان ٻاهر اچي اڱڻ تي بيٺيون.
    "ادي جنت!"، آيل ھڪ عورت جنهن جو نالو رخسانہ ھو مومل جي ماءُ سان بي رخي سان مخاطب ٿيندي چيو، "تنھنجي ڌيءَ جي سڙيل ھٿن کي ڏسي مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ۽ مومل جي عمر به ڪافي وڏي آهي، مون کي پنهنجي پٽ جي لاءِ ھي رشتو قبول ناهي، توهان جي ڇوڪريءَ ۾ وڏو عيب آهي، چڱو اسان ھلون ٿا".
    توڻي جو رخسانہ پنھنجي جنهن پٽ لاءِ مومل کي ڏسڻ آئي ھئي ان جي عمر چاليھ سال جي لڳ ڀڳ ھئي ۽ سندس مٿي ۾ اڇا وار اچي چڪا هئا، آواره گردي ۽ بري صحبت ۾ ھجڻ سبب اڃان تائين سندس شادي نہ ٿي سگھي ھئي، مٽن مائٽن ۾ ڪير بہ کيس سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نہ ھو انڪري ئي مائي رخسانہ پنھنجي ڳوٺ کان پنڌ ڪري ھت اچي مومل کي ڏسڻ پھتي ھئي، پٽ جي ايترين خامين کان واقف ھجڻ باوجود مائي رخسانہ مومل جھڙي نيڪ سيرت ۽ سھڻي صورت واري ڇوڪريءَ جي رشتي کي سڙيل ھٿن جو طعنو ڏئي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ وڏي تڪبر سان گڏ آيل عورت سان واپس ھلي ويئي، ھنن جي وڃڻ کانپوءِ مومل جي ماءُ ۽ وڏي ڀاڄائي ڪجھ دير ھيٺ منھن ڪري ويٺيون رھيون، مومل جي ماءُ کي يقين ھو تہ ضرور رخسانہ پنهنجي پٽ جي لاءِ مومل کي پسند ڪندي ۽ مومل جي بہ نيٺ شادي ٿي ويندي پر مائي رخسانہ سندس اميدن جو ڳلو دٻائي ھلي ويئي هئي.
    مومل ڪمري ۾ ويٺي ان عورت جا پنھنجي ھٿن بابت چيل لفظ ٻڌي ورتا ھئا جنھن ڪري ھوءَ تمام گھڻي ڏکاري ھئي، پوڙهي رخسانہ پاران ٺُڪرائجڻ جو کيس ڪو بہ ڏک نہ ھو، ڪيترن ئي سالن کان رخسانہ جھڙي عورتن پاران پنهنجي ھٿن جي اُجڙيل سُونھن سبب ھوءَ ٺڪرائجي رھي ھئي پر اڄ رخسانہ جا سندس ھٿن جي باري ۾ چيل لفظ ڀالا بڻجي کيس لڳا ھئا، ھوءَ اٿي اچي آئيني جي سامهون بيٺي، پنهنجي لڙڪن سان ڀريل اکين ۽ خوبصورت پر اداس چھري کي ڏسڻ کان پوءِ ھن جي نظر پنهنجي مٿي ۾ ڪجھ چاندي جھڙن اڇن وارن تي پيئي، ھن شيشي تان نظرون هٽائي باھ ۾ سڙڻ سبب بدصورت بڻجي ويل پنهنجن ھٿن کي ڏسڻ لڳي تہ اڄ وري کيس ننڍپڻ ۾ پيش آيل اھو دردناڪ واقعو ياد اچي ويو.
    کوڙ سال اڳ جڏهن مومل اڃان نون-ڏھن سالن جي معصوم نينگري ھئي تڏھن سياري جي ھڪ صبح جو پاڻ جيڏين ڇوڪرين سان گڏ کيڏندي ڪُڏندي جڏهن کين سيءُ محسوس ٿيڻ لڳو تہ سڀني ٻارڙين ڪاٺيون گڏ ڪري باھ جو وڏو مچ ٻاريو ۽ ان جي چوڌار بيھي ھٿ ۽ پير گرم ڪرڻ لڳيون، ھڪ ٻارڙي پنهنجي پوتي لاھي باھ تي سيڪڻ لڳي تہ کيس ڏسي سڀني ٻارڙين بہ ايئن ڪرڻ شروع ڪيو، مومل کي ريشمي ڪپڙي جي پوتي پھريل ھئي، ھن جيئن ئي پنهنجي پوتي باھ جي ويجھو ڪئي تہ ھڪدم پوتيءَ کي باھ وڪوڙي وئي، مومل پوتيءَ کي پري اڇلائڻ چاھيو پر اھا ٻرندڙ ريشمي پوتي سندس ھٿن کي چنبڙي وئي، تڪليف سبب ھن دانهون ڪيون تہ خوف ۾ گڏ بيٺل سڀئي ٻارڙيون بہ رڙيون ڪري ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙڻ لڳيون، دانھون ٻڌي گھرن ۾ موجود مرد ۽ عورتون ڊوڙي مومل وٽ پھچي ويا پر ايتري دير ۾ گلن جھڙي معصوم مومل جا ٻيئي ھٿ ٺوٺين تائين سڙي چڪا هئا، باھ وسامڻ کان پوءِ بہ ھوءَ تڪليف ۽ اذيت سبب تڙپي رھي ھئي، سندس رڙيون ٻڌي سڄو ڳوٺ گڏ ٿي ويو ھو، امڙ پنهنجي معصوم ڌيءَ جون دانهون ٻڌي ۽ سڙندڙ ھٿ ڏسي بيھوش ٿي ڪِري پيئي، مومل کي سندس پيءُ ۽ چاچي جلد ئي ويجھي شھر جي اسپتال پھچايو، ڊاڪٽر مومل جي ھٿن جي خطرناڪ ڪنڊيشن ۽ پنهنجي اسپتال ۾ باھ جي سڙيل مريضن جي علاج جون سهولتون نہ ھجڻ سبب رڳو فرسٽ ايڊ ڏئي ھڪدم ايمبولينس ذريعي ڪراچي موڪلي ڇڏيو، ڪراچيءَ جي هڪ وڏي اسپتال ۾ مسلسل ٻہ مھينا علاج ھلڻ کان پوءِ مومل جا زخم تہ ڀرجي ويا پر ھٿن جي سُونهن ھميشہ لاءِ ختم ٿي وئي جنهن ڪري سندس پيءُ ماءُ تمام گهڻو غمگين ھئا، ھو پنھنجي ڌيءَ جي ھٿن کي ڏسي روئي پوندا هئا، ڳوٺ جي معزز ۽ ڪجھ ايڪڙ زمين جي مالڪ سھراب کي مومل کان ننڍا ٻہ پٽ پڻ ھئا پر مومل کيس ٻنهي پٽن کان وڌيڪ پياري ھئي، ان واقعي کان پوءِ مومل جڏهن ٻيھر اسڪول وڃڻ شروع ڪيو تہ گڏ پڙھندڙ ڇوڪريون ساڻس گڏ بينچ تي ويھڻ توڙي ڳالھائڻ کان ڊڄڻ لڳيون، ان ڳالھ مومل کي احساس ڪمتريءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ھن اسڪول کي ھميشہ لاءِ الوداع چئي ڇڏيو، پيءُ ماءُ ۽ استادن ڪافي ڪوشش ڪئي پر مومل سندن ھڪ بہ نہ ٻڌي، آھستي آھستي ھن مٽن مائٽن جي گھرن ڏانهن وڃڻ بہ ڇڏي ڏنو، جيئن جيئن ھوءَ وڏي ٿي رھي ھئي تيئن خاموش ۽ اڪيلي رھڻ لڳي، ھر وقت گڏ کيڏندڙ ڇوڪرين بہ آھستي آھستي کيس وساري ڇڏيو، سڀني سھيلين مان رڳو ھڪ راشدہ ھئي جيڪا ھر روز مومل جي گھر اچي کيس دلجاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي، سندس گھر ويجھو ئي ھو، ڳالھين ڳالھين ۾ راشدہ کيس کلائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي ھئي پر مومل جي چپن جي مرڪ شايد ڪٿي وڃائجي وئي ھئي، مومل ساماڻي تہ سھراب ۽ سندس گھرواريءَ کي مومل جي شادي جو فڪر اچي لڳو، مٽن مائٽن مان ڪو بہ ڇوڪرو مومل سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي نہ ھو، ڳوٺ جو ھڪ نوجوان ساڻس شادي جو خواهشمند هو پر ان جا والدين مومل کي پنهنجي نُنهن بڻائڻ لاءِ راضي نہ ھئا ۽ ڪجھ ئي وقت ۾ انھن پنهنجي پٽ جي ڳوٺ جي ھڪ ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرائي ڇڏي.
    وقت سان گڏ مومل جي والدين کي پنهنجي اڪيلي ڌيءَ جي پريشاني وڌندي وئي پر مومل جي لاءِ ڪٿان بہ ڪو رشتو نہ پئي آيو ان غم ۽ ڳڻتيءَ سھراب ۽ سندس گھرواريءَ کي جھوري وڌو، سھراب تہ اڪثر بيمار رهڻ لڳو ھو ۽ ڪافي ڪمزور بہ ٿي ويو ھو، مومل پنهنجي ڀائرن جيان پيءُ جي خدمت ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏي هئي جنهن ڪري سندس پيءُ جي طبيعت آھستي آھستي بھتر ٿيڻ لڳي تہ ماءُ ۽ ڀائرن جيان ھوءَ بہ مطمئن ٿي وئي.
    مومل کي ڀرت ڀرڻ ۽ رليون ٺاھڻ جو تمام گهڻو شوق ھو سندس ماسي کيس اھو ڪم سيکاريو، ٿوري وقت ۾ ئي مومل جي ڀرت ۽ ٺاھيل رلين جي تعريف ٿيڻ لڳي جيڪا ڀرپاسي جي ڳوٺن تائين بہ وڃي پھتي، ھن ڀرت ۾ وڏي مھارت حاصل ڪري ورتي ھئي ۽ رليون تہ اھڙي ڊزائين واريون ٺاهڻ شروع ڪيون جن کي ڏسي رليون ٺاھيندڙ عورتون بہ اچرج ۾ پئجي ٿي ويون، مومل جي ھٿن کي ڏسڻ کان لنوائيندڙ عورتون سندس ئي ھٿن سان ٺاھيل رلين کي ڏسي وائڙيون ٿي پئي ويون، پنھنجي پورھئي سان مومل کي دلي لڳاءُ ٿي ويو ھو، سڄو ڏينهن ھوءَ پنھنجي ڪمري ۾ ويٺي رليون سبڻ ۾ مشغول رھندي ھئي.
    مومل جا پيءُ ماءُ پنهنجي ڌيءَ جي ھر سال ساگرہ ضرور ملھائيندا ھئا، سندس جنم ڏينهن تي سھراب شھر مان برٿ ڊي ڪيڪ ۽ ٻيا ڪافي تحفا پڻ وٺي ايندو هو پر ھاڻ مومل سالگرھ جي ڏينهن رڳو ماءُ پيءُ جي دل رکڻ لاءِ ڪيڪ ڪٽي ٿورو کلندي ھئي.
    "مومل! مان ڪجھ ڏينهن جي مھمان آهيان"، مومل جي ايڪويھين سالگرھ تي راشدہ کيس چيو. مومل ڪجھ نہ سمجھندي سواليہ نظرن سان کيس ڏسڻ لڳي.
    "ڇو، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ تون مري ويندينءَ ڇا"؟. مومل کلندي کانئس پڇيو.
    "ھا ايئن ئي سمجھ". راشدہ سنجيده ٿي وئي.
    "بيمار آهين يا رات خواب ۾ پاڻ کي مرندي ڏٺو اٿئي"؟. مومل اڃان بہ کلي رھي ھئي، وڏي وقت کان پوءِ ھوءَ اڄ راشده سان مذاق جي موڊ ۾ ڳالهائي رھي ھئي ان ڪري راشده کي خوشي بہ ٿي رھي ھئي ۽ کيس اطمينان پڻ ٿيو تہ مومل ھاڻ شايد نارمل زندگيءَ ڏانهن واپس اچي رھي آھي.
    "ھا مومل! سمجھ تہ آئون مرڻ واري آهيان". راشده ھڪ وڏو ساھ ڀري چيو.
    "ھاڻ ڇڏ کڻي مذاق کي، سڌي ڳالھ ڪر، مون وٽ فالتو وقت ناھي تنھنجي انھن عجيب ڳالھين لاءِ". اوچتو مومل سنجيدگي اختيار ڪئي تہ راشده کيس عجيب نظرن سان ڏٺو.
    " مھيني کان پوءِ منھنجي شادي ٿي رھي آھي". راشدہ کيس حقيقت ٻڌائي ڇڏي.
    "پوءِ ان ۾ ڏک جي ڪھڙي ڳالھ آهي جو تون روئڻ جھڙو منھن ڪري ويٺي آھين". مومل کيس چيڙائيندي چيو.
    "ڏک جي اھا ڳالھ آهي جو شادي کان پوءِ مان ڪراچي ھلي وينديس ۽ توسان قسمت سان ئي ملي سگھنديس". راشدہ جي لھجي ۾ اداسي ھئي.
    مومل پنهنجي دل ۾ ڏک جي ھڪ لھر اڀرندي محسوس ڪئي، ھاڻ کيس سمجھ ۾ آيو تہ راشده ڇو ايتري اداس ھئي، پنهنجي ڏک کي لڪائيندي ۽ راشده جي دل رکڻ لاءِ ھن چيو.
    "ڌيئر ھميشہ پرايو ڌڻ ھونديون آھن راشده". ٻنھي کان ٽھڪ نڪري ويا پر راشده ڏٺو تہ مومل جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ھئا.
    "مومل! مون کي سچي خوشي تڏهن ملندي جڏهن ڪو راڻو اچي توکي پنهنجي ڪنوار بڻائيندو". راشده مومل جي سونهن اجڙيل ھٿن کي ڏسندي چيو پر مومل کيس ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
    راشدہ جي شادي جي ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ مومل کي خوشيءَ سان گڏ ڏک بہ ٿيو تہ سندس ننڍپڻ کان گڏ رهندڙ سھيلي کانئس جدا ٿي ڏور وڃي رھي ھئي، پر ڇوڪرين کي نيٺ تہ پنھنجي گھر وڃڻو ئي ھوندو آھي، راشده جي شاديءَ تي مومل کيس پنهنجي ھٿن سان ٺاھيل ڪجھ تمام خوبصورت رليون، ڀرت ڀريل رئو ۽ ٻيا بہ ڪجھ تحفا ڏنا، راشده جو مڙس ڪراچي ۾ ھڪ وڏي ڪمپني ۾ مينيجر جي عھدي تي مقرر ٿيل ھو، راشده جي شادي کان پوءِ مومل ھڪ دفعو ٻيھر پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي. وقت گذرندو رهيو، مومل جي ٻنهي ڀائرن جون شاديون ٿي ويون پر مومل جي اڃان تائين شادي نہ ٿي سگھي ھئي، ڪيئي سيارا اونھارا آيا ويا، کوڙ بھارون اچي گذري ويون، ڪڏهن ڪڏهن ڪا عورت پنهنجي پٽ يا ڀاءُ جي لاءِ مومل کي ڏسڻ ايندي ھئي پر سندس ھٿن کي ڏسي رشتي کان انڪار ڪري واپس ھلي ويندي ھئي ان ڏک سندس پيءُ ماءُ کي جھوري ڇڏيو هو، ھڪ ڏينھن مومل جو پيءُ اھو ڏک کڻي ھن دنيا مان ھليو ويو، کيس دل جو دورو پيو ھو، مومل جي مٿي تان پيءُ جي ڇانوَ ھٽي ويئي تہ سندس زندگي نٽھڻ اُس جھڙي بڻجي وئي، امڙ ۽ ڀائرن جو سھارو ھوندي بہ ھوءَ ڪجھ سال پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي رھي پر نيٺ ھن پيءُ جي وڇوڙي کي بہ پنهنجي اندر ۾ سانڍي ڇڏيو، اڪثر راتين جو مومل پنهنجي پيءُ کي ساري ڏاڍو روئندي ھئي، سندس امڙ بہ پنهنجي مڙس جي موت کان پوءِ پنهنجا حال ھيڻا ڪري ڇڏيا هئا ۽ مٿان وري مومل جي ڳڻتي بہ کيس ڳاري ڇڏيو هو، مومل جي شاديءَ جي وھي بہ گذرندي پئي وئي جنهن ڪري ھوءَ ڏينهن رات رب کان مومل جي شاديءَ جون دعائون گھرندي ھئي.
    اڄ مائي رخسانہ جي اچڻ کان اڳ مومل جي ماءُ کي يقين ھو تہ ھاڻ سندس ڪلھن تان مومل جو بار لھي ويندو پر ٻين عورتن وانگر پوڙهي رخسانہ بہ مومل کي ٺُڪرائي ھلي ويئي تہ ھوءَ غمگين ٿي پيئي، رخسانہ جي وڃڻ کانپوءِ کيس يقين ٿي ويو تہ سندس مومل جي ھاڻ ڪڏهن بہ شادي نہ ٿي سگھندي ان غم ۽ صدمي سبب سندس ذھني ڪيفيت بدلجي وئي، ھن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو ۽ نہ ئي ماني کاڌائين، مومل کيس ماني کائڻ لاءِ منٿون ڪيون پر ھن بک نہ ھجڻ جو چئي ماني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سندس ٻنهي پٽن ۽ نُھن بہ کيس دلجاءِ ڏيڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر ھوءَ اڪيلي ويٺي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي، ھن مومل سان بہ تکي لھجي ۾ ٿي ڳالھايو جنهن سبب مومل بہ ڪافي پريشان ۽ غمگين ھئي.
    مومل پڌر تي پيل کٽ تي چپ چاپ ويٺل ھئي، ھوءَ پنهنجي ڪراڙي امڙ جي لاءِ پريشان ويٺي ھئي، سج بہ لڙي چڪو هو، کيس سڪون نہ پئي آيو انڪري ھڪ دفعو ٻيھر ھوءَ ڪمري ۾ اڪيلي ويٺل امڙ ڏانهن وئي پر ماءُ کيس ڇڙٻ ڏيئي موٽائي ڇڏيو تہ مومل وري ٻاھر اچي ويٺي، موسم تمام گهڻو وڻندڙ ھو پر مومل جي دل اداس ھئي ۽ ھوءَ سوچن ۾ گم ھئي جو اوچتو سندس ننڍپڻ جي سھيلي راشدہ پنهنجي ستن اٺن سالن جي ڌيءَ سان گڏ اچي پھتي، اڄ لڳ ڀڳ ھڪ سال کان پوءِ راشدہ ڪراچي کان پنھنجي پيءُ ماءُ وٽ ڪجھ ڏينهن لاءِ آئي ھئي، مومل کين ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ڪجھ گھڙين لاءِ مومل جي اداس چھري تي خوشيءَ جي لھر اچي وئي، راشدہ مومل سان گڏ چانھ پيئندي کيس چيو.
    "مومل ڀيڻ! سالگره جي مبارڪ ھجئي"، اوچتو راشدہ مومل کي سالگره جي مبارڪ ڏني تہ مومل کي ياد آيو تہ اڄ فيبروريءَ جي پندرھين تاريخ ھئي، سندس سالگره جو ڏينهن، اڄ ھن جي زندگيءَ جو پنجٽيھون سال شروع ٿي چڪو ھو، ھي مومل جي حياتيءَ جي پنجٽيھين بھار ھئي، پيءُ جي وفات کان پوءِ گھڻين خوشين سان گڏ سالگره ملهائڻ واري خوشي بہ سندس زندگيءَ مان ڏُور ھلي وئي هئي، راشدہ مومل جي لاءِ سالگره جي تحفي طور ھڪ موبائل فون پڻ کڻي آئي ھئي جيڪو مومل پنهنجي والده جي اجازت سان ئي قبول ڪيو.
    "مومل ھن موبائل تان مون سان ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندي رھجان"، راشدہ مومل کي چيو، ڪراچي ۾ مون کي تنھنجي ڏاڍي سڪ لڳندي آهي".
    ٿوري دير کان پوءِ راشدہ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ھلي ويئي، رات ٿي چڪي هئي، مومل رڌڻي مان ماني کڻي اچي ماءُ سان گڏ ويٺي پر ھن جي ماءُ اڃان بہ کائڻ پيئڻ کان انڪار ڪري رھي ھئي.
    "امان! او منهنجي مٺڙي جيجل! ھاڻ تہ ڪجھ کاءُ"، مومل روئندي کيس منٿ ڪئي.
    "پري ٿي وڃ مون کان نڀاڳي ڇوڪري!"، سندس ماءُ نفرت ڀريل لھجي ۾ رڙ ڪري مومل کي چيو. "جي تون ان ڏينهن ئي مري وڃي ها جڏھن باھ ۾ تنھنجا ھٿ سڙيا هئا تہ اڄ مون کي ھي ڏينهن نہ ڏسڻا پون ھا، نہ تنھنجي شادي ٿيندي ۽ نہ ئي منھنجي توکان جان ڇٽندي".
    مومل جي لاءِ اھي لفظ نہ پر بم ۽ گولا ھئا جن سندس روح کي بہ زخمي ڪري وڌو ھو، ھميشہ ماکيءَ کان بہ مٺڙي لھجي ۾ ڳالهائيندڙ سندس امڙ اڄ شايد پنھنجي وس ۾ نہ ھئي جو پنھنجي اڪيلي ڌيءَ سان زھر ڀريل لفظن سان مخاطب ٿي ھئي، ماءُ جي اھڙي رويي سبب مومل کي پنهنجي زندگيءَ کان بيزاري محسوس ڪرڻ لڳي ۽ ھوءَ سڏڪا ڀري روئندي رھي، ڀائرن کيس پرچائي ماٺ ڪرايو پر ھن جي دل ڏکي رهي هئي ۽ ساھ بہ ٻوساٽجڻ لڳو هئس، کٽ تي ليٽي ھوءَ ننڊ کان خالي اکين سان لڙڪ هاريندي رهي، ڪمري جي ٻي ڪنڊ ۾ سندس امڙ ستل ھئي، ھوءَ کٽ تان اٿي ماءُ جي ڀرسان آئي، امڙ کي پرسڪون ننڊ ۾ ستل ڏسي مومل کي بہ ڪجھ اطمينان ۽ سڪون محسوس ٿيو تہ ھوءَ پنھنجي کٽ تي اچي راشدہ پاران ڏنل موبائل کڻي ھلڪي آواز ۾ سرمد سنڌيءَ جو گيت ٻڌڻ لڳي.
    موٽِي مُور نہ ھاڻي اچبو،
    ٿَڪجِي پوَندؤ سَڏي سَڏي
    ھَلبو ھاڻي لَڏي لَڏي
    بيقَدرنِ کي ڇَڏي ڇَڏي...
    گیت ٻڌندي وري اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس، ڪجھ دير بعد آھستي آھستي کيس ننڊ اچي وئي، ننڊ ۾ ھن ڏٺو تہ آسمان مان ھڪ خوبصورت اڇي لباس ۾ نوجوان ھيٺ لھي مومل جي ڀرسان اچي بيٺو ۽ ھن جي ھٿ کان وٺي آسمان طرف اڏامڻ لڳو، اوچائيءَ کان ڌرتي تمام گهڻي خوبصورت نظر ٿي آئي، مومل حيرت ۾ ٻڏل حسين منظر ڏسندي آسمان طرف وڌي رهي هئي، اوچتو کيس امڙ جو خيال آيو تہ هن ڇرڪ ڀري ان نوجوان کان پڇيو.
    "مونکي ڪيڏانهن پيو وٺي وڃي"؟.
    ان جوان مرڪندي وراڻيو، "جنت ڏانھن، ھاڻ تون بھشت ۾ رھندين".
    "نہ نہ، منهنجي جنت تہ منهنجي امڙ جي پيرن ۾ آهي، امڙ کان سواءِ مان ڪنهن ٻي جنت ۾ نٿي رھي سگھان". مومل ھڪ جھٽڪي سان ان نوجوان کان پنھنجو ھٿ ڇڏائي ورتو.
    ان پراسرار نوجوان کان ھٿ ڇڏائيندي ئي مومل جي اک کلي ويئي، ھوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي، ساھ منجھي رهيو ھئس، چھري تي پگھر ھئس ۽ اڃ سبب نڙي خشڪ محسوس ڪيائين، پاڻي پي پنهنجي ننڊ پيل امڙ جي ڀرسان اچي کيس پيار سان ڏسڻ لڳي، ايئن ٿي ڀانيائين ڄڻ ماءُ کي آخري ڀيرو ڏسندي ھجي، اڳتي وڌي امڙ جي پيشاني چمي ورتائين ۽ وڃي پنهنجي کٽ تي ليٽي پيئي پر اڃان بہ ساھ کڻڻ ۾ ھلڪي تڪليف محسوس ڪيائين پئي، ان عجيب خواب تي سوچيندي نيٺ ٿوري دير کان پوءِ کيس ننڊ اچي ويئي، ننڊ ايندي ئي ھڪ دفعو ٻيھر ساڳيو نوجوان اڏامندو اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ مومل جو ھٿ پڪڙي وري آسمان طرف اڏامڻ لڳو، مومل ھڪ دفعو ٻيهر بہ کانئس ھٿ ڇڏائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر ڇڏائي نہ سگھي ۽ آسمان جي وسعتن ۾ غائب ٿي ويئي..
    صبح جو سج اڀري آيو ھو پر مومل الائي ڇو اڃان تائين ستل ھئي، ماءُ کيس ٻہ ٽي ڀيرا سڏي چڪي هئي پر مومل ڪابہ ورندي نہ ڏني تہ ھوءَ ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڪلھي کان وٺي لوڏڻ لڳي پر مومل جو جسم برف جيان ٿڌو محسوس ڪري ھن کان دانھن نڪري وئي، رڙ ٻڌي سڀئي گھر ڀاتي گڏ ٿي ويا ۽ مومل جي اوچتي موت تي روئڻ لڳا.
    مومل ھن بيقدرن جي دنيا کي ڇَڏي ڏور وڃي چڪي هئي جتان اڄ تائين ڪو بہ واپس ناهي موٽيو...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو