دوستن کي دعائن جي درخواست...ڪرونا کي مذاق نه سمجهو

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2020۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    يا الله يا رحمن يا رحيم
    يا حفيظ يا سلام

    اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو
    جئين ته مان سنڌ سلامت جو سينئير ميمبر هجڻ جي جي ناتي ڪجهه ڳالهيون اوهان سان ونڊ ڪرڻ ٿو گهران، دوستو جئين ته ڪرونا وائرس ڪئين شروع ٿيو ڪٿان شروع ٿيو اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو، ٿيو ڪجهه هن ريت ته مان به پنهنجي گهر جو ذميڊار هجڻ جي ڪري گهر جون ڪم ڪاريون ڪرڻ لاء ٻاهر وڃڻو ٿي پيو ، هن وبا کي شروع ٿئي ٽن مهينن تائين تمام گهڻي احتياط ڪيم، پر وقت گذرندو رهيو مان به ڪجهه اٻوجهن وانگي هن وبا کي ڪوڙ سمجهڻ لڳس جيڪو سوشل ميڊيا تي ڪيئي مون جهڙا هن وبا کي ڪوڙو سمجهڻ ۾ سڄو ڏينهن لڳا پيا آهن، مون سوچيو هي ريڙهي وارا ، هي دڪاندار ، هي مڪينڪ ۽ ڪيترائي ٻيا ورڪر ڪم ڪندي ڏٺم ته انهن کي اهڙي ڪنهن به وبا ۾ مبتلا نه ٿو ڏسجي هي حڪومت ڇو رڙيو ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهي، ٿيو ائين جو آفيس جيڪا ايف ٽي سي بلڊنگ جي چوٿين ماڙ تي آهي انتظاميه سينٽرل اي سي ڪرونا جي وڌڻ جي خدشي سبب بند ڪئي هئي، بس هفتو اڳ يعني 8 جون تي ماڻهن جي زور ڀرڻ تي اي سي کولي وئي بس 4 ڏينهن ٿيندا ته منهنجي آفيس جي منهنجي ساٿي کي وائرس لڳي ويو آهي جو اطلاع مليو ان سبب 4 ڏينهن کان آفيس نٿو اچي، اسان سڀ وائڙا ٿي ويا سي، اهو پهريون ڪيس هيو منهنجي ساٿي جو بس ان ڏينهن خبر پئي جمعي جو ڏهاڙو ۽ 12 جون جو آخري ڪم جو ڏينهن هيو مان به اهو سڀ سوچيندي گهر پهتم، ٿوري پريشاني محسوس ڪيم پر نظر انداز ڪيم، اڳين ڏينهن ڇنڇر تي موڪل هجڻ جي ڪري دير تائين انٽرنيٽ استعمال ڪندو رهيس ، دير سان ٿڪجي وڃي اي سي واري ڪمري ۾ سمهي رهيم، رات جو 3 بجي ڌارا ٿڌ محسوس ڪرڻ لڳم، ءُ جسم ۾ آڪڙ محسوس ٿيڻ لڳي، خير جهڙي تهڙي رات گذاريم، صبح جو ڏهين ڌارو اک کلي جئين اٿڻ جي ڪوشش ڪيم ائين لڳو ڄڻ چيلهه کان هيٺ ڪنهن جسم ڀڃي ڇڏيو هجي، عجيب ڪيفيت ۽ بخار شروع ٿي ويو خير قصو مختصر مان سمجهي ويس ته معاملو ڪجهه عام نوعيت کان مختلف آهي ڪجهه ته طبيعيت ۾ تبديلي آهي، مان پاڻ کي الڳ ڪمري ۾ منتقل ڪيو، گهرواري ۽ ٻارڙن کان پري ٿي ويم پر پهرين ڏينهن شڪ هجڻ ڪري گڏ رهيا ٻارڙا به ۽ گهر واري به پر بخار ٻئي ڏينهن به رهيو ، پينا ڊول وٺندو رهيم ، پر هر ايندڙ ڏينهن ڪمزوري جو پهاڙ ڪرڻ لڳو، جسم صفا هجي ئي نه، خير پنج ڏينهن گذري ويا بخار کي ڌڪ لڳو، پر پنجين ڏينهن شام ڌاري ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، پريشاني وڌي وئي ، هن مهل تائين پاڻ ئي گهر ۾ طبع آزمائي ڪري رهيو هيم، پر پوءِ معاملو بگڙجندڙ محسوس ڪيم،، وري مٿان خوف الڳ طاري ٿي ويو، خير شام کان رات ٿي سموري رات ساهه ڇڪي ڇڪي کڻندو رهيم، سوچيم بهتري ايندي پر صبح 6 بجي ڌارو همت صفا جواب ڏيڻ لڳي، گهر واري کي سڏيم، ته ڪنهن کي گهرائي ۽ ڊآڪٽر يا هسپتال هلجي، خير منهنجو هڪ دوست ، هڪ ماروٽ ۽ گهر واري جو ڀاءُ پهچي ويا ان دوران منهنجو وڏو ڀاءُ مون سان رابطي ۾ هو ان سول هسپتال جي ايم ايس سان ڳالهيو هيو، مان پنهنجي ئي گاڏي تي هسپتال پهتا سين، ايمبولينس تي مان نه پئي وڃڻ گهريو هڪ ته فليٽ ۾ ڳالهه هُلي وڃي ها ٻيو ته پاڙيوارا به پريشان ٿي وڃن ها، خير سول ۾ جيڪو حشر ٿيو اهو ائين آهي ته ڪنهن ڪتي جي ٽنگ بڳل هجي ۽ ان کي سموري ڳوٺ جا ٻار ڊوڙائيندا رهن ۽ ڪا ٿاڪ نه ڏين سول هسپتال ۾ به مريض جو اهڙو ئي حشر ڪيو وڃي ٿو، هڪ ايڪسري، هڪ بلڊ ٽيسٽ ۽ هڪ ڪرونا ٽيسٽ لاءِ ائين ڊوڙايو ويو، ان سموري ڀڄ ڊڪ ۾ صرف ايڪسري ئي ٿي سگهيو، باقي سڀاڻي اچجو، مطلب مريض مرڻ تي هجي ان کي ٿا چون سڀاڻي اچجو، پر مان همت ڪري طبعيت تي ڪنٽرول ڪيو، خير وڏي ڀاءُ چيو توهان ڊي سي ايئرپورٽ جي آفيس پهچو اتي ٽيم ويٺي آهي اهي ٽيسٽ ڪندا ته ڪرونا آهي يا ناهي، اتي پهتا سين انهن ٽيسٽ ورتو رزلٽ 2 ڪلاڪ بعد ملڻ جو چئي ڪجهه دوائون تجويز ڪري گهر ۾ الڳ ڪمري ۾ بند ڪري رهڻ جو مشورو ڏنو ويو، الله ڀلو ڪري ڊاڪٽر عمران شيخ صاحب جيڪو سول هسپتال ۾ فون تي رابطي ۾ رهيو ان مسلسل گائيڊ لائين ڏني، همٿ ڏيندو رهيو، پر منهنجو ضد ته هسپتال داخل ٿيان ان چيو توههان ٿوري همٿ ڪيو ٻاڦ وٺو ، ٿورو اونڌا ٿي س سمهو بهتر محسوس ڪندئو..خير اتي ڇهه ڏينهن ٿي ويا ، بي پي ، ۽ آڪسيجن گهٽ وڌ ٿيندا رهيا، اهي سمورا ساز مان وٺي ڇڏيا، ...خدا جي ڪا مار پوندي انهن ميڊيڪل جي ساز سامان کپائڻ واران کي الله انهن کي هدايت ڏي، باقي سائين هن ڏکي مهل ۾ به ماڻهن جي ابتي کل ٿا لاهن...خير اٺين ڏينهن تائين مان جنگ وڙهي پنهنجي ساهه ۽ بلڊ پريشر ۽ پنهنجي اعصابن توڙي ڪمزوري سان...نائين ڏينهن ٿوري تبديلي محسوس ٿي ، طاقت جي دوا ، نمڪول، ماني، يخني، پيئندو رهيس، ..ڪمزوري اهڙي ٿي وئي جو باٿ روم تائين وڃڻ محال ٿي ويو، بس الله جو ذڪر ۽ ابي ۽ امڙ دوستن گهر واري جي دعائون ساڻ هيون جن سان طبعيت سڌرڻ لڳي، اڄ الله جو احسان آهي ڏهون ڏينهن آهي مان گهر جي ڪمري ۾ بند آهيان، سوچيم اهو تجربو اوهان سان ونڊ ڪيان، اوهان کي خاص دعا جي اپيل آهي ته مون سميت سڀني مريضن جي صحت لاءِ دعا ڪجو، صحت کي نعمت ڄاڻو ، احتياط ڪيو، ڪرونا کي مذاق نه سمجهو، اهي سب علامتون مون محسسوس ڪيو جيڪي ڪرونا جي مريض لاءِ ٻڌايون ويون آهن، واقعي، بخار ٿيو، لڱ ڀڳا، انتها درجي جي ڪمزوري، سنگهڻ جي صلاحيت ختم، ساهه جو ٻوساٽجڻ، سمورو لقاءُ پاڻ جهيليو اٿم. شڪ جي ڪا به گنجائش ناهي رهي، اڄ ڏهين ڏينهن سنگهڻ جي حس ٿوري بحال ٿي آهي، ڪمزوري به ڪجهه بهتر ٿي آهي، بس اوهان سڄڻ دعا ڪندا ته باقي معاملو به انشاءالله جلد حل ٿي ويندو ءُ پنهنجي سهڻي حبيب صلي الله عليه وسلم جن جي صدقي هي وبا هن سموري دنيا مان جلد ختم ٿي ويندي....
    هيٺان اپاءُ وٺڻ گهرجن ...
    الله ج ۽ ان جي حبيب صه جو ذڪر هڪ ساعت لاءِ به نه روڪڻ
    ٻاڦ هر ٻن ڪلاڪن کانپوء
    رات جو زيتون جو تيل نڪ ۾ سنگهڻ
    ڪاڙهو ، ادرڪ، دارچيني، لونگ جو ٻه ڀيرا ڏينهن ۾
    نمڪول جو پاڻي 8 گلاس روزانو
    زنڪ جي ٽيبليٽ جيڪا معتبر مارڪيٽ ۾ هجي،
    ڊاڪٽر جيڪا ٽڪي تجويز ڪري سيني جي انفيڪشن لاء وقت تي
    ساهه ٻوساٽجڻ لڳي ته اونڌو ٿي سمهويا سجدي واري حالت ۾ ڪجهه دير رهو
    آڪسيجن ميٽر تي هر ڪلاڪ کانپوءَ ليول چيڪ ڪيو
    بي پي ميٽر تي به چيڪ ڪندا رهو
    ڊاڪٽر جيڪي ڳالهيون سمجهائين ان تي مڪمل عمل ڪيو..
    ۽ سڀ کان اهم پنهنجي اعصابن کي ڪنٽرل ۾ رکو ان لاءِ الله جي ذات تي ڪامل يقين ۽ ان جي ذڪر کي هڪ لمحي لاءِ به نه ڇڏجو، ڇو ته ڦڪيون تڏهن ئي فرق ڪنديون جڏهن ان پالڻهار جو امر هوندو،،، ۽ بيشڪ رب جي ذات اسان جي ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ آهي،،
    آخر ۾ دوستو مون جهڙي ماڻهو ڪرونا کي مذاق سمجهيو ۽ ڪوڙو چوندو رهيس، پر نه ٻيلي وڏي احتياط ڪيو، پنهنجو خيال رکو سڀني مريضن لاءِ دعا ڪيو، الله جو اهو احسان آهي جو مان اڄ هي مضمون لکي رهيو آهيان، پنهنجي ڪمري مان، اڃان ٿورو مرحلو آهي، رب جي ذات اهو به جلد آسان ڪندي ۽ زندگي جلد معمول تي اچي ويندي...
    ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     
    آخري ترميم: ‏23 جون 2020
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,649
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شڪر الحمد الله .. توهان جي طبيعت ۾ بهتري آهي... سٺي ڳالهه آهي... !
    حقيقت ته اها آهي ته اهي نشانيون اڪثر ماڻهن ۾ موجود آهن... منهنجي آفيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ 50 سيڪڙو ماڻهن ۾ ساڳيون نشانيون آهن.. ڪي خوف کان ٻڌائين نه ٿا.. ۽ ڪي وري نظر انداز ڪيون ويٺا آھن.. !!
    اللہ پاڪ معافي فرمائي... ۽ دعا آھي تہ ھن وبا جو جلد ازجلد خاتمو ٿئي.. آمين
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    الحمد الله طبعيت بهتر ٿي رهي آهي، دعائن ۾ ياد رکجو الله پاڪ اوهان سڀني کي محفوظ رکي، باقي سڀني کي هڪٻئي جو خيال رکندي جئين ڪي اهڙيون علامتون ظاهر ٿين ترت ئي پنهنجي حفاظت جو انتظام ڪرڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو