سنڌي موسيقيءَ جو صوفي راڳي گجڻ فقير اوڏ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي موسيقيءَ جو صوفي راڳي گجڻ فقير اوڏ

    مير چند اوڏ

    موسيقي روح کي سرور بخشيندڙ هوندي آهي ته وري موسيقي اداسين، مايوسين، ڪرب، پرين جي پيار جي احساس کي ترو تازو پڻ ڪريو ڇڏي. موسيقيءَ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي فنڪارن موسيقي جي حوالي سان سٺو نالو پڻ ڪمايو جن جي دنيا تياڳڻ پٺيان به آواز جو جادو اڄ به ٻڌڻ سان سحر طاري ڪريو ڇڏي. اهڙن راڳين منجهان سنڌ جو سريلو ڪلاسيڪل راڳي گجڻ فقير اوڏ پڻ هڪ هو.
    گجڻ فقير اوڏ جي پيدائش پاڪستان ٺھڻ کان ھڪ سال اڳ يعني 1946 تي ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ نئون ڳوٺ سهتو ۾ منگل مل اوڏ جي گهر ۾ ٿي. 14 سالن جي عمر ۾ مال چاريندي ريڊيو تي موسيقي ٻڌڻ سان گڏوگڏ جهونگاريندي سندس موسيقيءَ سان لڳاءُ ٿيو.
    گجڻ فقير اوڏ شروعات ۾ سنڌ جي نالي واري ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار علي خان دايو جي لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيل اڪيڊمي منجهان راڳ جي سکيا ورتي. سکيا دوران ٻيا راڳي مولا بخش مري، خدا بخش ۽ عابده پروين به گڏ سکيا وٺندا هئا. ان کان پوءِ استاد ھوت فقير کان پڻ ڪجه راڳ جي سکيا ورتي. گجڻ فقير اوڏ جو گهڻو لاڙو صوفي ازم ڏانهن رهيو، خاص طور تي سندس ڀٽائي سرڪار سان تمام عقيدت ۽ محبت هوندي هئي. اهو سبب آهي جو هن پنهنجي نالي سان گڏ فقير سڏائڻ لڳو. هن ۽ پنهنجي ڳايل ڪلامن ۾ صوفي بزرگن شاھ عبداللطيف ڀٽائي، مهدي سائين، سچل سرمست، غلام عباس ڀنڀرو کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي شاعري ڳائي. هن سنڌي، سرائڪي ۽ اردو سان گڏوگڏ پنهنجي مادري ٻولي اوڏڪيء ٻولي ۾ پڻ ڪلام ڳائي خوب مقبوليت ماڻي .
    هن راڳي جا سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ڳايل ڪلام ڪيسٽن جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ پڻ آيل آهن. جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ 10 البم ۽ 1 البم اوڏڪي ٻوليءَ ۾ پڻ رليز ٿيل آهن.
    ورهاڱي جا وڍ ٻين سان عام ماڻهن ۽ فنڪارن سان گڏوگڏ گجڻ فقير اوڏ جي حصي ۾ به رهيا، جنهن دوران سنڌ ۾ رهندڙ سندس مائٽن جو وڏو انگ هندستان هليو ويو. هتان لڏي ويل هن جي مامي وزير چند اوڏ جو تعلق ناليواري شاعره، ليکڪا، اديب ۽ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سيڪشن جي پروڊيوسر وينا شرنگي (جنهن جو اصل تعلق شهدادڪوٽ سان آهي) سان ڌرم ناتو هئڻ ڪري گجڻ فقير کي آل انڊيا ريڊيو تي پڻ متعارف ڪرايو. آل انڊيا ريڊيو تي سندس 21 ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن جنهن ۾ پاڪستان جي شاعرن جي شاعري شامل آهي. انهن ڪلامن ۾ بابا بلھي شاھ جو بہ هڪ ڪلام "انت بحر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بنايا" ڪلام بہ رڪارڊ ڪيو جنهن هندستان جي سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ سٺي مقبوليت ماڻي . وينا شرنگي صاحبه جي ميزباني هيٺ هن صوفي راڳيء جو 23 منٽن جو انٽرويو پڻ رڪارڊ ٿيل آهي. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي سندس ڪل 8 ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن . ريڊيو پاڪستان خيرپور تي سنڌ جي نالي واري شاعر، اديب، ليکڪ ۽ پروڊيوسر مختيار ملڪ صاحب متعارف ڪرايو. سندس ڳايل ڪلامن ۾ "پاسو ڙي پاسو سهڻن کان ڪجو پاسو" ۽ اوڏڪي ٻوليءَ ۾" ڏيِئا سئو اڌارا، جواگر ويچارا" خوب مشھوري ماڻي.اهو ئي سبب هو جو کيس پي ٽي وي تي پروڊيوسر سميع بلوچ متعارف ڪرايو ۽ پي ٽي وي تي پڻ ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ڪيائين . کيس سيد صالح محمد شاھ جي "ڪچهري" پروگرام ۾ پڻ ٻه ڀيرا موقعو پڻ ڏنو ويو.
    گجڻ فقير اوڏ کي سرڪاري توڙي نجي محفلن ۾ تمام گهڻو ٻڌو ويندو هو، کيس سچل سرمست ڪانفرنس ۾ پڻ ڳائڻ جو موقعو پڻ ڏنو ويندو هو . فني خدمتن جي حوالي سان کيس ڪيترين ئي تنظيمن پاران ايوارڊ ، سرٽيفيڪيٽ۽ نقد انعامن سان نوازيو ويو.
    هن راڳ جي دنيا ۾ ڪيترا ئي شاگرد به پيدا ڪيا. سندس شاگردن ۾ صاحب اوڏ، نوڪر اوڏ مشهور رهيا جن سٺي مقبوليت ماڻي. ان کان علاوه هن پنهنجي پٽ برسڻ اوڏ کي به راڳ جي سکيا ڏني جنهن پڻ ڪيترين ئي محفلن ۾ ڳايو پر کيس معاشي ۽ سماجي مسئلن جي ڪري سنگيت جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو نه ملي سگهيو.
    گجڻ فقير اوڏ فنڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو شاعر پڻ هيو، جوانيءَ جي جوش ۾ رهندي نيٺ ڪنهن سان اکيون اڙجي پيون ۽ هڪ رات سندس خواب ۾ پنهنجي پرينءَ کي پسڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي صورت ۾ چند سٽون جوڙيون ۽ ايئن ئي شاعري جي شروعات ڪيائين. اوڏڪي ٻوليءَ سان انسيت هئڻ ڪري اوڏڪي ٻوليءَ ۾ پڻ شاعري ڪيائين. اوڏ عورتون شادي وهانءَ جي موقعي تي اڪثرسنڌي ٻوليءَ ۾ سهرا ڳائينديون آهن ۽ ان ضرورت کي محسوس ڪندي گجڻ فقير ڪجھ سهرا اوڏڪي ٻوليءَ ۾ تيار ڪري ڳايا، اهڙيء طرح هن اوڏڪي ٻوليء جي واڌاري لاءِ ڄڻ ته هڪ جاکوڙ ڪئي. سندس ڳايل اوڏڪي ٻولي ۾ ڪلام اڄ به اوڏ برادري ۾ مقبول آهن. سندس اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ڳايل ڪلامن ۾ اوڏ برادري جي مدي خارج ريتن رسمن جي نندا ، صوفي ازم جي پرچار ، ايڪي ۽محبت جي جهلڪ پڻ نمايان نظر اچي ٿي.
    زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ کيس دم ، دل جي بيماري ۽ فالج جو حملو ٿيو پر افسوس جو ثقافت کاتي پاران سندس ڪا به سار نه لڌي وئي ۽ هي ڪلاسيڪل راڳي 70 سالن جي ڄمار ۾ 19 مئي 2016 تي هميشه جي لاءِ پنهنجي چاهيندڙن کان وڇڙي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو