يگانو ليکڪ آدرش

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,868
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يگانو ليکڪ آدرش

    مخمور رضا

    روايتي لفظ ” هيلو“ چوڻ بدران ڪال اٽينڊ ڪندي ئي پنهنجي مخصوص انداز ۾ چئي ڏيندو ” مخمور رضا ميمڻ“ اُن کان پو هلڪا هلڪا ٽهڪَ فضا ۾ ايئن اُڏائيندو ڄڻ ڪوئي ڪبوترائي، هوا ۾ ڪبوتر اڏائيندو هجي، هن يگاني ليکڪ جنهن جي ڇٺيءَ جو اسم ارشاد احمد شيخ آهي پر اسان سڀ کيس آدرش سان ئي سڃاڻو ٿا ان آدرش جا ٽهڪَ بلڪل ڪبوتر جي اڏارن واري ڦڙ ڦڙ واري آواز جهڙا محسوس ٿيندا آهن، آدرش جي چهري تي مرڪن جا ملاکڙا نظر ايندا آهن، آردش جا وڏا وڏا ٽهڪ زندگيءَ ۾ کن پل لاءِ رونقن جا رنگ ڀري ڇڏيندا آهن، ۽ دل جا اُجڙيل کيت سرسبز ٿي ويندا آهن، اهي ٽهڪَ اُتساهه بخشيندا آهن ساهه کڻڻ ۾ سڪون ارپيندا آهن، هن محبوب ليکڪ جي ذاتي زندگيءَ ۾ يا سندس لکڻين ۾ ڪڏهن به مايوسيءَ يا اداسي جهڙي ڪا به ڳالهه ڪَرُ کڻندي ناهي ڏٺي، بلڪه اهڙيون ته ڳالهيون ڳائيندو آهي جو کِلي کِلي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو آهي، ۽ اُهو پيٽ جو سور به ڪيڏو وڻندڙ هوندو آهي.
    جنهن شهر جو آچار اسان عزيزن، دل وارن کي کي خوشيءَ سان سوکڙي طور پيش ڪندا آهيون، ان شهر شڪارپور سان تعلق رکندڙ هي يگانو شاعر، ليکڪ ڪتابن ۽ رسالن جو عاشق آهي، سندس ڪتابَ ئي چاهت آهن، سندسَ ڪتابَ ئي بندگي، جهڙي خلوص ۽ محنت سان هڪ ليکڪ ڪتابَ لکندو آهي، آدرش پڻ اهڙي دلچسپيءَ سان ڪتاب جو مطالعو ڪندو آهي.
    آدرش مذاحيه انداز ۾ سنجيدگيءَ ڀريون ڳالهيون ڪندڙ وقت جو وتايو فقير لڳندو آهي، هن مذاحيه انداز رکندڙ سنڌ جي ليکڪ جون لکڻيون وقت جون آرسيون آهن جن ۾ سماجي بڇڙائن جون صورتون پَسي سگهجن ٿيون.
    مون کي ذاتي طور اهڙا ماڻهو متاثر ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا جيڪي ڪنهن جي به خوش آمد جا گيت ڳائڻ جا قائل ناهن هوندا، جيڪي درٻاري ناهن هوندا، جيڪي ارڏائيءَ جي آڌار تي هميشه پنهنجي دل جي پيچ پڪڙي اڳتي وڌندا رهندا آهن، انهن مان هڪ آردش پڻ آهي.
    آردش جي هڪ ڳالهه انمول لڳندي اٿم ۽ ڏاڍي پسند به آ، هن کي جيڪو ڪتاب يا رسالو پسند ايندو آهي ته شڪارپور جي ڳلين ۾ کڻي گهمندو ڦرندو آهي جتي ڪو اديب نظر اچي ويس ته سلام ڪري کيس چوندو هي ڪتاب وٺ ضرور پڙهجان، ۽ جن دوستن تائين پهچي ناهي سگهندو ته انهن کي ڪال ڪري ڪتاب پڙهڻ جو مشوَرو ڏيندو آهي، آدرش جنهن انداز سان دوستن کي ڪتابُ پڙهڻ لاءِ پيش ڪندو آهي يا مشوَرو ڏيندو آهي ته اڳلي جي دل هرڪي پوندي آهي ڪتابُ جو واس وٺڻ لاءِ، نه ته اڪثر هتي هڪ ٻئي جي پيرن هيٺان ڌرتي کِسڪائڻ وارا موجود آهن. ٻين جي سٺي ڪم جي ساراهه ڪرڻ ۽ ٻين کي اُتساهه جو نور ڏيندڙ ماڻهن جو هلڪو تمام ننڍڙو آهي.
    آدرش نثري نظم جهڙي سهڻي صنف جو هڪ سيبتو ڪوي آهي.
    نثري نظم جو ڪتاب” بارش ۾ وسارڻ جهڙيون ڳالهيون“ پڙهبو ته اندازو ٿي ويندو ته آدرش وٽ ڪيترو نثري نظم جو فن موجود آهي. هن ڪتابَ ۾ ڪو اهڙو نظم موجود ناهي جنهن کي پڙهجي ته مزو نه ڏي ته اڌ ۾ ڇڏي ورق اُٿلائي وري ٻيو نظم اکين سامهون رکي پڙهڻ لڳجي، بلڪه سڀ اهڙا نظم شامل آهن جن کي جيترا ڀيرا پڙهبو ايتري ئي تشنگي وڌندي رهندي.
    هن ارڏي ڪويءَ جي نظمن ۾ احساسن جا اولڙا جرڪا ڏيندي ملن ٿا، هن جي نثري نظمن کي ڪوڙي واکاڻ جي مالها پارائڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
    اگر قدر واري نگاهه کڻي هڪ ڀيرو نظمن تي ڌيان ڌبو ته نظم پاڻ ٻڌائيندا ته اسان جي رڳن ۾ ڪيترو شاعراڻو فن ڀريل آهي، منهنجي مٿي ڪيل ڳالهه درست لڳندي اگر هن نظم تي نظر رکبي ته:

    ” فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي،
    چشمي ڀرسان
    هڪ ٽوڪريءَ ۾ سفيد گل پيو آهي،
    اُها ٽوڪري
    چشمي ۾ تڙ ڪندڙ ڇوڪريءَ جي آهي،
    گهوڙي تي ويندڙ مسافر،
    فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ته،
    گل ٽوڪريءَ ۾ آهي يا چمشمي ۾؟“

    هي روناموي نظم پڙهجي ٿو ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ذهن جي پردي تي ڪا رومانوي مووي پروجيڪيٽر ذريعي پيش ٿي رهي هجي، اُهي سڀ خيال، چشمو، گل، ٽوڪري، ڇوڪري گهوڙي سوار مسافر هي سڀ عڪس جرڪي پون ٿا ۽ جيڪي روح کي ڪتڪتائي وجهن ٿا، پوءِ هلڪي گلابي لبن تي مسڪراهٽ ڦهلجي وڃي ٿي. ايتري ۾ بي ساخته دل جي زبان مان واه واه جا آواز گونجڻ لڳن ٿا.
    آدرش جا نثري نظم غربت ۽ مفلسيءَ جا پورٽريٽ آهن جن کي محسوس ڪرڻ سان گڏ ڇُهي به سگهجي ٿو، جن کي پڙهي اندر ۾ ڳوڙها پڻ ڳاڙي سگهجن ٿا،
    هن نظم ۾ غربت جو عڪس هنياءُ ڏاري ڇڏي ٿو:
    " اسان
    رات جو
    ائين سمهندا آهيون،
    جيئن ماچيس ۾
    تيليون پيون هونديون آهن،"

    آدرش شين کي پرکي پيش ڪرڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو،
    هڪ هي نظم به واه واه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو:

    "هن جي نيڻن ۾ ڏٺم سمنڊ ننڍڙو لڳو،
    ماءُ کي گهر ۾ ڏٺم بشت ننڍڙو لڳو،
    محبوب کي جاءِ نماز تي ڏٺم، خود خدا ننڍڙو لڳو.“

    آردش جيتري نثري نظم ۾ دسترس رکي ٿو ايتري ئي نثر ۾ پختگي پڻ رکي ٿو،
    آدرش جي مضمونن جي گهر جو بنياد سچ ۽ سچائيءَ تي رکيل آهي، هي هر ڪوڙي يا دوکي سان ڀريل ڳالهه جي مُنهن تي سچائي جي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو، ڪنهن به راڪاس جو خوف سيني ۾ نه ٿو پالي، بلڪه ڪُڌي بُلائن کي للڪارڻ عبادت سمجهي ٿو،
    آدرش هڪ اصول پرست انسان آهن هن انسان کان منافقت گهڻي دور رهندي آهي يا کڻي ايئن چوان ته هن کي منافقت ۽ منافقن کان سخت نفرت آهي.
    تڏهن ته نام نهاد ماڻهو ڪوڙ جي آڌار تي اڄ به آردش جي لکڻين جون راهون روڪڻ جي جستجو ڪندا رهن ٿا. اُهي شايد بي خبر آهن ان ڳاله کان ته سچ پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهي هلندو آهي، سچ جي هڪ واٽ تي ڍينگهر يا ڪاوا وڇائبا ته سچ وري نئين راهه جوڙي منزل طرف وڌڻ لڳندو.
    آدرش هڪ سٺو تنقيد نگار به آهي. هي شڪارپور جو مست تنقيد ۾ ڪا رعايت ناهي رکندو جيڪا ڳالهه درست هوندي ان کي گهمائي ڦيرائي چوڻ بدران چِٽي کِري ٻوليءَ ۾ چئي ڏيندو پويان اهو به نه سوچيندو ته تعلقات تي ته خراب اثر نه پوندو يا دوستيءَ جي شيشي ۾ ڏار ته نه ايندو، بس اللّٰه توهار ڪري ڏيندو آهي.
    اچو ته هن وقت جي وتائي جي تنزيه ۽ مذاحيه ڳالهين ۾ پنهنجي پرڪارن جون حقيقي صورتون پسيون ۽ جنهن انا جي خول ۾ رهون ٿا ان مان ٻاهر نڪري اچون!

    ڪاوش ميگزين 12 جولاءِ 2020ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو