رب ۽ بندَي جي وچ ۾ دوستي

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڪچهري______________________________________________

    رب ۽ بندَي جي وچ ۾ دوستي

    صراط بلوچ

    سائين سنڌجي ٻهراڙين ۾ ڪچهري جو رواج رهيو آهي، هلندو اچي، اڄ به آهي. ڪچهري ڪيترين ئي قسمن جي ٿيندي آهي. هن جا انيڪ موضوع ٿين ٿا. ان سان گڏ ڪچهري جي مورن جا به ڪيترائي قسم آهن. ڪي شاعر، ڪي ڀوڳائي، ڪي ڪهاڻين ٻڌائڻ جا ماهر، ڪي قصن سان عوام کي لطف اندوز ڪندڙ تي ڪي وري درويش به شامل آهن. سنڌ درويشن، الله وارن، معرفت ۽ عرفان وارن جي ڌرتي سڏي وڃي ٿي. اُهي الله وارا اُهي دوريش اُهي فقير اهي عارف سنڌ اندر ماڻهن سان، ان ڪچهري جي ذريعي پنهنجو رشتو قائم رکن ٿا. ماڻهو هنن وٽ هنن جي ڪچهري ٻڌڻ جي لاءِ سيڙهجي وڃن ٿا. هنن جون ڳالهيون هنن جا گفتا هنن جا سخن ٻڌڻ لاءِ هنن جي ڪچهرين ۾ شرڪت ڪن ٿا.سنڌ اندر مذهبي رواداري ۽ برداش ۾ان قسم جي روحاني ڪچهرين جو تمام وڏو حصو آهي. هن قسم جون ڪچهريون، انسٽيٽيوٽ جو درجو رکن ٿيون، هي ڪچهريون علمي درسگاهن کان گهٽ هرگز نه هونديون آهن. ڇو ته هنن ۾ ماڻهن جي تربيت ٿئي ٿي. ان ئي قسم جي هڪ ڪچهري ۾ وڃڻ ٿيو. ڪچهري پئي هلي، ڳالهيون پئي ٿيون، حال احوال پئي ٿيا. خبر مان خبر ٿي نڪتي. هڪ ڳالهه، ٻئين، ٽئين، مطلب ته ڪچهري ڪافي ڪرار واري هئي. هلندي هلندي، ڳالهه اچي پهتي شاعرن سڳورن تي. هنن جي جرئت کي ڪنهن سلام پيش ڪيا ته ڪنهن وري تنقيد جو نشانو بڻايو. ڪنهن چيو ته هي بندگي کان نڪريون وڃن، هي پنهنجي بندي هجڻ جي حد کي اورانگهيون وڃن. الله پاڪ سان بي تڪليف ٿيو وڃن. سائين ان ڳالهه تي، اتي موجود هڪ درويش صفت شخص ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سڀ جا سڀ ماٺ ٿي ويا. سڀ جا سڀ خاموش ٿي ويا. هر هڪ جو ڌيان هن طرف ٿي ويو. هنن جون سماعتون متوجهه ٿيون. هن ڳالهائيندي چيو ته بابا ڳالهه صفا آسان آهي. هن ۾ منجهڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. پريشان ٿيڻ جي ڪابه خبر نه آهي. حيرت ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، نه ئي ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪا ڳالهه آهي. عام ماڻهو ۾ ۽ هڪ درويش شاعر ۾ ٿورو فرق هوندو آهي. هنن جي سوچ ۾ ڪجهه تبديلي هوندو آهي. عام ماڻهو جي سوچ الڳ ته شاعر جي سوچ وري الڳ هوندي آهي. شاعر جي دنيا الڳ هن جي سوچ الڳ هن جي سمجهه الڳ. اهيو ئي سبب آهي جو هو بندگي کان ٿورو اڳتي نڪري وڃي ٿو. الله ۽ پنهنجي وچ وارَي، هن بندگي واري مفاصلي کي عبور ڪري اڳين منزل ۾ پهچي ٿو. بندگي کان اڳين، بندگي کان اڳتي واري ان منزل جو نالو آهي دوستي. جڏهن ڪو درويش شاعر بندگي جي منزل عبور ڪري دوستي جي منزل ۾ داخل ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙيون خبرون ٿو ڪري جيڪي بندگي جي معيار کان مٿي جون هونديون آهن. مالڪ ۽ مخلوق جي وچ ۾ راز ۽ نياز کان اڳتي دوستي جي دائري واريون هونديون آهن. هر ڪنهن کي خبر آهي ته دوست سان ڳالهائڻ جو انداز ڇا هوندو آهي. دوست سان ڳالهه ڪبي آهي صاف ۽ چٽي. ٻيائي کي ويجهو اچڻ نه ڏبو آهي. ڪا خوشامد نه ڪبي آهي. ڪا انڪساري نه ڪبي آهي. بس اهو ئي سبب آهي جو ڪو شاعر، الله کي جڏهن پنهنجو دوست سمجهڻ لڳندو آهي ته ان سان ڳالهائڻ جو انداز الڳ هوندو آهي. پوءِ اهو انداز الله جي مخلوق کي هرگز نه وڻندو آهي. الله جي ٻانهن کي ان ۾ گستاخي نظر ايندي آهي. پر حقيقت ۾ اها گستاخي هرگز نه هوندي آهي. اها سچائي هوندو آهي جيڪا هڪ دوست ٻئي دوست سان پنهنجي اندر جا راز بيان ڪندي ظاهر ڪندو آهي. اوهان کي شايد هن روايت جي خبر هجي ته هڪ ڏينهن سائين ڀٽائي گهوٽ سڳوري جي سامهون جڏهن ننڍڙو سچل سرمست آيو ته سائين ڀٽائي گهوٽ چيو، اسان جيڪا ڪُني(ديڳڙي) چاڙهي آهي، تنهن جو ڍڪ هي ٻار لاهيندو. ڀٽائي گهوٽ هڪ شاعر هو ۽ شاعر ۾ الله سان دوستي واري ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي پر مرشد ڀٽائي پنهنجي ان دوستي واري ڪيفت جو ذڪر ان دوستي واري لهجي کي ڪڏهن به نه اپنايو. سدائين الله جي اڳيان نوڙت ڪيائين. پنهنجي شاعري ۾ الله سان دوست ٿي ڪڏهن به هم ڪلام نه ٿيو آهي. رب ۽ بندي واري رشتي جو ڀرم خوب نڀايو اٿائين پر سچل کي ڏسندي ئي پنهنجي اندر ۾ موجود الله جي ان دوست واري خبر کي سچل جي حوالي ڪندي چيائين ته هي اسان واري چڙهيل ڪني جو ڍڪ لاهيندو. پوءِ اهيو ئي ٻار جڏهن شاعري ڪرڻ لڳو ته ان ڪُني جو ڍڪ اهڙي ته انداز سان لاٿائين جو مرڳو مذهبي ملن جون پڳون ان ڍڪ لاهڻ سان گڏ لهڻ لڳيون. سچل جو خدا سان بي تڪلف ڳالهيون، مذهبي ملن کي پريشان ڪرڻ لڳيون. سچل الله کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”مون ته توکي نه چيو هو ته مون کي ٺاهه، پاڻ ٺاهيو اٿئي“، ته ڪڏهن وري چوندو آهي ته ” جهڳڙو تنهنجو ۽ ابليس جو هو ان ۾ مون کي تون ڇو اڙائي ڇڏيو.“ هن قسم جون ڳالهيون ٻين به ڪيترن ئي شاعرن ڪيون آهن. هن قسم جون ڳالهيون جيڪي صوفي شاعرن سڳورن پنهنجي شاعري ۾ ڪيون آهن سو هڪ دوست جي سچائي، دل جي ڳالهه پنهنجي دوست جي سامهون هوندي آهي. ڳالهه بس ايتري آهي جيڪا مذهبي ماڻهن کي نٿي وڻي ڇو ته هو بس بندگي جي حد کان اڳتي نڪو نڪري سگهن ٿا نه ئي ڏسي سگهن ٿا. ان ڪري ئي هي سڀ ڳالهيون هنن کي گستاخي نظر اينديون آهن. انسان جي الله سان دوستي جو تصور مذهب ۾ موجود آهي. مذهبي مولوي هن جو بيان به ڪن ٿا. پنهنجن تقريرن ۾ ڪئي مرتبه ذڪر به ڪن ٿا الله ۽ بندي جي وچ ۾ دوستي جو. مذهبي ملان چون ٿا ته پورهيت الله جو دوست آهي. هن ڳالهه مان هر ڪو ڀلي پنهنجو مطلب وڃي ڪڍي. ڀلي هن جون تاويلون ڪهڙيون به ڪيون وڃن پر هڪ ڳالهه جيڪا صاف ۽ واضع ٿئي ٿي سا هي آهي ته بندي ۽ رب جي وچ ۾ دوستي ٿي سگهي ٿي. هي ڳالهه ممڪن آهي. بندو پنهنجي رب جو دوست ٿي سگهي ٿو. هاڻ جڏهن بندو رب جو دوست ٿي سگهي ٿو ته پوءِ جڏهن ڪو دوست پنهنجي ئي دوست سان پنهنجي دل جا حال اوري ٿو. پنهنجي دل جا راز بيان ڪري ٿو ته ڪنهن ٽئين کي هرگز عتراض نه هجڻ گهرجي. دوستن جي وچ ۾ موجود هن بي تڪلفي تي تنقيد ڪرڻ جو حق ڪنهن بهتنگ نظر مذهبي پڳدار، ڪنهن مُلي کي نه آهي. ڳالهه سولي سڌي ۽ چٽي آهي. جيڪڏهن ڪو صوفي شاعر، ڪو درويش ڪو خدا وارو، ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا اوهان کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ان ۾ اوهان جو قصور آهي ان درويش جو هرگز نه.

    سائين دوستي جا رنگ به نرالا آهن اسان وٽ وتائي نالي سان مشهور درويش گذريو آهي. هن وٽ هڪ ڳئون هوندي هئي جنهن لاءِ هي ويچارو وڏي محنت سان هِتان، هُتان گاهه پَٺو ڪري ايندو هو. پنهنجي ڳئون کي جڏهن به گاهه اچي ڏيندو هو ته هڪ رولاڪ گڏهه اچي هن جو گاهه کائڻ لڳندو هو. هر روز جو هي معمول هو. نيٺ تنگ ٿي وتائي الله کي مخاطب ٿي چيو ته ڀلا هن گڏهه مان ته منهنجي جان ڇڏائي، روز منهنجي ڳئون جو گاهه کايو وڃي. ڀلا هن گڏ کي ته مار، منهنجي جان ڇٽي، منهنجي ڳئون جي جان آجي ٿئي. دعا بعد گڏهه ته نه مريو اونڌو ڳئون مري وئي. وتايو ويو هڪ انڌي کي وٺي آيو مئل ڳئون جي ويجهو هن کي وٺي چيائين ته ڀلا هٿ ته لائي ڏس هي گڏهه آهي يا ڳئون. انڌي هٿ هڻي چيو ته هي ته ڳئون آهي. وتائي يقدم رب سان مخاطب ٿيندي چيو واهه ڙي واهه هڪ انڌو سڃاڻي وڃي ٿو ته هي ڳئون آهي ۽ توکي خبر نه پئي منهنجي ڳئون ماري ڇڏيئي. سائين هي سڄي ڳالهه دوستي جي آهي. هي حجتون دوستي ۾ ٿيل آهن. جيڪي نه مذهبي ملي کي هضم ٿين ٿيون نه ئي وري ڪنهن مذهبي ماڻهو کي. دوستي ۾ ته ايتري قدر به ٿيندو آهي جو تون ۽ مان واري ڳالهه ئي ختم ٿي ويندي آهي. جيڪو تنهنجو، اهو منهنجو، جيڪو منهنجو اهو تنهنجو. جيڪو تون سو مان، جيڪو مان سو تون بس. اهيوئي سبب هو شايد جو منصور حلاج پنهنجي اندر جي ان ڪيفيت کي ظاهر ڪندي چئي ڏنو اناالحق، مان ئي حق آهيان مان ئي هو آهيان. هن ڳالهه کي سمجهڻ ۾ نه ڪا فارسي هئي نه ئي ڪا مشڪل دوست پنهنجي دوستي جي محبت جي انتها کي بيان ڪندي چئي ڏنو ته اسان ۾ ويڇا آهن ئي نه، مان ئي هو آهيان. بابا بس ڳالهه ايتري آهي جو هي سڀ ڳالهيون رب ۽ بندي جي وچ ۾ دوستي واري منزل اچڻ ڪري ڪيو وينديون آهن. پوءِ دوست سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جيڪا عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي درويش ان تي خاموش رهندا آهن. مذهبي ماڻهن جي واويلا تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندا آهن. ڪير ڇا ٿو چئي ان جي هنن کي ڪابه پرواهه نه هوندي آهي. جنهن کي الله جهڙو دوست ملي وڃي ان کي زماني جي پرواهه ٿيندي به ته ڇو ۽ ڇالا. هو زماني جي پرواهه ڪري به ته ڇو. بس جي هنن درويشن کي ڪجهه چوڻو هوندي آهي ته بس رڳو هڪ ڳالهه ڪري خاموش ٿيندا آهي ته “اري لوگو تمهارا ڪيا مين جانو ميرا خدا جاني”.

    سائين هي ڳالهه ٻڌي هر هڪ سُن ٿي ويو. هر هڪ خاموش ٿي ويو ڪنهن وٽ به هاڻ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. رب ۽ بندي جي وچ دوستي جي خبر کي حاصل ڪري اسان به هن ڪچهري مان موڪلايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو