ثقافت جي نالي تي ٿيندڙ نقلي ڪچهريون(جنوري 2017 ۾ لکيل آرٽيڪل)

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2020۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    وري دل چيو ته فقير سائين ڏانهن ڀيرو ڀري اچجي، وري من جي ڇڪ ان طرف ٿيڻ لڳي. منجهيل من، اداس دل جي دنيا کي ڪجهه اٿت ڏيڻ خاطر, پئي سوچيم ته سائين طرف وڃجي. سنڌ جي ڪچهري جي روايت کي قائم رکندڙ، سنڌ لاءِ پنهنجي پيار کي سيني ۾ سانڍي رکندڙ، شخصيت جي حضور حاضر ٿجي. ٿي سگهي ٿو وري ڪا نئي واٽ، وري ڪا نئي فڪر، ور ڪنهن نئين گس جي ڪا ڄاڻ ملي. منجهيل مت کي، وڪوڙيل سوچ کي من ڪا سونت واري سمجهاڻي ملي پئي.

    جڏهن ان ارادو جواظهار پنهنجي دوست آڏو ڪيم ته هن به حامي ڀري، ضرور هلبو پر ڪهڙي ڏينهن تي هلون. مون چيو ، “سومر کان وٺي جمعي جي ڏينهن تائين واندڪائي بلڪل نه آهي، سو آچر جي رات ٿا رکون ڪچهري ۾ حاضري ڀرڻ جي لاءِ.” جنوريءَ جي هن مثالي موسم جو اصل قرار سائين وٽ ٻرندڙ مچ تي ٿيندڙ ڪچهري ۾ حاضر ٿي ئي وٺي سگهجي ٿو. ڇنڇر جو شام ۾ منهنجي دوست جي ڪال آئي. مون ڪال اٽينڊ ڪئي، صراط تيار آهين نه اڄ هلڻو آهي. جي ها بلڪل هلبو هن چيو منهنجا ٻه دوست اظهارين پيا. مون وراڻيو ته ها، هنن کي به وٺي هل. ائين مغرب کان بعد آئون پنهنجي دوست طرف نڪتس جتان اسان گڏجي ڪچهري لاءِ نڪري سگهون. آئون دوست وٽ پهتس ته اتي هن جا ٻئي دوست به موجود هئا. جنهن سان دعا سلام ٿي. مون واري يار چيو ته ڀاءُ اوهان ڪجهه دير هتي ويهو آئون بس اچان ٿو. اسان مهمان خاني ۾ موجود هئاسين هي اندر ويو. هن جي وڃڻ بعد اتي موجود هنن مان هڪ همراهه ڳالهايو ته سنڌ ۾ ڪجهه سالن کان شروع ٿيندڙ هنن مچ ڪچهرين ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جس هجي هنن مچ ڪچهرين جي اهتمام ڪرڻ وارن کي، وري هنن جي مهمان نوازي کي. انهن ڪچهرين ۾ ٿيندڙ فڪري، شعوري ڳالهه ٻولهه ان سان گڏ سون تي سهاڳو راڳ روپ وري ان سان گڏوگڏ جام جو انتظام وغيره. هنن ڪچهرين کي آرگنائيز ڪندڙ واقعي وڏو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن. شعوري ۽ فڪري طرح سنڌي سماج کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪم سان گڏوگڏ مدي خارج مذهبي ذهنيت جي ندا پڻ ٿي رهي آهي ۽ هنن ۾راڳ روپ ۽ جام جي ذريعي بهترين نموني سان تفريح جو انتظام پڻ ٿي وڃي ٿو. آئون هن همراهه جون خبرون ٻڌي حيران بي ٿي رهيون هيس ته پريشان به. آخر هي خبرون ڪهڙي قسم جون ڪري رهيو آهي. هن کي علم جو اتساهه آهي يا پنهنجي فڪر کي بلند ڪرڻ جو شوق، راڳ هن جي منزل آهي يا مذهب کان بيزاري ظاهر ڪرڻ هن جو ڪم يا وري شراب کي جام جي لفظ سان ڪوٺي ان کي پيڻ ئي هن جو مقصد آهي. ڪچهري ۾ شموليت ڪهڙي مقصد جي ڪري هي ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هن کي تفريح جي ضرورت آهي يا مفت ۾ ملندڙ شراب جي سڪ هن کي ڪچهري طرف مائل ڪري رهي آهي. آئون ان ئي سوچ ۾ گم هيس ته مون وارو دوست به تيار ٿي مهمان خاني ۾ واپس اچي چڪو هو. هن ايندي ئي آواز لڳايو ته هلون. ها اسان سڀ اٿياسين گاڏي هنن همراهن مان ڪنهن هڪ جي هئي. هڪ ڊرائيونگ سيٽ تي وڃي ويٺو ۽ ٻئي مون کي صلاح ڪئي ته سائين اوهان اڳيان ويهون. مون مهرباني چوندي انڪار ڪيو. ويهندي ئي مون پنهنجي دوست کي آهسته چيو “ابا هي ڪير آهن، ڪهڙي مخلوق آهن، ٿوري دير پهرين ته هنن جي ڳالهين منهنجا واڄٽ ئي وڄائي ڇڏيا آهن.” مون واري دوست مسڪرائيندي چيو ته ابا سياڻا صرف اوهان ڪونه آهيو دنيا ۾ ماڻهو پيا آهن. هي ٻئي همراهه ڪميونسٽ نڪتي نظر رڪندڙ آهن. پنهنجا تعليم يافته سنڌي نوجوان آهن، ملن ۽ مذهب جي خلاف آهن، سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ جاکوڙ جو جذبو رکندڙ، جهالت ۽ جهالن کان نفرت ڪندڙ، علم ۽ حڪمت جا حامي آهن.” مون چيو ته “ابا ماشاالله ته پوءِ هنن جو ڪهڙو ڪم فقير سائين جي حضور حاضر ٿيڻ جو. ان ڪچهري ۾ شامل ٿيڻ جو جتي ته خبرون ئي خدائي ٿين ٿيون. جيڏانهن هلي رهيا آهيون اتي نه شراب نه شباب، نه راڳ نه روپ نه ئي ڪنهن کان نفرت جو درس ملي ٿو. ها باقي رهي اها خبر ته علم ۽ حڪمت ته منهنجي خيال ۾هي جنهن علم ۽ حڪمت جا قدردان آهن سو علم ۽ حڪمت به مشڪل سان ئي هنن کي ان ڪچهري مان حاصل ٿئي.” منهنجي دوست چيو ته “ڇا چئي رهيو آهين.” مون چيو ته “ابا هي تو وارا دوست اصل مچ ڪچهرين وارا نه اٿئي. هي موجده دور جي مچ ڪچهرين جا شيدائي آهن انهن نقلي مچ ڪچهرين جا شوقين جيڪي اسان وٽ ڪجهه سالن کان سنڌ جي ثقافت جي نالي تي شروع ڪيون ويون آهن. جنهن ۾ سنڌ جي قديم ۽ اصلي ڪچهرين جا موضوع ئي نه هوندا آهن. سنڌ جون اهي قديم مچ ڪچهريون جيڪي اڃا تائين هلنديون اچن، انهن مان ڪهڙين اندر شرابن جو انتظام ڪيو ويندو هو. ڪهڙين اندر راڳن جو انتظام ٿيل هوندو آهي. ڪهڙين ۾ مذهب کان بيزاري هوندي هئي. هي اصلي ڪچهرين جا نه بلڪي ثقافت جي نالي ته قائم ٿيندڙ نقلي ڪچهرين جا شوقين آهن. هاڻ جتي پاڻ هلي رهيا آهيون، اتي نه ته ڪنهن راڳ جو انتظام آهي نه ئي ڪنهن جام جو. جنهن خدا کان خالي علم ۽ حڪمت جا هي ڳولائو آهن اهي سائين جي ڪچهري ۾ ڪٿي هنن کي ملندا. سائين ته ڦري گهري نيٺ الله کي ڳالهين وچ ۾ ضرور وٺي ايندو. راڳ خلاف ته سائين ڪڏهن به نه ڳالهايو آهي، پر شراب جي حمايت ته سائين هرگز نه ڪندو آهي. مذهب کان بيزاري اهيو ته سائين جي منشور ۾ ئي نه آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته سائين جو مذهب ملن، مولوين وارو نه آهي، سائين جو خدا ملن مولوين وارو نه آهي. سائين جي سوچ ملن يا مولوين واري نه آهي پر تنهن هوندي به سائين مذهب کان بيزار نه آهي، سائين خدا کان پري نه آهي. سائين جي سوچ خدا کي تسليم ڪري ٿي، مذهب کي به قبول ڪري ٿي. تون جو هنن جديد سنڌين کي سائين جي ڪچهري ۾ وٺي ٿو هلين ته هنن جي فائدي جي ڪهڙي ڳالهه آهي ان ڪچهري ۾.”

    منهنجي دوست مون کي چيو ته “اڄ ته تون صفا ڪو مولوي ٿو لڳي. مذهب جون خبرون، خدا جون خبرون، شراب خلاف خبرون. مون وراڻيون ڳالهه اصل ۾ اها نه آهي ڳالهه هي آهي ته هي جنهن ڪچهرين جا شوقين آهن اهي اصل سنڌي ڪچهريون نه آهن ۽ نه ئي هيون. هي موجوده دور جي نقلي ثقافتي ڪچهرين جا مور آهن. جنهن کي سنڌ جي ثقافت کان وڌيڪ راڳ روپ سان گڏ شراب ۽ ڪباب جي ضرورت آهي، جيڪي شيون سائين جي ڪچهري ۾ هنن لاءِ اڻ لڀ آهن ته پوءِ اتي هنن کي وٺي هلڻ جو ڪهڙو فائدو. هي ته علم ۽ حڪمت سنڌ جي انهن اديبن کان حاصل ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ثقافت جي نالي ته برپا ٿيندڙ ڪچهرين کي شراب ۽ ڪباب جون محفلون بڻائي ڇڏيو آهي. آئون ائين نه ٿو چوان ته اهڙي قسم جون مچ ڪچهريون نه ٿيڻ گهرجن، جنهن ۾ راڳ روپ، شراب ڪباب جو دور هلي ٿو. آئون ڪو مذهبي ملو هرگز نه آهيان پر بس رڳو حقيقت پسندي منهنجو ايمان آهي، سچائي منهنجو مذهب آهي. آئون اهيو پوري ايمانداري سان چوندس ته موجده ثقافت جي نالي ته ٿيندڙ ڪچهريون نقلي ڪچهريون آهن هنن جا موضوع به نقلي آهن ته هنن ۾ ٿيندڙ عمل به نقلي آهن. جيڪي اصلي ۽ اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود ڪچهرين ۾ ٿيندو آهي اهو هنن ڪچهرين ۾ نه ٿو ٿئي. ثقافت جي نالي تي ٿيندڙ ڪچهريون سنڌ جي لوڪ جي لوڪ مچ ڪچهرين جو مثال نه آهن هي مثال آهن سنڌ جي وڏيري جي اوطاق تي ٿيندڙ هنن جي محفلن جو، سنڌ ۾موجود رهز پيرن جي گادين تي ٿيندڙ محفلن جو، جنهن محفلن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سنڌي جوانن ۾ نشيءَ جي لعنت کي آڻڻ جو ڪم ڪيو آهي. هي تو وارا دوست سنڌي لوڪ جي مچ ڪچهرين جا نه پر پيرن، ميرن، وڏيرن جي اوطاقن تي ٿيندڙ محفلن جا شوقين آهن سو سائين وٽ ٿيندڙ مچ ڪچهري ۾ شموليت هنن جي وقت جو نقصان ۽ سائين جي ڪچهري جي توهين ٿيندي.”

    مون اڃا ڳالهائي مس بس ڪيو ته منهنجي دوست جي موبائيل تي ڪال آئي. هن ڪال ٻڌڻ بعد ڪار ڊرائيو ڪندڙ همراهه کي چيو ته “ادا ايمرجنسي ٿي پئي آهي سو مون کي يقدم واپس وڃڻو آهي.” هن جي دوستن چيو ته “ادا خير ته آهي هن چيو بس ادا اڄ جو پروگرام ملتوي ڪرڻو پوندو. گاڏي کي واپس موٽائي اسان کي فلاڻي چوڪ تي هلي لاهيو.” هنن اسان کي چوڪ ته لاٿو مون پنهنجي دوست کان پچيو ته “آخر خير ته آهي هن چيو ته ها خير آهي تنهنجن حوالن دوران مون پنهنجي ڀاءُ کي مسج ڪري ڪال ڪرڻ لاءِ چيو هن ڪال ڪئي. بهانو ٺاهيم. تون صحيح پي چيو هي جنهن مچ ڪچهري جي شوق ۾ هئا سان سائين وٽ ٿيندي ناهي جيڪا سائين وٽ ٿيندي آهي ان ۾ هنن لاءِ ڪجهه آهي ڪين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو