سنڌ جي قومي شاعر مھر ڊٻائي کي جنم ڏڻ جي موقعي تي ذولفقار جمالي پاران ڏنل ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ حاجي اويس جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2020۔

  1. حاجي اويس جمالي

    حاجي اويس جمالي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    2 ..11.. ..2019 تي مهر ڊٻائي جي سالگره جي موقعي تي ذوالفقار جمالي جو لکيل مقالو جيڪو ڀيٽا طور پيش ڪيل.......

    سائيم سدائين ڪرين مٿي سڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
    لطيف سرڪار
    قابل احترام -------------------
    حق موجود جيئي سنڌ..!!!
    ڪنول پاڙون پاتال ۾ ڀنور ڀري آڪاس
    ٻنهين سندي ڳالهڙي رازق آندي راس
    تنهن عشق کي شاباس
    جنهن محبتي ميڙيا..!!
    شاه سائين
    اڄ 2 نومبر 2019 تي ڪن سببن جي ڪري ڊٻائي صاحب جي 52 هين سالگره جو پروگرام ڪري رهيا آهيون يا ملهايو پيو وڃي.
    جڏهن ته ڊٻائي صاحب جي جنم جي تاريخ 3 نومبر آهي ان ڪري سالگره جو ڪيڪ 3 تاريخ تي ئي ڪٽيو ويندو,
    مطلب 12 وڳي کان پوءِ ڪيڪ ڪٽبو.
    آئون ڊٻائي کي سنڌ جو پٽ سمجهندي ڊٻائي جي جنم ڏڻ جون وڌايون ڊٻائي جي خاندان کي نه پر سڀني ويٺل دوستن ۽ پوري سنڌ واسين کي دل جي گهراين سان ۽ هن دعا سان پيش ٿو ڪيان ته ڊٻائي هزارين ڄمارون ماڻي ۽ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ لکندو رهي.
    شال منهنجي اها دعا ڌڻي در قبول پئي ۽ سڀني سنڌ واسين کي واڌايون قبول پون.

    ڏجي دانهن ڪنهن کي..؟هتي داد ناهي.
    ٻڌڻ وارو ڪوئي به فرياد ناهي
    بيدادي نگري.!!ڏسي ۽ نه روئي..؟
    ڊٻائي آ شاعر, ڪو جلاد ناهي.

    (ڊٻائي مهر جو ننڍ پڻ.. ..)
    ڊٻائي مهر جي زندگي جي شروعات ئي ڊٻائي مهر جي هڪ نظم جي بند سان ٿئي ٿي..
    حال ان ٻار کان ڇا پڇين ٿو.؟‘
    ماء جنهن کي ڄڻي وئي مري آ..!!!!!
    زندگي آهي يا مشڪري آ......!!!؟؟؟
    اگر اسان ڊٻائي مهر جي زندگي تي وڌيڪ ڪجه به نه لکون ؟
    تڏهن به اسان انهن ٻن سٽن مان ئي ڊٻائي جي ننڍ پڻ جو اندازو لڳائي سگهون ٿا..

    ڊٻائي سان منهنجي واقفيت...

    منهنجي ڊٻائي سان واقفيت ساگر نياز لاشاجي معرفت سن ۾ ٿي ۽ انهين ئي رات وري ساگر نياز سان قاضي احمد شهر ۾ ماني کاڌي سين ۽ سچ پچ ته مون کي ڊٻائي ڏاڍو پر ڪشش لڳو ۽ جڏهن ڪچهري شروع ڪئي سين ته آئون صرف ڊٻائي ڏي ڏسندو ئي رهيس...
    ڇا ته ڊٻائي جو انداز بيان هيو ۽ مون اتي ئي طع ڪيو ته هن مست الست سان وري ڪچهري ڪبي...
    ڇو ته ڊٻائي جي رڳ رڳ ۾ مون کي سنڌ سمايل ڏسڻ ۾ آئي...
    پڪو پختو جيئمسٽ ۽ سن جي مٽي ڀريندڙ لڳو ۽ ائين اسان جي واقفيت ٿي. ..
    پوء ته دوست به بنجي ويا ان ڪري جو اسان ٻنهن جا سور به ساڳيا ته ٻنهن حل به ساڳيو....

    1969 جي ڳاله آهي جڏهن ڊٻائي ڳوٺ وريام جي کوهي ۾ چاچي نصرالله مهر جي گهر ۾ اک کولي ۽ اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو جڏهن ڊٻائي 3 سالن جو ٿيو ته اڪيلو ۽ دادلو ٻار هجڻ ڪري 24 ئيِ ڪلاڪ پنهنجي جيجل ماءِ سان چهٽيل رهيو "تنهنڪري ڊٻائي جي تربيت عام ٻارن کان مختلف ٿي.
    خاص تربيت جي ڪري ڊٻائي پنهنجي امڙ سان بهتر انداز ۾ ڪچهري به ڪري سگهندو هو ۽ ان وقت ڊٻائي جي امڙ ريڊيو ٻڌندي هئي ۽ ياد رهي ته ان دور ۾ ريڊيو عام نه هيو. مخصوص ماڻهن وٽ ريڊيو هوندو هيو. خبرون ٻڌڻ لاءِ به اوطاقن تي ريڊيو رکندڙ ماڻهن کي خاص گهرايو ويندو هيو. ڊٻائي جو گهراڻو مڪمل ملن واري مذهب جو قائل هيو. ۽ مدرسن جا مددي هيا" تبليغي ملن کي مانيون کارائيندا هيا ۽ راڳ کي به حرام سمجهندا هيا" ان وقت ڊٻائي پنهنجي امڙ سان گڏ گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي ريڊيو تي ڪلام به ٻڌندو هيو ۽ پنهنجي ٻاتين ٻولين سان اهي ٻڌل ڪلام ماءِ جي هنج ۾ ويهي ڳائيندو به هيو ۽ کيس ڪلام جهونگارڻ تي ماءِ جي طرفان کوڙ اعزاز ڀاڪرن ۽ چمين جي صورت ۾ به ملندا هئس'' پوءِ هڪ ڏينهن چاچو نصر الله'' ڊٻائي کي هنج ۾ کڻي جڏهن اسڪول پهتو ۽ استاد کي چيائين ته هن کي پڙهائي.
    ان تي استاد وراڻيو ته هن جي عمر ننڍڙي آهي ۽ جڏهن ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گهربل عمر 5 سال آهي.
    تنهن تي ڊٻائي جي والد صاحب وراڻيو ته ڪا ڳاله ڪانهي ڇوڪرو هوشيار آهي ۽ ٻولي به صاف اٿس تون 5 سال لکي ڇڏينس;
    پوءِ ايئن ڊٻائي اسڪول ۾ داخل به ٿي ويو.
    جڏهن 4 ڪلاس ۾ پهتو ته ڊٻائي جي چاچي سندس امڙ کي چيو ته ڇوڪرو ڏي ته شهر ۾ پنهنجي دوستن وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏي اچانس "
    تنهن تي امڙ ها ڪئي.!
    تنهن تي ڊٻائي جي چاچي وراڻيو ته ڇوڪرو مهيني ۾ گهر هڪڙي ڏينهن لاءِ ايندو تون برداشت ڪري سگهندي؟ تنهن تي به
    امڙ ها ڪئي..!!
    پوءِ ڊٻائي جو چاچو جڏهن به گهر ايندو هو ته ڊٻائي جي امڙ کانئس هڪڙو ئي سوال ڪندي هئي ته نور الله کي شهر ڪڏهن ٿو وٺي وڃين؟
    پوءِ ڊٻائي کي سندس چاچو نواب شاه جي اسڪول ۾ داخل ڪرائي آيو ۽ مهيني کانپوءِ ڊٻائي جڏهن هڪ ڏينهن لاءِ گهر آيو ته امڙ جي اکين ۾ ته لڙڪ هئا...!!!!!
    پر چپن تي مرڪ هئي ۽ کلندي کلندي امڙ ڊٻائي کان پڇيو ته منهنجي لاءِ شي آندي اٿئي؟
    تنهن تي ڊٻائي ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۽ ٻي دفعي شي آڻڻ جو وعدو ڪيو.!!!!!!
    ۽ جڏهن ڊٻائي واپس اسڪول ويو ته اٺين 8 ڏينهن سندس چاچو اسڪول پهچي ٿو ۽ ڊٻائي کي گهر هلڻ لاءِ چئي ٿو ۽ ڊٻائي گهر هلڻ لاءِ ها ته ڪري ٿو ...؟؟
    پر اندر ئي اندر ۾ سوچي ٿو ته مونکي موٽڻو ته مهيني تي هو پر اٺين 8 ڏينهن آئون گهر پيو وڃان؟
    سبب ڇا آهي؟
    سوچڻ جي با وجود به سوال نه ڪري سگهيو ۽ ايئن نواب شاه کان وريام جي کوهي تائين هلندڙ ورڙن جي بس جي ڇت تي چڙهي ويٺو ته ياد آيس ته امڙ لاءِ شيءِ .....!!!!؟؟
    ۽ پوءِ بس جي ڇت تان لهي تڪڙ م اڌ ڪلو صوف وٺي ڪٽرائيِ انهن سان گڏ الڳ مصالو وٺي ٿو ..!!
    ۽ وري اچي بس جي ڇت تي ويهي ڳوٺ تائين سوچيندو اچي ٿو امڙ صوف کائيندي ۽ ڪيڏي نه خوش ٿيندي...؟؟
    ۽ امڙ سان ڪيل وعدو وفا به ٿي پوندو..!!!!
    پوءِ جڏهن بس اسٽاپ تي لهي ٿو ته اتان لڳ ڀڳ 2 ڪلوميٽر پنڌ ڪري جڏهن گهر پهچي ٿو ته گهر جي اڱڻ تي ميت رکيل آهي ....!!!!
    ۽ چئو طرف روڄ, راڙو ۽ سوڳوَار ماحول آهي ۽ ڊٻائي ڪٽيل صوف هٿ ۾ کڻي امڙ کي ڳوليندو وتي ٿو......!!!!!!!
    (هزارون منزلين هونگين هزارون راستي هونگي نگاهين هم کو ڏهونڊگي نه جاني هم کهان هونگي)
    هزارين نگاهن جي ته خبر ناهي پر ڊٻائي جون نگاهون ته امڙ کي ڳولينديون رهيون ۽ مٽ مائيٽ سڀ ڊٻائي کي پاڻ ڏي پيا ڇڪين ۽ ڊٻائي امڙ جي تلاش ۾...!!!!!
    پوءِ سندس نانيءِ ڊٻائي کي ڇڪي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو ۽ شايد ڊٻائي جا آندل صوف امڙ جي ٿڌي ٿيل مڙه جي پيراندي رهيا ۽.....
    منڌ مئي وسيلا سڀ ويا.
    شاه سائين
    پوءِ ايئن ڊٻائي جي دنيان ئي اجڙي وئي امڙ جي آواز سان گڏ ريڊيو به بند ٿي ويو. اتان کان ڊٻائي جي شاعري جي شروعات ٿئي ٿي. اهو 77ع يا 78ع جو زمانو آهي ۽ ڊٻائي ابتي سبتي شاعري ڪرڻ شروع ٿو ڪري ۽ اها شاعري خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي امڙ کي ڳائي به ٻڌائي ٿو.
    ائين وقت ڪٽيو ائين عمر لٽي.
    پوءِ اهو شاعري جو سلسلو پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪري 88ع کان 90ع تائين ڊٻائي جي شاعري ميچوئر ٿئي ٿي.! پوءِ سنڌ جا کوڙ ناميارا فنڪار ڊٻائي جي شاعري کي ڳائڻ شروع ٿا ڪن

    جنهن ۾ امام بخش زرداري..ساجد علي ساجد...
    غلام لطيف چانڊيو....بادشاه بوزدار....علي حسن خاصخيلي...سائين بخش رند جيڪو هميشه سازن کان انڪار ڪندو آهي ۽ دل دنبورو ڪري ڳائيندو آهي....
    ڊٻائي جي مهر شخصيت..........
    ڊٻائي مهر گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي..
    يار ويس..اوطاقي. ڪچهري جو مور..سدائين محبتن جا گلن وانگر جهول ڀري هر ملندڙ پوء اهو ننڍو هجي يا وڏو امير هجي يا غريب....؟
    سڀني تي نڇاور ڪندو رهندو آهي.۽ سندس دسترخوان سدائين وسيع رهيو اٿس...
    حالتون ڪهڙيون به هجن پر ڊٻائي سدائين کلندي مليو..
    وڏي ڳاله ته اڪثر دوست ڊٻائي سان پنهنجي ڏکن سورن جون ڳالهيون ته ڪندا آهن موٽ ڊٻائي انهن سان پنهنجا ڏک سور اورڻ بجائي انهن کي اتساه ڏئي کلندي گهر موڪليندو آهي.

    ڊٻائي مهر جي جو فڪر.........

    ڊٻائي مهر جي زندگي ۽ جدوجهد کي سمجهڻ لاء
    لطيف سرڪار جي سر سسئي جي هڪڙي بيت مان سمجهي سگهجي ٿو.
    سرجيس ته سور. .سامائي تان سک ويا .
    اهي ٻئي پور مون نماڻي نصيب ٿيا..
    جيڪر انهي بيت تي غور ڪنداسين ته به ڊٻائي
    جي زندگي کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي....
    .. نور الله جي شروعاتي شاعري ان وقت مجاز جي پهرين ڏاڪي تي ئي لطيف سرڪار جي هن بيت جيان لڳي ته. ...

    تڙ تک تار گهڙڻ ..ئي ڪاڻيارين ڪم
    ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن ۾.... ڏي ڏوراپا ڏم
    عقل مت شرم ٽئي نينهن نهوڙيا....
    لطيف
    عشق مجاز جي کيس اهڙي ئي چوٽ لڳل ٿي ڏسجيس. جنهن ۾ ڊٻائي جون ٽئي اهم حصون
    عقل, مت ۽ شرم نينهن نهوڙي ويو هيو...
    نه رات جي نه ئي ڏينهن جي ۽ نه وري لوڪ لقاء جي پنهنجي منهن سر ڪنٺا ۽ ڪولاوا به هئس ته حال به فقيري..!!
    ڪڏهن پير پٿون ته ڪڏهن وار وڏا.....
    ڪڏهن پيرن جا واسطا محبوب کي ته ڪڏهن سڀ معزز ميڙي محبوب جي در ويٺل ٿو ڏسجي.!
    ڪڏهن محبوب کي احساس ڏيارڻ لاء پکيئڙا به
    اڏارڻ جي ڳاله پيو ڪري...!!
    لطيف سرڪار چواڻي ته....

    ڪڏهن ڪن ته ڪڏهن وات.....
    ڪڏهن ٻڪرو ته ڪڏهن ڪات....

    پوء ڊٻائي صاحب ڪڏهن خاموش ته ڪڏهن واڪا ڪندي ٿو ڏسجي ۽ پوء آهستي آهستي جڏهن اردو شاعري جي هڪ سٽ جيان.
    "اورون کا غم ديکها تو مين اپنا غم بهول گيا''
    انهي سٽ ڊٻائي جو توجه پنهنجن سورن کان هٽائي ٻين جي عشق مجازي جي اڻکٽ مجبورين ڏانهن ڇڪايو..!!!!
    ۽ پوء ڊٻائي صاحب ائين هڪ ڪلام ٺاهيو ته....
    ڏينهن جو ٽريڪٽر ٽالي..رات جو گوبل سورنهن ٿالهي...
    مان نه پنهنجي وس جاني..مان نه پنهنجي وس جاني.
    پوء ائين ڊٻائي جي شاعري ۾ وسعت ايندي وئي...
    اڳتي هلي جڏهن ڊٻائي محسوس ڪيو ته هتي ڪنهن هڪ اڌ يا سماج جي ڪجه ماڻهن سان نه پر سڄي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هر ماه محرم آ ۽ هر ڏينهن ڏهين آ ۽ هر با اختيار جو يزيدي روپ آ... ۽ سنڌ جو چپو چپو ڪربلاءِ جو ڏيک پيو ڏئي...
    ۽ اهڙين حالتن ۾ سنڌ جو شعور سڏائيندڙ يا ڏات ڌڻي چوائيندڙ به بنيادي ۽ ٻرندڙ مسئلن کي ڇڏي هڪ ٻئي تي ڇوه ڇنڊڻ ۾ لڳي وڃن ۽ پنهنجي قوم ۽ وطن جي ويڙهيچن جو سهارو ۽ ڀرجهلو ٿيڻ جي بجاء ذاتي مفادن ۽ فروعي مسئلن ۾ الجهي ويٺل نظر اچن...!!!
    سڄي قوم کي اتحاد, ٻڌي ۽ ايڪي جو درس ڏيندڙ پاڻ ئي سنڌ جي رسيء کي مضبوطي سان پڪڙڻ جي بجاء انتشار جو شڪار ٿي ٽوليون ٽوليون ٿيڻ لڳن..!!؟
    دنيا جي اڳيان ۽ پنهنجي قوم جي اڳيان اهيو عملي طور تي ثابت ڪرڻ لڳن...!!!! ته عام ماڻهون جن لاء قرآن به:: والناس :: جو لفظ استعمال ڪيو آهي انهن کي درست دڳ تي لائڻ وارا پاڻ ۾ ئي گڏ نه ٿا ويهي سگهن ....؟ته پوء قوم کي يڪ جاء گڏ ڪري ۽ صحيح رستي تي ڪيئن ٿو هلائي سگهجي...!!!!!!!؟؟

    ادبي سنگت ايشيا جو وڏي ۾ وڏو فڪري فورم ۽ تنظيم سڏائيندي به سنڌ ڌرتيء جي دردن جو درمان ٿيڻ جي بجاء سنڌ جي سورن جو سامان يعني اجتماعيت جو دامن ڇڏي انفراديت جهڙي بڇڙي بيماري ۾ وڪوڙجي ڌڙن جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي ته
    اهڙي صورتحال ۾ قوم کي جاڳائڻ خاطر ڊٻائي الفيون, ڪنٺا ۽ ڪولاوا پائي سنڌ جي ڳوٺن, واهڻ, وستين توڙي شهرن ۾ گهر گهر گهٽي گهٽي ۽ در در ڀٽائي جو ڀٽ(فقير ) بڻجي صدائون ڏيڻ لڳو بلڪل اياز جي هن سٽن جهڙي ڪيفيت سان......

    هي سئين نه ڏينديئي چين.
    اٿ ڪوئي آيو آه پيارا.....!!!
    اياز

    پوء ڊٻائي پاڻ تي حسينيت لازم قرار ڏئي هن دور جي يزيديت سان پنهنجي قلم ذريعي مهاڏو اٽڪائيو ۽ اهيو اعلانيل چيو ته. ....
    ڀلا دردَ ڪيسين ۽ دهمان رهندا.؟
    اڌُورا اڌُورا نه ارمان رهندا

    فقط حوصلن تي نه ماٺار رکجو
    قدم جوش جذبي سان سرشار رکجو

    مقصد مُقدَّم هجي معاملن کان
    عزم ڄڻ ته مضبوط لوهي چڻن کان

    جنت ڏي حورون به لاڙي نه سگهنديون
    زلفن جي ڀاڪر ۾ واڙي نه سگهنديون

    ڊٻائي ٻُڌان پِيو پرھ جون پڪارون
    “ٖاجهي ڄاڻ آيون وطن تي بهارون“
    ڊٻائي

    اهڙو اعلان ڊٻائي پنهنجي شاعري سان شروع ڪري ٿو جنهن ۾ جدوجهد به آهي ۽ ان ۾ اڳتي ڊٻائي قوم کي خبردار ٿو ڪري ته حُورن جي صورت ۾ خوبصورت رڪاوٽون به اچي سگهن ٿيون ۽ کوڙ ساريون لالچون به ملي سگهن ٿيون پر ماه تي موهجي بيهي نه رهجئو مسلسل جدوجهد ۽ اميد جو دامن هٿان نه ڇڏجئو ته پوءِ سوڀ اڻٽر آه.!!
    توڙي جو ڊٻائي جو قلم اڀرو سڀروئي آهي پر يقين ڄاڻو ته ان قلم ۾ مس غيرت واري اٿس.......
    اڀري سڀري قلم مان منهنجي مراد آهي ته. ...
    ڊٻائيء جي شاعري فني لحاظ کان ڪمزوري ٿي سگهي ٿي ..؟پر فڪري لحاظ کان سچ پچ ته ڪمال آهي.....
    اگر سچ ۾ به جي ڊٻائي جي شاعري فني لحاظ کان مڪمل نه به آهي ته ڪهڙو فرق ٿو پوي....؟؟
    ڇو ته فني پورايون ته مشاعرن ۾ شاعري پيش ڪرڻ لاء ئي ڪيون وينديون آهن ۽ اهي شاعريون صرف فني لحاظ تائين محدود هونديون آهن ۽ هڪ مخصوص ڪلاس لاءِ اهڙي قسم جون شاعريون سرجنديون آهن ۽ مخصوص ڪلاس تائين اهي شاعريون محدود هونديون آهن.
    جڏهن ته ڊٻائي جي شاعري کي فني پورايون ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي.
    ڇو ته ڊٻائي عوامي ۽ قومي مزاحمتي شاعر آهي ڊٻائي جن ماڻهن جي اهنجن ۽ سورن جي ڳاله ٿو ڪري انهن کي فن جي ته خبر ئي ناهي.!
    اهي ته فن مان ڄاڻن ئي ڪونه.! ۽ سچ پڇو ته فني لحاظ کان شاعري ڪيئن مڪمل ٿيندي آهي؟
    اها مونکي به خبر ناهي.! ۽ اهو ئي سبب آهي جو مون جهڙو گهٽ پڙهيل ماڻهون به اڄ ڊٻائي جي شاعري ۽ زندگي تي ڪچو,ڦڪو ئي صحيح..!!! فني لحاظ کان اڻپورو ئي صحيح ....؟؟ پر هڪڙو پنو لکڻ تي مجبور ٿيو آهي.....!!!!!!
    ڊٻائي هر پيڙيل مظلوم ۽ بي اختيار ماڻهوء جي ڳاله ڪئي آهي ۽ اهڙي انداز ۾ ڪئي آه جو لطيف سرڪار چواڻي ته.
    جيئن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا..!!
    ۽ ڊٻائي به پنهنجي عوامي شاعري ذريعي ستل ماڻهن کي جاڳائي ڇڏيو آهي..
    پر اهي اهڙا ته اٻوجه آهن جو هڪ وعدي تي عمريون گذاريو ڇڏين. ..!!!!
    توڙي جو اهو وعدو ويساه گهاتيون ڪندڙن سان ڇو نه ٿيل هجي....!!!!؟؟
    انهن کي فنڪاري نه پر پنهنجن اهجن ۽ پنهنجي ڌرتي جي دردن جو درمان ٿو گهرجي....!!!
    انهن اٻوجهن جا پيٽ خالي ۽ اکيون سدائين آليون رهيون آهن جيئن لطيف چواڻي ته....
    عمر! جا تو مل عيد, سا اسان سوئي ورتي سومرا
    ويا ويچارن وسري, خوشيون ۽ خريد
    سڪڻ ڪيا شهيد, مارو مٽ ملير جا


    ڊٻائي جا هيروز يا ڊٻائي جي شاعري جا هيروز ته سڀ پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا آهن...!!
    ڊٻائي جي گيتن جا ڪردار به ته سڀ پورهيت, هاري ۽ مزدور آهن جن کي فن نه پر بکايل ٻچن لاء انُ ٿو کپي..!!
    ڊٻائي جون سورميون ته سڀ ناحق ڪاريون ٿي مرندڙ ڪنواريون آهن انهن کي فن نه پر جيئندان ٿو کپي...!!
    ۽ سچ پچ ته ڊٻائي انهن ناحق ڪُسجندڙ ڪنوارين جو ڪيس به ڀٽائي جي در تي رکيو آهي.!

    چيم ته سنڌ ۾ اڄ به نياڻيون ڪاريون ٿين.
    ڪونج ڳچين کي ڪسندي ڪرندي ڏٺو اٿم.!!
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئيندي ڏٺو اٿم..........!!
    پنهنجن جي باري ۾ پڇندي ڏٺو اٿم. .......!!!!

    ۽ ڀٽائي به ڊٻائي کان پڇو ته ڊٻائي رپورٽ پيش ڪر وقت جا حڪمران ڇا پيا ڪن..!!؟
    چيائين ته وقت جو حاڪم ڇا پيو ڪري؟
    چيم ته مرشد اهو به سمهندي ڏٺو اٿم..!!!
    رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئيندي ڏٺو اٿم.....!!!!!

    پيٽ بکين ۽ انگ اگهاڙن لاءِ ڊٻائي لڇندي پڄرندي ڦٿڪندي ڏسجي ٿو ۽ اتي بي ساختا چئي ٿو ڏي ته.
    جڏهن ڄٽ توتي حڪمران ٿيندا....!!؟
    ته ڇو ڪونه نسلن جا نقصان ٿيندا..!!

    ۽ وري جڏهن مذهبي مهندارن جا ڪرتوت ٿو ڏسي ته پوءِ ايئن به چئي ٿو ڏي ته.

    شيعو به ڪافر...!!!! سني به ڪافر...!!!!!؟
    مسجد مان اهڙا اعلان ٿيندا....؟
    ته ڇو ڪونه نسلن جا نقصان ٿيندا.!

    وري جڏهن هڪڙي مخصوص ٽولي کان سواءِ باقي خلق خدا کي اسلام مان ئي خارج سمجهڻ واري روايت سامهون آئي ته ڊٻائي هيئن به چيو.

    پهراڻ تسبيح حاجي نمازي..
    ڏاڙھي هجي پوء مسلمان ٿيندا...؟
    ته ڇو ڪونه نسلن جا نقصان ٿيندا.....؟

    جڏهن ڊٻائي ڏٺو ته نياڻين کي هڪ جيترين سان اسڪول موڪلڻ عيب سمجهو پيو وڃي ۽ ساڳي نياڻي کي پرائين ٻنين ۾ گاه لاءِ موڪلڻ تي فخر محسوس ڪيو پيو وڃي.....!!!!!
    ته پوءِ ڊٻائي آلين اکين سان ۽ تڙپندڙ روح سان ائين چوڻ تي مجبور ٿي ٿو پئي ته...
    متان ڌيءِ پڙهائين پوءِ غيرت نه رهنديئي...!
    ڪمزور اهڙا جي ايمان ٿيندا ....؟.
    ته ڇو ڪونه نسلن جانقصان ٿيندا...!!!

    جڏهن سنڌ ۾ هر شهر ۾ گم ٿيل ماڻهن لاءِ ڪيمپون نظر آيون ۽ هر گهر ۾ ماتم ڏسڻ ۾ آيو ۽ تعليمي ادارن اندر بهتر تعليم جي بجاءِ نياڻين سان زيادتيون ۽ انهن جا ڦاسيءِ جي ڦندي تي لٽڪيل لاش ملڻ شروع ٿيا ۽ اهڙي غليظ حرڪت تي يونيورسٽين جي انتظاميان کان وٺي حڪمرانن تائين ڪو ايڪشن کڻڻ جي بجاءِ ان سڄي نا حق تي اخلاق کان ڪريل ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ ان سڀني ڪيسن کي لوڙهڻ لاءِ خودڪشين جا ڊراما رچائڻ شروع ڪيا ويا ته پوءِ اتي ڊٻائي ان کي به قلم بند ڪيو ۽ ڀير تي ڏئونڪو هڻي ملڪي حڪمرانن کان وٺي سڄي عالمي برادري کان سوال ڪيو ته.....

    پڇون آخر پڇون ڪنهنکان،
    اسانجو ڏوھُ ڪهڙو آ.؟

    اسان ماڻھو نه مارايا…¡
    اسان ٽاور نه ڪيرايا…¡
    اسان ڪي طالبان آھيون؟
    نڪو ئي ٿيئڻ ٿا چاهيون؟
    ازل کان امن جا حامي
    ٻُڌايو ڪا ڏِٺَوَ خامي ؟
    اسان ڪو روس کي ٽوڙيو؟
    اسان ڪو روم کي ٻوڙيو؟
    خطا تن کي ته سمجهايو؟
    هٿن سان ملڪ جن جوڙيو.¡؟
    حشر ڇو غير جهڙو آ؟
    اسانجو ڏوھ ڪهڙو آ؟

    ڪوبه معقول جواب نه ملڻ تي ڊٻائي جي صبر جو پيمانو لبريز ٿيندي ٿو ڏسجي ۽ ضبط جا سڀئي بند ٽٽل ٿا ڏسجن ۽ اندر مان للڪار جي صورت ۾ آهه نڪرندي ٿي ڏسجي ۽ بي شاختا هيئن ٿو چوي....

    هي هيڏو انڌُ عليل ڏسِي …¡
    انسان سندِي تذليل ڏسي …¡
    حجاجِي قهر يذيديت آ…¡؟
    جي ماٺ رهان مونتي لعنت آ…¡


    جڏهن اڃان به جواب نه مليو ۽ اختيار ڌڻي انڌا, گونگا ۽ ٻوڙا جيڪي نه ٻڌڻ جي صلاحيت رکن!! نه ڪڇن ۽ ئي وري ڪا حقيقت ڏسي سگهن ۽ انصاف کي ايڏو مهانگو ڪيو وڃي جو مجبور ۽ لاچار ان تائين پهچ ئي نه رکي سگه. ...؟ ۽ نا انصافيون قانون جي شڪل اختيار ڪري وڃن......؟ ته پوءِ هڪڙو سنڌ جو يگانو عاشق هيئن چوڻ تي مجبور ٿو ٿئي.!

    انصاف جبل جي چوٽيءَ تي
    مسڪين اتي نه پڄي سگهندو
    قانون ته شينهن جي وات مثل
    ڪو هٿ انهي ۾ وجهي سگهندو…
    مجبور جو ڏاج مصيبت آ…¡؟
    جي ماٺ رهان مونتي لعنت آ…¡

    جڏهن ڏوه ثابت ٿيڻ کان پهرين ماڻهون قتل ڪيا وڃن ۽ قانون مخصوص ٽولي جي مفادن جي رکوالي ڪندو هجي ۽ مظلوم جي دانهن ٻڌڻ لاءِ به ڪو تيار نه هجي پوءِ ڊٻائي هيئن چيو ٿو چئي ڏي....

    هت مجرم کي ٿو مانُ ملَي…¡
    ۽ ملزم ماريو ويندو آ…¡¡؟
    قانون اميرن جو لونڊو…¡
    سوۡ اٿاريو ويهاريو ويندو آ…¡¡؟
    ڇا ايئين هوندي رياست آ…¡¡؟
    جي ماٺ رهان مونتي لعنت آ…¡

    جڏهن ڊٻائي ڏٺو ته انسان کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي...!!!! ۽ انهي جو مان مرتبو قبول نه ٿو ڪيو وڃي.....!!!! ۽ ڪتي کان به انسان جي اهميت گهٽجي وڃي....؟؟ لولَي ڪاڻ ماڻهون لوهون پائن ۽ نوجوان نياڻيون در در پنن ۽ بيمار ماءِ پيءِ جي دوا دارون لاءِ پنهنجون عزتون نيلام ڪن ۽ فٽپاٿن تي ٻار ڄمن..؟
    اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به اختيار ڌڻي کي ڪو احساس نه ئي ٿئي...!!!!!!! پوءِ يقينن ان سماج کي جيئرن جو قبرستان چئي سگهجي ٿو ۽ دٻائي پنهنجي شاعري ذريعي ان جي پت وائيکي ڪندي هيئن چيو آهي....

    انسان ڪٿي انسان هتي آ؟
    ڪُتن جهڙو مانُ هتي آ
    لولَي خاطر ساھ سڪن ٿا
    جيئرن جو شمشان هتي آ
    ۽ مُئَي کان پو۽ به ذلت آ…¡
    جي ماٺ رهان مونتي لعنت آ…¡

    جڏهن سماج ۾ چاپلوسي ۽ جيءِ حضوري عروج تي هجي ۽ هر شي نا جائز طريقي سان حاصل ڪرڻ جون خواهشون پروان چڙهي وڃن.....؟؟
    جتي اهليت جي لتاڙ ٿئي ...؟؟ جتي قابليت کي وساري ڪامياب ٿيڻ جون ڪوششون عروج تي هجن ۽ سچ جي بجاءِ قلم به ڪوڙ لکن ۽ پوءِ اهڙي صورتحال ۾ ڊٻائي جهڙو ماڻهون ماٺ ڪيئن ٿو رهي سگهي.

    چمچاگيري ڪري چڱن جي
    بوٽ چَٽَي ڪو افسر ٿيان مان
    ثنا ۾ لکجن نظم يا ڪالم
    قلم کپائي ڪڃر ٿيان مان
    پر دل چوندي بيغيرت آ…¡¡
    جي ماٺ ڪيان مونتي لعنت آ…¡

    جڏهن ظلم جي انتها ٿيندي آهي...؟؟ ۽ سور سهڻ کان وڌي ويندو آهي...؟ ۽ نوجوان گرم ڀاڪرن م ويهڻ جي بجاءِ پنهنجا ٿڌا ٿيل لاش ڌرتي کي آڇين ۽ مالڪن کي مزدوري تي به نه رکيو وڃي....؟؟ پوءِ اهڙين حالتن ۾ هڪڙي حساس ۽ ڌرتي جي پٽ تي ان قهر, انڌير ۽ نا انصافي کي للڪارڻ فرض عايد ٿو ٿئي.
    ۽ ڊٻائي به ان فرض کي پنهنجي قلم جي ذريعي غيرت جي مس سان هيئن اظهاريو آهي..

    ظلم جو انت ضرور ٿئي
    ٿو ڪونه سَٺو هي سور ٿئي
    ڳڀرن جا لاش ڊٻائي کَڻيَ …¡؟
    مالڪ هوندَي مزدور ٿئي…¡¡¡؟
    بغاوت ڪئي مون بغاوت آ…¡
    جي ماٺ رهان مونتي لعنت آ…¡
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو