علم، ادب ۽ معاشري جو سونهو فقير محمد لاشاري!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    علم، ادب ۽ معاشري جو سونهو فقير محمد لاشاري.

    سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي،

    ڪوڙ دوستي جو دم، بڻي نه بڻي.

    فقير محمد سنڌي

    فقير محمد لاشاري صحافت ۽ ادبي صحافت جي اهميت کي چڱي ريت ڄاڻي ورتو هو، پنھنجي اوسي پاسي سياسي، سماجي، مذهبي حالتن جو پورو پورو ادراڪ رکندڙ باشعور سجاڳ ذهن جو مالڪ، جيڪو هر وقت پاڻ سان گڏ معاشري کي سجاڳ رکڻ جو حوصلو ڏيڻ ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪامياب ٿيو.
    فقير محمد لاشاري رُڃَ جھڙي سماج ۾ جتي سياسي ڪشمڪش هجي، مذهبي انتھاپسنديءَ جو راڄ هجي، جاگيردار سماج جي عتابن جي خلاف بغاوت جي صورت ۾ قلم جي ذريعي پنھنجي جدوجھد کي لکڻين ۾ نمايان انداز ۾ پيش ڪيو. صحافت جي ميدان ۾ تمام ٿورا نالا آهن جن خوداريءَ سان پنھنجي فرض کي سرانجام ڏنو، انھن ۾ فقير محمد لاشاريءَ جو نالو نمايان طور تي نظر اچي ٿو.
    فقير محمد لاشاري غلاميءَ واري جمود کي ٽوڙي صحافت جي مينارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات هڪ ڪري دل ۽ جان سان محنت ڪري هڪ تندرست سوچ متعارف ڪرائي، اهو ايئن ته جيڪي فقير محمد لاشاريءَ جا لکيل ڪالم، ڪھاڻيون جنھن معاشري ۾ اڃا وڌيڪ سگهه جو واڌارو ڪيو، سماج کي ڪٿي به ڪمزور ٿيڻ ڪونه ڏنو. الاتاس ”مقامي ماڻهن جي ڪھاوت“ ڪتاب “The myth of Lazynative man conclon-1982” ۾ هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته،”ماڻهو فطري طور سست ۽ ڪاهل نه هوندو آهي، جڏهن هو پنھنجون بنيادي ضرورتون حاصل ڪري وٺندو آهي ته ان جي خواهش هوندي آهي ته هو اضافي شيون به حاصل ڪري ۽ تحفظ جي حال ۾ انهن مان لطف اندوز ٿئي. پر جيڪڏهن ڏاڍ جي مضبوط جڪڙ ان کان ان جي ڪمائي کسي وٺي ۽ ان جي بدلي ۾ کيس ڪجهه به نه ملي ته پوءِ هو سست ۽ ڪاهل ٿي پوندو آهي. هو فقط پنھنجون روز مرهه جون ضرورتون حاصل ڪندو آهي. اها بيحسي ايندڙ نسلن ۾ دائمي ٿي ويندي آهي. ان حد تائين جو اها انهن جي عادت بڻجي ويندي آهي.
    فقير محمد لاشاريءَ اهڙي موذي مرض ۾ وڪوڙيل قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ مور جي رڙ جو سھارو وٺي روزاني اخبار ”جاڳو“ ۾ ايڊيٽوريل لکي ڪافي هٿرادو اسپيڊ بريڪر ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، يا وري ايئن به لکيائين ته ”پرڏيھي پاليسي جي نئين اُڏام جيڪو 10-آگسٽ 1991ع جو لکيل آهي، ان جو ٿورو حصو اوهان جي نظر ڪندس ته، ”آمريڪا جي نئين عالمي نظام پاڪستان کي ڏهاڳ ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن افغانستان ۾ اسان وارو ”جھاد“ جاري هو، تڏهن ڀرپور هُشي پئي ڏنائون پر هاڻي پڇن ئي ڪونه ٿا. ”ڪڏهن پنھون ٿي ڌوتم ڪپڙا، هاڻي جت نه نين پاڻ سين.“
    فقير محمد لاشاري وٽ صحافت جو قلم هر وقت بلند رهيو، ملڪ جي هر مسئلي تي هن دل کولي لکيو، جيڪو اڄ جي دور ۾ صحافت ان پاسي کان ڪنَ لاٽارَ ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ عوامي مسئلا ڪر کڻي بيٺل آهن، انصاف ملڪ مان جلاوطن ٿي چڪو آهي، سنڌي صحافت به ڄڻ جلاوطني جي تياري طرف قدم اڳتي وڌائڻ شروع ڪيو آهي. بيورو ڪريسي ڪامورا شاهي، جاگيردار ۽ ڀوتار سڄي صحافت کي پھنجي ميراث سمجهي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي قوم تي نفسياتي وار مٿان وار ڪري رهيا آهن. منھنجي ملڪ ۾ ڄڻ ميرٽ جي ماءُ مري وئي آهي. يتيم ٻارن جي پيءُ ڪرپشن سان شادي ڪئي آهي، جنھن ڪري سڀني ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. اهو ان لاءِ ته صحافت جو مورال صفا هيٺين سطح تي ڪري پيو آهي.
    صحافت قوم جو آئينو آهي، ان جي آئيني کي ڪير ڪيترو ٿو صاف ڪري اها ڪٿ هن ملڪ جا فرد ۽ سڄاڻ انسان ئي ڪندا آهن. فقير محمد لاشاري جي دور ۾ صحافت کي شھيد ٿيڻ جو شوق هو، هاڻي ان صحافت غازي بڻجي پنھنجا سڀ اختيار ٻين جي وس ڪيا آهن، پاڻ آرائشي زندگيءَ مان مزو وٺي رهيا آهن.
    فقير محمد لاشاري جاڳو جي ايڊيٽوريل ۾ باصلاحيت ٿي پنھنجو موقف پيش ڪيو جنھن ۾، پاڪستان جي قسمت ٻاهرين هٿن ۾ ڇو؟، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، قومي تعليم سان دشمني، قوم سان دشمني، پوليس کي ماڻهن مارڻ جي اختيار جو فرمان، پاڪستان، مذهبي منافرت جي جنت، اسيمبليون ۽ هيروئن جا اسمگلر، سنڌ جي آدمشماري جو نئين سر اعلان ۽ خدشا، ايم ڪيو ايم متعلق وڌيڪ انڪشاف، اهڙا ڪافي ايڊيٽوريلس آهن، جن مسئلن تي فقير محمد لاشاري ان وقت قلم کنيو، اهي مسئلا اڄ هن ملڪ لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن. دنيا جو هر فڪر شرپسنديءَ کي روڪي ٿو ۽ انساني زندگيءَ کي امن بخشڻ جي پرچار ڪري ٿو. علامه اقبال جو شعر ٿو ياد اچي ته:
    جب تڪ نه هو سهل تجهه په زمين ڪي هنگامي،
    بُــــري هـــي مــسـتـيءِ انـديـشـه هـاءِ افـلاکــي.
    يعني ”اي انسان جيستائين تو پنھنجي زمين جي هنگامن کي پنھنجي لاءِ آسان نه بڻايو آهي، دنياوي زندگيءَ جا مسئلا حل نه ڪيا آهن، تيستائين تنھنجي آسماني عقيدن ۽ انديشن جي مستي بيڪار ئي نه پر خطرناڪ پڻ آهي.“
    فقير محمد لاشاري پنھنجي زندگيءَ جي سفر ۾ سدائين سونھون ٿي رهيو. تاريخ جي ورقن ۾ لاشاريءَ جو رت ست به شامل آهي. جيڪو 1985ع ۾ ”سگهارو همايله ۽ هيڻا ماڻهو“، ”ڌرتيءَ جي دانھن“ 1988ع، ”سنڌ جا سور“ 1988ع، ۽ ”سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق تائين“ 1993ع جھڙا انمول ڪتاب لکيا. فقير محمد لاشاري ٻاهرين ملڪن جا سفر به ڪيا جن ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ نيپال شامل آهن، جنھن سفر تي لاشاري ويو انهن متعلق ڪافي مواد قوم جي ورثي ۾ شامل ڪيائين. فقير محمد لاشاري 9- ڪتابن جو خالق هو.

    فقير محمد لاشارجي زندگيءَ جو خاڪو :

    ففقير محمد ولد محمد حسن لاشاري لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ 4 سيپٽمبر 1951ع تي جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، 1968ع۾ وارھ مان مئٽرڪ ڪيائين 1972ع ۾ لاڙڪاڻي مان بي ايس سي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي اڪنامڪس 1974ع ۾ ڪيائين 1979ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين، شروعات ۾ پيشي جي لحاظ کان ماستري سان وابستا رهيو، هن ان مول انسان جو وڇوڙو 17 جولاءِ 1993ع تي روڊ حادثي ۾ ٿيو، لانگ مارچ جي سلسلي ۾ لاهور کان اسلام آباد ويندي پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي حادثي جو شڪار ٿي. جنهن فقير محمد لاشاري هميشه لاءِ راھ رباني ورتي، آخري آرام گاهه گاجي کهاوڙ ۾ اٿس. فقير محمد لاشاري جي وڇوڙي کان پوءِ 1995ع تي ۾ صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن جي حڪومت پاڪستان پاران ستاره امتياز ڏنو ويو، 1999ع تي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ فقير محمد لاشاري جي ڀاءُ مرتضي لاشاري جي مدد سان فقير محمد لاشاريءَ جا لکيل ايڊيٽوريل سهيڙي رڃ جهڙي ۾ مور جي رڙ جي عنوان سان شايع ڪرايا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو